تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪتاب ٽيچر کان ٽرينر تائين استادن کي ماهر بڻائي سگهي ٿو …عائشه خان

عمر عزيز جو گهڻو عرصو پڙهڻ، پڙهائڻ، سکڻ، سيکارڻ ۾ گذريو. مطالع جو جنون به ڪنهن حد تائين ذهن تي رهيو. ويجهڙائي ۾ نالي واري جڳ مشهور ٽرينر قاسم علي شاھه جي ذاتي فائونڊيشن مان هفتي کن جي لڳاتار ٽريننگ ڪري آيس، وري اڳتي وڌڻ ۽ مطالعي جو جذبو وڌڻ لڳو، ڪوبه ڪتاب ورچڙهيو رات ڏينهن هڪ ڪري پڙهي پورو ڪيم، تازو قاسم علي شاھ جو مشهور ڪتاب“ ٽيچر کان ٽرينر تائين“ پڙهي پورو ڪيم. قاسم علي شاھه جهڙو تقرير جو ماهر اهڙوئي تحرير جو ماهر طور مقبول آهي. هن ڪتاب کان پهرئين سندس ڪيتريون ئي شاهڪار لکڻيون، ڪتاب آئون مڪمل پڙهي چڪي آهيان، سندس ننڍڙي ڪاوش ڪتاب ”اوهان جا ٻار“ ۾ هن ٻارن جي تربيت جي حوالي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته والدين، استاد ٻارن جي تربيت جي حوالي سان ڏاڍا پريشان آهن. حقيقت ۾ هن ڪتاب ۾ هن ٻارن جي تربيت جي حوالي سان گهڻا ڪجھه گُر لکيا آهن. جيڪي والدين ۽ استاد جي گهڻي رهنمائي ڪري سگهن ٿا. خير ڪتاب، ”ٽيچر کان ٽرينر تائين“ ۾ شروع کان آخر تائين ترتيب سان پنهجي ذاتي تربيت تي زور ڏنو ويو آهي. هر انسان کي پنهجي شعبي ۾ ماهر بنجڻ جا گر بيان ڪيل آهن، هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ پتو پوي ٿو ته پهرين پنهجو جائزو وٺڻ گهرجي پوءِ پنهجي مقصد کي سمجهڻ گهرجي پوءِ پهنجي پسنديده موضوع کي ذهن ۾ رکي، اڳتي پنهجي مقصد ۾ ڪيترائي ماهر بڻجڻ لاءِ خوبصورت مفيد مشورا ڏنل آهن، ماهر بڻجڻ لاءِ ٽي بنيادي ڳالهيون ذڪر ڪيل آهن.
هڪ ته هو نتيجن جو ماهر هجي، ٻيو هو تحقيق جو ماهر هجي، ٽيو هو عملي نموني سان رول ماڊل به هجي. ماهر جي پنهجي ساک برقرار هجي. جنهن جي شخصيت کان ماڻهو متاثر ٿي ڪجھه سکن ماڻهو پهنجن مشڪلاتن ۽ پريشانين جو حل ڪڍي سگهن. انهي سان گڏ و گڏ مواد به معياري هجي، ترتيب پروگرام وارو گر به ڄاڻندو هجي جيئن ته ويب سائٽ، فيس بڪ، واٽس اپ گروپ وغيره ذريعي مفت ۾ مواد فراهم ڪيو وڃي. هڪ ماهر کي ڪجهھ معاونن جي مددگار جي ضرورت پوندي آهي جنهن ۾ خدمت خلق جو جذبو هجي.هڪ ماهر کي پنهجي مٿان پڪو يقين هجي پنهجي صلاحيت ۽ قابليت کي پهرئين هڪ جاءِ تي لڳائي جيئن اهو ادارو مڪمل طريقي سان ڪامياب ٿي سگهي.
ڪتاب جي آخر ۾ هڪ ماهر ۾ هي صلاحيت به هجي جنهن ۾ سکڻ اڳتي وڌڻ جي تڙپ رهي. تقرير ۽ تحرير جو جذبو هجي. ماڻهن سان ميل ميلاپ جو انداز مقبول هجي. پروگرامن جي ترتيب جو به فن هجي اعلٰيٰ سوچ جو مالڪ هجي، قول ۽ فعل ۾ ڪو فرق نه هجي، مٿي ذڪر ڪيل سڀئي گُر ڪاميابي لاءِ مڪمل حدف آهن.
ليکڪ قاسم علي شاھه پنهجي زندگي جا تجربا مشاهدا هن ڪتاب ۾ سڀ ذڪر ڪيا آهن. جيڪي هڪ نئين سيکڙاٽ لاءِ ڪافي راھه هموار ڪري سگهن ٿا. ليکڪ پر خلوص، نيڪ نيتي سان ڪتاب تي هڪ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي.آخر ۾ آئون اهو عرض ڪنديس ته هن ڪتاب جي مطالعي سان نوان سيکڙاٽ ڪافي فائدو حاصل ڪري سگهندا. انهن جي محنت رائگان نه ويندي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *