تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڪتاب پڙهو، علم وڌايو !! … عذير عابد

ھر روز مختلف ٻولين ۾ مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب ڇپجن ٿا ـ ڪتابن ذريعي ماڻھو کي علم ملي ٿو ,سمجھ ۽ شعور جي پرورش ٿئي ٿي ,سوچڻ جو انداز ۽ ڳالھين بابت مختلف تجزيو ۽ عالماڻا انداز سان ڏسڻ جي اک پيدا ٿئي ٿي، ڪتاب ظاھري طور ڪجھه پنن تي مشتمل ھڪ جلد آھن پر جڏھن اسان ان جلد کي کوليون ٿا ته ان اندر ھڪ پوري ڪائنات ھجي ٿي ,پر ان ڳالھه جي به اھميت آھي ته توھان ڪتاب ڪھڙي قسم جا ٿا پڙھو, مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇپجن ٿا ـھڪڙا ڪتاب اھڙا ھوندا آھن جن مان اسانکي علم ملندو آھي ,ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو آھي ,اھڙا ڪتاب ڪن تاريخي موضوعن بابت ھوندا آھن جنھن مان اسان ماضي ۾ جھاتي پائيندا آھيون ـ ماضي جي باري ۾ پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا آھيون ـ ٻيا ڪتاب وري منطق (Logic) ,عقل يا ريزن جي باري ۾ ھوندا ,اھڙا ڪتاب اڪثر فلسفي جي موضوع ھيٺ اچي ويندا آھن,اھڙا ڪتاب فطرت ۾ جيڪي واقعا ٿين ٿا ,انسان جي شعوري نشونما ٿئي ٿي ـ ذھن سازي جو عمل ڪيئن ٿئي ٿو جھڙن سوال تي ڳالھائيندا آھن ـ ان کان علاوھ ڪي ڪتاب اھڙا به ھوندا آھن جيڪي انسان جي ڪيفيتن ,مايوسي ,تنھائي ,خوشي غم ,محبت ۽ نفرت جو اظھار ڪندا آھن ـ ڪھاڻين ,ناولن يا شاعري جي ڪتابن ۾ اھڙيون ڪيفيتون بيان ٿيل ھونديون آھن پر ڇا سڀني ڪتابن ڇاپڻ جو مقصد انسانن جي زندگي ۾ آسائشون پيدا ڪرڻ , ماڻھن کي ڄاڻ ڏيڻ آھي ,روشن خيال ۽ ترقي پسند گس ڏسڻ آھي ـ سرمائيدار دنيا ۾ ڪتاب سميت دنيا جي ھر شي بازار جو وکر ھجي ٿي، ڪمائي جو ذريعو ھجي ٿي ـ ھر روز جيڪي ڪتاب ڇپجن ٿا ڇا اھي سڀ ڪتاب روشن خيال ۽ انسان دوست فڪر بابت لکيل آھن ,ڇا اھي سڀ ڪتاب علم ۽ سمجھه کي ھٿي ڏيڻ لاءِ ڇپرايا وڃن ٿا ,ـ ڇا اھي سڀ ڪتاب شعوري نشو نما ڪن ٿا ـ
اسان کي اھڙا ڪتاب به ملن ٿا جيڪي علم سان نه پر جھالت سان ڀرپور آھن ,اسانکي اھڙي قسم جو ادب به ملي ٿو ,جيڪو فاشزم کي اظھاري ٿو ,جيڪو انتھا پسندي کي جنمي ٿو,جيڪو چوي ٿو ھي دنيا مانجھندي جو ماڳ آھي ,ھي زندگي صرف ھڪ امتحان آھي ,اصل زندگي اڳتي آھي ,تنهڪري مزاحمت نه ڪريو ,غلط کي غلط ن چئو ,اھو ڪم اسانجو ناھي ـ ملائڪ پاڻ پڇاڻو ڪندا ,اسان ڪير ٿيندا آھيون ڪنھن کي برو يا ڀلو چوڻ وارا ,اسان پاڻ ڪھڙو کير سان ڌوتل آھيون ,يعني اھڙو ادب ۽ اھڙا ڪتاب اسانکي سمجھائن ٿا: ظلم سھو ,ڪجھه به نه ڪڇو ,حالتن کي تبديل نه ڪيو ,اھي حڪمران اسانجي قسمت ۾ آھن ,ڌڻي تعالي انھن جي عزت ڪئي آھي ,اسان ڇو انھن جي خلاف ڳالھايو ـ اڳي جھان ۾ پاڻھي حساب ٿيندن ـ اھڙا ڪتاب اسان کي جاهل بڻائين ٿا ,بي عقل ٿا ڪن ,سمجهھ ۽ شعور اسانکان ڇني ٿا وٺن ـ تنهنكري اھا اسانکي چونڊ ڪرڻي آھي ت اسان اھي ڪتاب ن پڙھون جن ۾ صدين جي جھاليت لڪل ھجي پر اسان اھي ڪتاب پڙھون جن ۾ انسان دوست ۽ سماج جي تبديلي جو فڪر ھجي ,جيڪي ڪتاب اسانکي وڙھڻ سيکارن ,حق گھرڻ سيکارن ـ اسانجي شعوري واڌ ويجهھ ڪن ,سوال پڇڻ سيکارن ,جواب ڏيڻ سيکارن ,انسان جي عظمت جا داستان ٻڌائن نه ڪي اھي ڪتاب جيڪي اسانکي مايوس ڪن ـ ڪنھن ڏاھي چيو آھي : سٺا ڪتاب نه پڙھو ,زندگي مختصر آھي بھترين ڪتاب پڙھو ـ
ڪو به ليکڪ ڪھڙي به موضوع تي لکي پر ھو ڪنھن نه ڪنھن فڪر ,سوچ ,مذھب,قوم يا طبقي جي مفادن کي اظھاريندو آھن ,اسانکي ليکڪ جي لکڻي جي سحر ۾ گرفتار ٿي انجي فڪر کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي, ڇو ته ڪتاب ذھني عياشي ھجڻ سان گڏ اسانجي شعور ۽ سمجھه جي واڌ ويجهھ جو ڪم ڏين ٿا پر ٻي طرف اھي ڪتاب ۽ تحريرون آھن جيڪي ماڻھون کان ذھني قوت ۽ تخليقي صلاحيت کسي ٿيون وٺن ,ان لاء راحت اندوري لکيو ھو :
جھالتون ڪي اندھيرين مٽا ڪي لوٽ آيا
آج مين ساري ڪتابين جلا ڪي لوٽ آيا ـ
ھر دور جون پنهنجون گھرجون ۽ ضرورتون ھونديون ,ھي دور علم جو دور جو آ ,سائنس ٽيڪنالاجي ۽ جھموريت جو دور آھي ـ ھن دور ۾ طاقتور ماڻھو اھو آھي جيڪو علم جي خزانن سان مالا مال آھي جنھن کي ڳالھ ڪرڻ ۽ سمجھائڻ اچي ٿي ن ڪي اھو ماڻھو جيڪو چوي : توھان کي منهنجي ڳالھه سمجھه ۾ نه ايندي ـ منھنجون ڳالھيون سمجھدار ماڻھن لاءِ آھن ـ ڏاھن ماڻھن لاءِ آھن ـ اھڙا ماڻھو حقيقتن پاڻ علم دشمن ماڻھو آھن ,ھو ماڻھو کي غلام ڪرڻ گھرن ٿا ۽ ماڻھن کي جھايل بنائڻ ٿا چاھن تنھنڪري اچو ته علم جي خزانن سان مالا مال ,ترقي پسند ,روشن خيالن ۽ آزادي جي فڪرن سان ڀرپور ڪتاب پڙھو پر عورت دشمن ,انسان دشمن ,شعور دشمن ۽ جھاليت جي پرچارڪ ڪندڙ ڪتابن کان پري ڀڄون ـ
لکڻ زندگي ,زندگي ڪيئن ڇڏجي
پڙھڻ بندگي ,بندگي ڪيئن ڇڏجي
ڏکي کان ڏکيو عشق اکرن جو آ
رکي دوستي ,دوستي ڪيئن ڇڏجي (استاد بخاري )

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *