تازا ترين
  • *هالا جي بس اسٽاپ جي علائقي واسين جو حيسڪو زيادتين خلاف احتجاج *هالا: اٺن ڏينهن کان علائقي ۾ بجلي جي نه هجڻ تي علائقي واسي ۽ دڪاندار روڊن تي نڪري آيا *حيسڪو خلاف احتجاج ڪندڙن پاران مين روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيندي روڊ بلاڪ*
  • *ڄامشورو: شورا ڳوٺ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي مبينا قبضي جي ڪوشش *سنڌ يونيورسٽي جو عملو ڪم بند ڪرائڻ لاءِ پهتو ته بااثرن حملو ڪيو: مئنيجر اسٽيٽ رفيق بروهي *بااثرن جي حملي ۾ يونيورسٽي جا2 ملازم پيارو ڏاهاڻي ۽ گل محمد ڏاهاڻي تي زخمي ٿي پيا: مئنيجر اسٽيٽ *منهنجو ننڍڙو پٽ گهر ٻاهران بيٺو هو ته رفيق بروهي ۽ سندس گارڊ تشدد ڪيو: رستم جوڻيجو *يونيورسٽي جي زمين تي قبضي خلاف سوٽا ۽ سيوا تنظيمن طرفان احتجاج *
  • *سڪرنڊ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج *احتجاج دوران گرمي سبب هڪ آبادگار بيهوش ٿي ويو، اسپتال منتقل *آبادگارن ايريگيشن آفيسر جي ڪرسي تي پوتي ۽ ٽيبل تي چوڙيون رکي نعريبازي ڪئي *شهباز شاخ، راهب شاهه شاخ ۽ سڪرنڊ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: آبادگار *
  • *شاھپورچاڪر: رورل هيلٿ سينٽر ۾ جو هڪ ٻيو ملازم ڪورونا جو شڪار *رورل هيلٿ سينٽر جي ليب اسسٽنٽ جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، گهر ۾ آئيسوليٽ *شاهپورچاڪر ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو *
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *
  • *ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ريفرنس: آصف زرداري طرفان فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت *آصف زرداري ڪورونا ۽ ٻين بيمارين سبب پيش نٿو ٿي سگهي: وڪيل جي احتساب عدالت کي آگاهي* احتساب عدالت طرفان آصف زرداري مٿان وڊيو لنڪ ذريعي فردم جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو * آصف زرداري سوڌو 14 جوابدار 4 آگسٽ تي طلب، نيب کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت *
  • *ميرپورخاص: رحيم نگر مان مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي گھران نڪتل ناري ٿاڻي تي پهچي وئي *19ورھين جي ناري راڻي لاگھاڻي سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي پھچي وئي *مڙس سان ھاڻي گڏي رھڻ نٿي چاھيان: ناري راڻي لاگهاڻي *ناري جي مڙس جي چاچي نبي بخش لاگھاڻي ناري جي گم ٿيڻ بابت ٿاڻي تي درخواست ڏني ھئي *
  • *قبوسعيدخان وجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، 2 ڄڻا زخمي *ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شهداڪوٽ اسپتال منتقل*

ڪتاب ڪرائسس آف وومين ان 21 سينچري تي تبصرو …ليکڪ: فرزانه چانڊيو تبصرو: عامر جوڻيجو

ڏسجي ته عورت هر معاشري ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ پُٺتي پيل ۽ گهڻي ڀاڱي هيسايل، سماجي روين ۽ اڻبرابريءَ جي بار ۾ دٻيل رهي آهي، سندس پيڙائن ۽ دردڪٿائن توڙي وارتائن جا قصا سڀني جي سامهون رهيا آهن، اهو به الميو رهيو آهي ته عورتن سان پيش ايندڙ واقعن، سماجي روين ۽ ٻين قصن کي هميشه لِڪ يا ڳجهه ۾ رکيو ويندو آهي اِهو ئي سبب آهي جو اڄ ايڪيهين صديءَ ۾ به عورتن سان ساڳيو ٻه رخيو ۽ اڻ برابريءَ وارو رويو روا رکيو پيو اچجي. فرزانه چانڊيو انهن ليکڪن مان هڪ آهي جنهن پڙهائيءَ واري عمل دوران ئي پنهنجي جنس سان ٿيندڙ متڀيدي سلوڪن کي ويجهڙائيءَ سان محسوس ڪيو ۽ هو مختلف پيڙائن مان گذري آخرڪار قلم کڻڻ تي مجبور ٿي ۽ ايڪيهين صديءَ ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم جي قصن کي هڪ ڪتابي شڪل ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، سندس لکڻين ۾ لفظن جي مضبوط بيهڪ ۽ ادبي لحاظ سان پڻ خيال رکيو ويو آهي. هُن عورتن سان اڄوڪي سماج ۾ ٿيندڙ تشدد کان وٺي هر رويي ۽ درد کي ويجهڙائيءَ سان محسوس ڪيو ۽ پرکيو آهي ۽ پنهنجي امڙين، ڀينرن ۽ سماج جي هر عورت جي درد کي پنهنجو درد تصور ڪيو آهي، تڏهن ئي سندس لکڻين ۾ عورتن سان ٿيندڙ ورتاءَ ۽ سماجي روين جي بهتر نموني عڪس چٽجي رهيو آهي.
فرزانه چانڊيو نئين ٽهيءَ جي منفرد ۽ واحد ليکڪه طور سامهون آئي آهي جنهن 23 سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ ئي عورتن جي مسئلن ۽ ساڻن ٿيندڙ ظلم بابت پنهنجي مادري ٻوليءَ کان هٽي ڪري انگريزي ٻوليءَ ۾ “Crisis of Women in 21th Century” ڪتاب لکي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي، جنهن کي تمام گهڻي مڃتا ملي رهي آهي. ليکڪه پنهنجي ڪهاڻين توڙي پيش لفظ ۾ واضح طور چيو آهي ته 21هين صديءَ ۾ به عورتن سان اهڙو ئي رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو جهڙو اسلام کان اڳ جي دور يا ٻين اونداهيءَ جي دورن ۾ رکيو ويندو هو. سندس مطابق عورت اهڙي حساس هُجي ٿي جنهن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. هُن پنهنجي ڪهاڻين ۾ عورتن کي صحت جي بهتر سهولتن سميت رهنمائي ۽ مشورن جي ذريعن جي اڻاٺ کي بيان ڪيو آهي، ايسيتائين جو عورتن کي ايمرجنسي جي صورت ۾ مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اسپتالن تائين پهچائڻ جي واقعن کي واضح ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورتون رُڳو گهر ڌياڻيون ئي آهن کين آمدني جو به ڪو ذريعو ناهي يا کين محروم رکيو ويو آهي ان ڪري ئي هوءَ مفلسي ۽ مسئلن جو شڪار رهن ٿيون. اهڙي ريت خانداني فيصلن ۾ به عورتن کي نظرانداز ته ڇا پر گهڻي ڀاڱي پري رکيو وڃي ٿو.
فرزانه چانڊيو پنهنجي ڪهاڻين جي هن ڪتاب ۾ هڪ ڊانسر ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي ۽ درد ڪٿا بيان ڪئي آهي جنهن کي ڪهڙي نموني اسپتال مان ننڍي لاءِ اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ جواني اچڻ شرط ئي سندس اکيون هڪ بدپيشي واري گهر ۾ کُلن ٿيون جتي کيس بدپيشي تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. اهڙي ريت هڪ اُها ڇوڪري جنهن جي ماءُ کي ڪوڙي الزام هيٺ قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪهري ريت هوءَ وڏي ٿي سماج ۽ مائٽن سان مهاڏو اٽڪائي ٿي..؟ ڪتاب ۾ انوکيون ۽ حقيقت تي ٻڌل ڪهاڻيون به شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾ هڪ اهڙي تنها عورت جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي جيڪا شادي شده هوندي به پاڻ کي اڪيلو سمجهي ٿي. اهڙي ريت هڪ طلاق يافته عورت جنهن کي هڪ گهر کانپوءِ ٻيو گهر يعني هڪٻئي پٺيان ٻه ٽي مصيبتون سامهون اچن ٿيون ۽ آخرڪار هوءَ سماجي روين ۽ ظلم کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏي ٿي..
نوجوان ليکڪه فرزانه چانڊيو هن ڪتاب جي لکڻين ۾ هر قسم جي عورتن سان ٿيندڙ مختلف ظلمن ۽ مصيبتن کي ويجهڙائيءَ سان مشاهدو Observe ڪري ۽ Investigate ڪري بيان ڪيو آهي جنهن ۾ سچيون ڪهاڻيون به شامل آهن ۽ ڪهاڻين کي گهرائيءَ سان پڙهڻ سان درد ۾ اکيون تري اچن ٿيون. آئون سمجهان ٿو ته جهڙي نموني فرزانه چانڊيو معاشري جي اٽڪل هر طبقي سان واسطو رکندڙ عورتن ۽ خاص طور تي نوجوان ڇوڪرين جي زندگي، رهڻي ڪرڻي، ساڻن پيش ايندڙ واقعن، سماجي اڻبرابري ۽ ناانصافين توڙي تشدد جي واقعن کي قدرتي ڏات ذريعي ورقن تي چٽيو آهي، آئون سمجهان ٿو جيڪڏهن هر ٻي عورت پنهنجي ويجهڙائي ۾ رهندڙ مظلوم ۽ بي پهچ عورتن جي درد کي سمجهندي سندن آواز بڻجن ته عورتن سان 21هين صديءَ ۾ ٿيندڙ ظلم جون وارداتون گهٽجي سگهن ٿيون ۽ سندن دردن جو درمان به ٿي سگهي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *