تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

ڪاگوشيما جون يادون ۽ تبليغي….ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو

ڪاگوشيما ڪنھن به وڏي شھر جھڙوڪ ٽوڪيو، اوساڪا، فڪوڪا، ھيروشيما جي ڀيٽ ۾ ننڍو شھر آھي ۽ ماضي ۾ روايتي سمورائي رياست رھيو آھي، جنھن کي ساتسما سيندائي سڏيو ويندو ھيو. پنهنجي ڏاکڻي بيھڪ ۽ سمورائي تاريخ جي ڪري ھي شھر جيتوڻيڪ ترقي ۾ ته ڪنھن به سڌريل شھر جھڙو آهي پر ماڻھن جا رويا انتهائي روايتي رهيا آھن ،جنھنڪري جيڪي به ٻاهريان ماڻهو آهن جيڪي اتي رهن ٿا انھن به پاڻ کي سماجي روايتن جو پابند رکيو. شروع ۾ پاڪستان مان فقط ٻه شاگردياڻيون هيون جن ۾ ھڪ مان ۽ ھڪ نورين ھئي، جيڪا راولپنڊي جي ھئي. مان ڪاگوشيما يونيورسٽي جي فشريز فيڪلٽي ۾ هيس ۽ نورين ميڊيڪل فيڪلٽي ۾ پڙهائي ڪري رهي هئي. نورين جيئن ته وڏي ڪٽنب ۾ رھي انڪري ھو ھميشه ماڻھن کي گڏ رکڻ ،دعوتون ڪرڻ، عيد ملن، ون ڊش پارٽيون رکڻ ۾ رڌل ھوندي ھئي. انھن پارٽين ۾ اسانجون پاڪستاني فيمليز شريڪ ٿينديون ھيون.
انهن خاندانن ۾ لاهور جا ٽي راجپوت ڀائر هئا جن مان ٻه ڄڻا ڊاڪٽر انور ۽ افضل ميڊيڪل فيڪلٽي ۾ ھيا. ھڪ انجنيئرنگ فيڪلٽي ۾ ھيو، ۽ انهن کانسواءِ هڪ سوات جو رهواسي حفيظ الرحمان بنگش ھيو جيڪو ھن مھل ڪاگوشيما يونيورسٽي ۾ جيالاجي جو پروفيسر آهي. ان کانسواءِ پشاور مان طاھر ڀائي ھيو جنھن جي گھرواري سيما اسانجي پڪي ۽ سٺي سهيلي هوندي هئي.
ھن جي حرڪتن ،عادتن ،معصوميت ۽ بيوقوفين تي ھڪ پورو چيپٽر لکي سگھجي ٿو.
اسان (مان ۽ نورين ) ڪوشش ڪندا هياسين ته انهن فيمليز کي ڳنڍي هلون. پوءِ اسان ھاسٽل ۾ ھر هفتي موڪل واري ڏينهن پارٽيون پيا ڪندا ھياسين. هاسٽل جوھال اڪثر اسان جي استعمال ۾ئي هوندو ھيو.
مٿي ذڪر ڪيل سڀئي پاڪستاني هاڻي جاپان جا مستقل شھري آهن. انهن کان علاوه بزنس ڪميونٽي وارا ڪافي پاڪستاني ڪاگوشيما ۾ سيٽلڊ آهن جن مان اسانکي سڀني کان ويجھا سهيل ڀائي ۽ انجي گھر واري ھيا. هي ڪراچي جي اردو ڳالھائيندڙ فيملي آهي جنهن سان اسانجي ملاقات ھڪ افطار پارٽي ۾ ٿي هئي جيڪڏهن اڄ به مان ڪنهن جي آسري ڪاگوشيما وڃان ته اهي بشرا ۽ سهيل ڀائي ھوندا. انهن جو استعمال ٿيل ڪارن جو ڪاروبار آهي. انکان سواءِ پروفيسر حفيظ الرحمان بنگش به پنهنجي مزاج ۾ قانون جي پاسداري ڪندڙ ۽ انتھائي خيال رکڻ وارو انسان آھي.جاپان جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ ڏھه سالن تائين ٽيڪس پياريندڙ جي حيثيت سان جاپان ۾ رھڻ کانسواءِ ضروري آهي ته ڪا به ننڍي ڪا وڏي قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪجي، گهر پاڙي شهر ۽ روڊ سان لاڳاپيل سڀني قانونن تي عمل ڪيو وڃي.
هي سڄي تمهيد مان ھڪ ننڍي واقعي جي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ ٻڌي آهي .
اسان کي ڪاشيما يونيورسٽي ھڪ سال لاءِ يونيورسٽي هاسٽل ۾رهائيندي آهي ان کانپوءِ ھر ڪنھن کي اپارٽمينٽ ۾ شفٽ ٿيڻو پوندو آهي. منهنجي فيڪلٽي جيئن ته شھر جي سينٽر ۾ هئي. انڪري اتي اپارٽمينٽ ٻين علائقن کان مھانگا ۽ ملڻ به مشڪل ھيا. مونکي فيڪلٽي کان ڏهن منٽن جي واڪ تي ھڪ ڪمري جو اپارٽمينٽ ڏاڍي مشڪل سان مليو هيو جيڪو مھانگو به وڌيڪ هيو. بھرحال ھڪ ڪميونٽي گڏجاڻي دوران لاهور وارن مان ڪنھن ذڪر ڪيو ته ڪجهه ڏينھن ۾ تبليغي جماعت ڪاگوشيما ايندي انھن جي رھائش جو بندوبست ڪرڻو آھي. ان وقت ته ڪاگوشيما ۾ ڪا به مسجد نه ھئي يونيورسٽي انتظاميا ڊورميٽري جو ھڪ ڪمرو اسانکي مسجد طور استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنو هيو. جتي نماز پڙهي ويندي هئي ۽ رمضان ۾ افطار پارٽين ۽ تراويح لاءِ ھاسٽل جو ھال بڪ ڪرايو ھيو.
بهرحال تبليغي جن جا ميزبان اسان جا لاهوري ڀائر ھيا اهي چاھين پيا ته کين ڪير پهنجي گھر ۾ رهائي. انھن سڀني ڀائرن جاگهر وڏا ھيا جيتوڻيڪ شھر کان پري ھيا پر سڀني وٽ پنهنجون گاڏيون به هيون. پهرين انھن نورين کي چيو پر جيئن ته نورين جي فيڪلٽي به شهر کان ڪافي پري ساڪراگائوڪا ۾ ھئي، انڪري آخري فيصلو اھو ٿيو ته تبليغي مهنجي گھر ۾ رھندا جيڪو انتھائي ننڍوگهر هيو ۽ تبليغي تقريبن ڏھه ڄڻا هئا. ۽ان کانسواءِ ٻاهرين لاءِ مقرر ٿيل سرڪاري سپاهي به منهنجي غير موجودگي ۾ منهنجي گھر جو واءُ سواءُ لهي ويندو ھيو. اسان سڀيئي ھن جاسوس جنھن جو نالو اريمتس سان ھيو کي سڃاڻيندا ھياسين جو ھو اڪثر شاگردن کي شفٽنگ دوران ڪم ايندو ھيو. منهنجي واشنگ مشين به هو منھنجي غير موجودگي ۾ منهنجي گھر جي ٻاھران هو ئي فڪس ڪري ويو ھيو.
بهرحال اسانجا پاڪستاني تبليغي جماعت وارا ٽي ڏينھن منھنجي گھر ۾ رھيا۽ مان اھي ڏينھن نورين وٽ وڃي رھيس. پاڪستاني ۽ بنگالي مسلمان انھن جي کاڌي پيتي جو خيال ڪندا ھيا ۽ ھو نماز مھل لڪي ٻن ٻن جي ٽولين ۾ ھاسٽل واري عارضي مسجد ۾ ويندا ھيا.
ان سڄي مھمان نوازي ۾ اسانجي مصري، جارڊينين مسلمان ڀائرن پاڻ کي لاتعلق رکيو جو اها روايت ھندستان جي آهي. جيتوڻيڪ انھن جي باري م اريمتس سان (جاپاني جاسوس) مونسان ڪڏھن به ذڪر نه ڪيو پر مونکي يقين آهي ته جي مان اتي رھي ڪري ڪڏھن شهريت لاءِ ڪوشش ڪيان ھا ته تبليغين کي گهر ۾ رهائڻ ھڪ نيگيٽو پوائنٽ هجي ھا. منهنجي لاهوري ڀائرن جن تبليغين کي گھرايو ھيو انھن انڪري اھي تبليغي مون وٽ رھايا جو انھن کي شھريت وٺڻي ھئي جيڪا کين پهرين ڪوشش ۾ ئي ملي ويئي ملي. ان کي چئبو آهي ٻئي جي ڪلھي تي رکي نيڪي ڪرڻ ۽ نيڪي جي ناڪاري اثرن کان پاڻ کي بچائڻ. ان کان پوءِ منهنجي پاڙي وارو ريٽائر فوجي سدائين مونکي ڏسي ڏند ڪرٽيندو رھندو هو.

This entry was posted in Soormi. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *