تازا ترين
  • *ڊپٽي ڪمشنر ملير پاران چئن مهينن کان گلشن حديد ۾ لڳايل لاڪ ڊائون هڪ هفتي لاءِ ختم ڪري ڇڏيو *ڊي سي ملير ايم پي اي ساجد جوکيو ۽ واپاري اڳواڻن سان ڳالهين بعد اهڙو فيصلو ڪيو *ڪورونا ڪيس وڌڻ جي صورت ۾ ٻيهر لاڪ ڊائون ڪيو ويندو: ڊي سي ملير *
  • *لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون *ڳوٺ نهال واسين بااثرن خلاف جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو *بااثر گهر ۾ گهڙي عورتن تي وحشياڻو تشدد ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي: مظاهرين *
  • *نواب ولي محمد ويجهو وونئڻن جي فصل کي اسپري ڪرڻ دورن بيهوش ٿي ويل نينگر دم ڏئي ڇڏيو *ڳوٺ حسين بخش چانڊيو ۾10 ڏينهن اڳ نينگر عمران چانڊيو فصل کي اسپري دوران بيهوش ٿي ويو هو *نينگر اڄ نوابشاهه اسپتال ۾ دم ڏنو*
  • *مٽياري: عدالت پاران محب کوسو قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد *جوابدار علي محمد کوسو ۽ خان محمد کوسو عدالت ۾ وڪيل معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي *2019 ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران محب کوسو مارجي ويو هو *مقتول جي ڌيءُ عائشه کوسو جي فرياد تي نيو سعيدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو*
  • *سڪرنڊ ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس اڳيان ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون*
  • *سنڌڙي: هوٽل مان هڪ شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *مگسي ھوٽل مان پيرونمل واسي 50ورھين جي شاھنواز ڳاھو جو لاش هٿ *
  • *ٽنڊوغلام علي ويجهو نوجوان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ديھه واڳھريجي ۾ 26 ورهين جي اشوڪ پٽ اجمل ٺاڪر بيماري کان تنگ اچي زندگي جو ڏيئو اجهايو*
  • *مٺياڻي رورل هيلٿ سينٽر جون 4 ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪورونا جو شڪار *ڪورونا ۾ مبتلا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو *مٺياڻي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 10 ٿي ويو*
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 50ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ 850 ٿي ويو*
  • *ڪوٽ غلام محمد ۾ چوپائي مال جي پڙي لڳائي وئي، مالوندن ۽ واپارين جي پيهه *مال پڙي تي سوين مالوند ۽ واپاري پهچي ويا، سماجي وٿي وارا اصول نظرانداز*
  • *ڪشمور ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 26 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 489 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ 169ماڻهن جا سيمپل ورتا ويا هئا، 26ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي: فوڪل پرسن*
  • *ڪرمپور :ڳوٺ عمران خان بجاراڻي وٽ نصير شاخ کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل ساريالو فصل ۽ ٻيجارو پاڻي هيٺ اچي ويو *اطلاع باجود آبپاشي عملو نه پهتو،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رُڌل *
  • *ڪراچي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن جي صدر جو ڪمشنر ڪراچي کي چئلينج *کير جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس نه ورتو آهي: ڊيري فارم ائسوسيئيشن صدر *دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سُپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي تي مينهون بيهاري ڇڏينداسين: شاڪر عمر گجر*
  • *جوهي ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *پڇڙي جي آبادگارن هڪ ڪلو ميٽر ريلي ڪڍڻ بعد علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا *
  • *ڄامشورو ۾ وڌيڪ 17ڪورونا جا ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي 865ٿي ويو *گذريل ڏينھن 113ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 17 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *متاثرن ۾ مانجھند، ٿاڻوبولاخان واسي ۽ ڪوٽڙي جا رهواسي شامل آھن *

ڪانگل سان ڪچهري (آنءُ ۽ ڪانءُ) … (حصو پهريون) ڊاڪٽر نواز علي شوق

صبح سوير ننڊ مان اٿيس ته من مونجهو ۽ اندر اٻاڻڪو محسوس ٿيڻ لڳو. ڪورونا جي قيد ۾ هئڻ سبب ڪو اچي وڃي ڪو نه! وري ان وبا جا قهر، ڄڻ ڪربلا هئي. من جي مونجهه لاهڻ لاءِ مائي ڀاڳي جو ڳايل گيت جهونگاڻ لڳم.
مون کي جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو
منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو
اهو گيت ٻه ٽي ڀيرا جهونگارڻ کان پوءِ ڏٺم ته قرب وارو ڪانگل اچي ويو. ڪانگل کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، سوچيم ته کِنياتو ڪا سٺي خبر کڻي آيو هوندو. وري جڏهن مِٺيون ٻوليون ٻولڻ لڳو ته کلي خوش ٿي چيو مانس:
ڪانگ ! تنهنجي چانگ، جڏو جيءُ جياريو سندس ٿورا مڃيندي کيس چيم :
زاغ ! تنهنجي ذات جو، ٿورو مٿي مون
وري ڀٽائي جو هي بيت ٻڌايو مانس.
قريبن جو ڪانگڙو، مٿي ٽار ٽلي
سو ڄشمن تي چلي جو درٻاري دوست جو
ميچ ڏئي چيو مانس، پيارا پري ڇو ويٺو آهين، ويجهو ٿي، ڪي ساڻيهه جون سهڻيون ڳالهيون سڻاءِ. پرين جي پار جا جيڪي خطڙا آندا اٿئي، سي سِڪ جا سنيها کولي ٻڌاءِ ته ڪو اندر کي آٿٿ اچي.
آءُ ڪانگا ٻهه ڪول، سڌيون ڏي ساڻيهه جون
آندءِ جي عجيبن جا، سي خط خوشيءَ سين کولي
آءُ سڻيان تون ٻول، سنيهو سڄڻ جو.
ڏٺم ته ڪانگل تي منهنجي مِٺين ڳالهين ڪو اثر نه ڪيو. خوبصورت خطن بجاءِ منهنجون خطائون کولڻ لڳو. چيو مانس ته توسان پراڻي پريت آهي. ننڍي لاءِ جڏهن امان صبح جو مکڻ ۽ ماني ڏيندي هئي ته ماني جا ٽڪر ڀڃي توکي کارائيندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن ٽيري مکڻ جي به ڏيندو هيو مانءِ. سياري جو توکي بسريون کارائيندو هوس. اها سنگت توکان وسري وئي آهي ؟ دير ڪندو هوس ته تون اهڙو حجائتو هوندو هئين جو بهپڙ ڏيئي منهنجي اڳيان ماني کڻي ويندو هئين.” اهو ٻڌي ڪانءُ اڃان وڌيڪ ڪاوڙ ۾ اچي ويو. ڪانءُ. “ ڪوڙ نه ڳالهائي تون ڪڏهن ڪو پاروٿو ٽڪر ڏيندو هئين يا مان بک کان ٻارن جي هٿن مان لولا کسي وٺندو هوس. مون تي اجايا ٿورا نه ٿڦ.”
آنءُ . ڪانگل ! ورهين کان پوءِ آيو آهين. ڪورونا اسان سان قهر ڪري ڇڏيا آهن. تون وري مهڻا ڏيڻ لڳو آهين. ڏاهو ٿي، جهيڙا نه ڪر ڪورونا جو ڪٺل آهيان من ماندو آهي. اچ ته ڪا قربائتي ڪچهري ڪيون.”ڪانءُ. اها ڪورونا بڇڙي بلا تنهنجي بڇڙاين جي ڪري ته آئي آهي.” آنءُ . ڪانگل آءُ انسان آهيان انسانن جو وڏو شرف ۽ شان آهي. ڪانءُ. پنهنجي تعريف پاڻ نه ڪر توهان جي بڇڙاين ۽ بدڪارين سان تاريخ ڀريل آهي. الله جا نبي سونهارا توهان کي نصيحت ڪرڻ آيا. الله پاڪ جو پيغام کڻي آيا. پر توهان انهن سان جنگيون ڪيون. کين تڪليفون ڏنيون. نافرماني ڪيو ته توهان تي طرح طرح جا عذاب نازل ٿيا. ڪڏهن طوفان آيا. ڪڏهن زلزلا آيا. ڪڏهن پٿرن جو مينهن وسندو رهيو. ڪڏهن وبائون آيون. پوءِ به نه سڌريو. ڪربلا جو قصبو ڪنهن ڪرايو ؟ مخدوم بلال کي گهاڻي ۾ ڪنهن پيڙايو ؟ شاهه عنايت کي جهوڪ ۾ پنهنجن ساٿين سان ڪنهن قتل ڪيو”
آ؟ آنءُ. “ ڇڏانهن پراڻين ڳالهين کي ڪا چڱي ڳالهه ٻڌاءِ”.
ڪانءُ.“ توهان چڱا هجو ته توهان کي ڪا چڱي ڳالهه ٻڌائجي. پنهنجا ڪرتوت ته ڏسو. سردارن ڀوتارن جي اشاري ۽ ٽيڪ تي ماڻهو اغوا ڪري ڀنگ وٺي پنجين پتي پاڻ کڻو ٻيا پئسا سردارن ۽ ڀوتارن جي حوالي، ڪامورن جا وري ڪڌا ڪم ڏس، رشوت ۽ ڪميشن ذريعي ڪروڙين رپيا ڪمائي، بنگلا ٺهرائي، ان تي لکرائي ڇڏين“ هزا من فضل ربي”. حرام شيءِ کي حلال ٿا سڏيو. مسلمان هوندي وياج جو ڪاروبار ڪيو ٿا.”
آنءُ . ڪانگل ….
ڪانءُ. منهنجي ڳالهه ڪٽيندي اهي سردار ۽ ڀوتار جن جي اوهان غلامي ڪيو ٿا. تن انگريز جي درٻار ۾ “ڪرسي” حاصل ڪرڻ لاءِ گيسيون ڪيون. انگريزن کين زليل ڪرڻ لاءِ پنهنجي بگي ۾ بيگم سان گڏ ويهي. کين گهوڙن وانگر ڍُڪائي چيو“ وڊيرا همارا بگي چلائو”. هنن خوش ٿي گهوڙن وانگر ڍُڪي انگريزن جون بگيون هلايون. اهڙي زلالت عيوض انگريزن کين درٻار لاءِ “ڪرسيون ڏنيون”. پنهنجي وفاداري جي مُهر هڻي کين خان بهادر ۽ خان صاحب جا خطاب ڏنا. هنن انگريزن جو ساٿ ڏئي سنڌ کي غلام بڻايو. انهن غدارن، انگريزن جي بوٽ پالش ڪرڻ وارن جا پويان جاگيردار، سردار ۽ ڀوتار سنڌ سان وفادار ڪيئن ٿيندا ؟ ڇو ته هو هميشا “ڪرسي” جي ڪڍ هوندا آهن. کين عوام جو ڪو اونو نه هوندو آهي. هنن ڪا تڪليف نه ڏٺي آهي. پلاٽ ۽ ٻرمٽون وٺي ڪميشن مان ڪروڙين رپيا ڪمايا. هو انهن مزن ۽ جشن لاءِ سياست ۾ آيا آهن. ڀٽائي اهڙن ڪوڙن سامين ۽ سياستدانن لاءِ ئي ته چيو آهي.
سامي چائين سُک طلبين، تسا ڏئين نه تن
ماڻهن کان مِنهن ڪيو، پنين اٽا ۽ اَن
ڪاپڙي توڪَن، ڪِ چيرا يا جشن لٽي.
آنءُ، تنهنجي پوءِ ٻڌندس، پهرين منهنجي ٻڌ.توهان الله ۽ الله جي رسول صلي الله عليه وآله وسلم جا نافرمان، پيءُ ماءُ جا نافرمان اوڙي پاڙي جا بد خواهه، رڳو نالي ۾ مسلمان آهيو.منهن ۾ مسلمان، اندر آذر آهين.
آنءٌ . يار……
ڪانءُ، (ڳالهه ڪٽيندي) ماٺ ڪر توهان مان صبر هليو ويو. ٿوري ٿوري ڳالهه تي آلڙي ڪُهاڙي ٿي پئو ٿا. گهر واري چانهن ٺاهڻ ۾ دير ڪئي ته هڻ موچڙو، ٻوڙ ۾ لوڻ گهڻو پئجي ويو ته لاهه لِتر، ڏينس منهن ۾ ڏنڀَ، ڪُوڙينس مٿو…. ڇا اها انسانيت آهي؟ ڪارو ڪاري جا ڪُڌا ڪاروبار ڪيو، ان جا فيصلا سردار ۽ ڀوتار ڪن ! معصوم نياڻين کي ريهي ريهي انهن سان ظلم ۽ زيادتي ڪري، پوءِ انهن کي ماري لاش گم ڪري ڇڏيو، توهان جي ڪُڌن ڪرتوتن جي ڪري توهان تي ڪورونا جي صورت ۾ عذاب نازل ٿيو آهي. ٿوري گهڻي تاريخ پڙهي هوندءِ نادر شاهه جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته ماڻهن جو ڪوس ڪرائي، لُٽ ڦر ڪري سڀ ڪجهه کڻي ويو. سنڌ پڙڀانگ ٿي وئي، تڏهن ڪنهن شاعر چيو هو:
شامتِ اعمال مارا صورتِ نادر گرفت
(اسان جي اعمالن جي شامت نادر جي روپ ۾ اسان جي مٿان ڪڙڪي آهي)
آنءُ ، ڪانگل آءُ شاعر آهيان توکي تازي غزل جا ٻه ٽي شعر ٿو ٻڌايان ته من تنهنجي ڪاوڙ لهي عرض ڪيو اٿم…
ڪانءُ، “ کڏ ۾ پوي تنهنجي شاعري، اوهان شاعرن کي اهڙي ڪا شاعري جي پِٽ آهي، جو نه ڏسو مهل نه موقعو ڦهڪائي ڏيو غزل جا شعر، هر وقت شاعري مشاعرا…. ماڻهو مرن ٿا اوهان آن لائين مشاعرا ڪيو ٿا. ڏسو نه ٿا ته ڏکيو وقت آهي. توبه استغار ڪيو. مسڪين ماڻهن جي سار سنڀال لهو، اوڙي پاڙي جي مدد ڪيو، خير خيرات ڪيو. توهان جي مشاعرن واري واهه واهه ۽ مڪرر“ مان نه ڪنهنجو ڀلو ٿيندو ۽ نه وري هيءَ بلا ٽرندي.
رب پاڪ کان دعا گهرو:
جيڏو تنهنجو نانءُ، باجهه به اوڏيائي مٿان
ري ٿنٻين ري ٿوڻين، ٿون ڇپر تون ڇانءُ
ڪڄارو ڪهان، توکي معلوم سڀ ڪي.
هلندڙ

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *