تازا ترين
  • مٺي: ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نـ آيو،وڌيڪ 3 ٻار فوت*
  • سنڌ جا وزير خانگي اسپتالن ۾ ڇو داخل آهن: نصرت سحر جو اسيمبلي ۾ خطاب*مرتضيٰ بلوچ جي جنازي نماز ۾ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪري هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي:نصرت سحر*سنڌ حڪومت جا 8 ارب خبر ناهي ڪٿي خرچ ٿيا: نصرت سحر*
  • *گهوٽڪي ۾ هٽايل ميونسپل چيئرمين پاران بحالي لاءِ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل *عدالت پاران چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس *سنڌ حڪومت کي اختيار ئي ناهي جو چيئرمين کي هٽائي سگهي: درخواست *
  • *ملڪ جي صدر کي به راءِ ٺاهڻ لاءِ قانوني مدد هجڻ گهرجي، اهو ذهن ۾ رکيو وڃي ته ڪيس تي ڪارروائي جا سنگين نتيجا هوندا: سپريم ڪورٽ*
  • *ٽرانسپورٽ واري وزير پاران ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس *سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي اپيل آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪرائين: اويس شاهه *جن ضلعن ۾ ٽرانسپورٽرز ايس او پيز تي عمل نه ڪندا ته ڪارروائي ٿيندي: اويس شاهه *
  • *ميهڙ ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي ٿي پيا *ڳوٺ جوڙو لاکير ۾ لاکير برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو *ظفر،مظھر، حسين، عبدالله، وسيم، سعيد ۽ اظھر لاکير کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *پنگريو ڀرسان زمين جي تڪرار تان ترڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 8 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٽن عورتن سميت 8ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻاررن ۽ عورتن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*
  • *ٽنڊوباگو ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو،8ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *ڳوٺ علي ترڪ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 4 عورتن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا *
  • وارهه ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن فوت ٿي ويو *ماستر لاڙو وٽ حادثي ۾ پيرسن غلام مصطفيٰ گوگاڻي چانڊيو زخمي ٿي پيو *زخمي پيرسن لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*

ڪاوڙ ۾ شادي … همير گاد

ڪجھه ڏينهن پهريان هڪ نيوز پڙھي ته پاڪستاني اداڪاره ۽ هدايتڪاره سنگيتا پاڪستان جي ڪيترين ئي فلمن ۾ ولين جا رول ادا ڪندڙ اداڪار همايون قريشي سان ڪاوڙ ۾ شادي ڪئي هئي..جي ها بقول سنگيتا جي اها شادي محبت جي بلڪل نه هئي پر اها اهڙي شادي هئي جيڪا مون غصي ۾ ڪئي هئي، مان ننڍي عمر جي هيس ۽ منهنجي ماءُ سان ڪنهن ڳالھه تي جهيڙو ٿي پيو هو ۽ پوءِ آئون سڌو شوٽنگ تي هلي ويس اُتي موجود ساٿي اداڪارن مان صرف همايون قريشي ويٺو هو جنهن کي مون شادي جي آڇ ڪئي هئي.ڪمال آ جيڪڏهن اُتي همايون قريشي جي جاءِ تي رنگيلو ويٺو هجي ها ته…؟
صرف سنگيتا ۽ همايون قريشي ئي نه پر پاڪستان فلم انڊسٽري جي ماضي جي اداڪارن حبيب ۽ نغمه به ڪاوڙ ۾ شادي ڪئي هئي. ڪاوڙ ۽ غصي ۾ طلاق جو ته ٻڌو هو پر غصي ۾ ماڻھو شادي ٿا ڪن اهو پهريون ڀيرو ٻڌو آ.
منهنجو دوست ڌنو به اڄ ڪلھه گهروارن کان ڪاوڙيو ويٺو آ.چئي ٿو منهنجي جلدي شادي ڪرايو، منهنجي سون جهڙي جواني گذرندي ٿي وڃي. مالڪن کي ڌمڪي ڏني اٿائين ته لاڪ ڊائون ختم ٿئي يا نه ٿئي، مان عيد کان پوءِ هر حال ۾ شادي ڪندس.عيد کان پوءِ جيڪڏهن منهنجي شادي نه ٿي ۽ منهنجي ڪاوڙ ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيو ته آئون ٻه شاديون گڏ ڪندس. مون ڌنو کي چيو: ڌنو خير ته آھي، ٻه شاديون ڪندي…؟ پهريان هڪ ته ڪر پوءِ ٻي جي باري ۾ سوچجان، جيڪڏهن هڪ کي سنڀالي وئين ته سمجهھ ته تون اڌ جنگ کٽي وئين.
چيائين: چريا! تڏهن ته ٻه شاديون گڏ ٿو ڪريان ته جيئن مڪمل جنگ کٽيان.مان ته هني مون جو به سوچي ڇڏيو آ.هني مون اسان جو پڪا چانگ ۾ ٿيندو. ”پڪا چانگ ۾.؟ خبر اٿئي پڪا چانگ ڪٿي آھي.؟“ ” ها خبر آ، رياض ڊيڪوريشن واري جي ڀرسان.“ منهنجو دوست ڌنو ويچارو هن وقت تائين ڊزن کن عشق ڪري چڪو آ، پر اڄ ڏينهن تائين کيس ڪاميابي نصيب ناهي ٿي،دعا آھي ته ڌنو جي عيد کان پوءِ شادي ڀلي سادگي سان ئي ٿئي پر ٿئي.شادي لاءِ ويچارو ڏاڍو سڪي ٿو. هن ته جنهن به ڇوڪري سان عشق ڪيو اها بعد ۾ نيڪ بڻجي وئي. مون کي روئي چوندو هو : جنهن به ڇوڪري سان عشق ڪيو ان نيڪ بڻجي منهنجو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. هاڻي ڏسئون شادي کان پوءِ ڌنو جو ٻيڙو تري ٿو يا ٻُڏي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *