تازا ترين
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*
  • *پيروسڻ ويجهو روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي *مهراڻ هاءِ وي تي پير ٻڍڙيو وٽ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ٽڪر *مختيار ميرجت ٿڏي تي فوت، سعيد خاتون، مشتاق، اسماعيل ۽ ٻيا زخمي *

ڪانگل سان ڪچهري (آنءُ ۽ ڪانءُ) … (حصو ٻيون ۽ آخري) ڊاڪٽر نواز علي شوق

آنءُ، “ڪانگل قرب وارا، آءُ اديب آهيان.شاعري نه ٿو ٻڌين تو توکي پنهنجي هڪ مقالي جو اختصار ٿو ٻڌايان”.
ڪانءُ، مون کي خبر آ تنهنجي تحقيق جي ٻه چار شعر چوندي پوءِ مقالو لکندا آهيو ته شاهه لطيف هڪ هنڌ هيئن ٿو فرمائي، ٻئي هنڌ هينئن ٿو فرمائي، وري ڏسو ته ٽئين هنڌ ڇاٿو فرمائي، آخر ۾ حوالن جي اگهوتري“ چنبڙائي”، چلوتري” مقالو تيار ڪري ڀٽائي يا سچل ڪانفرنس ۾ پڙهو ٿا. بچه لوگ تاڙيون وڄائين ٿا. اوهان نام نهاد اديب لغافو وٺي گهر موٽي اچو ٿا، هر ڪانفرنس ۾ ساڳي ڳالهه ڪيو ٿا. اوهان ڪهڙي نئين ڳالهه ڪئي آهي ؟
آنءُ، ڪانگل ! اسان ته ماڻهن کي ٻڌايون ٿا ته:
اُتي اور الله سين، ڪُڙ ڪماءِ مَ ڪَچُ
ڪڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي مَچُ
محبت سندو مَن ۾، ماڻڪ ٻارج مَچُ
اِينهين پرتون اَچُ، ته سورو ٿئيئي سڦرو
ڪانءُ، پر، تون پاڻ ته ان تي ڪو عمل نه ٿو ڪرين قسم کڻي چئو، تون الله کي ياد ڪرين ٿو؟ تو نه ته سڄو وقت ڪوڙ ۽ ڪچ ڪمائيندو رهين ٿو، سچ سان ته تنهنجي لڳي ئي نه، تون وڏو ٺڳ ۽ دغاباز آهين ڀٽائي چيو ته : من ۾ محبت رکو، پر تنهنجي دل ۾ ڪلفت، نفرت، فتنو ۽ فساد آهي. تون ٻين کي سچل جا شعر ٻڌائين ٿو ته سچل جي شعرن تي عمل ڪيو، پر تون ته ان جي ابتڙ آهين، سردارن، ڀوتارن وزيرن ۽ مشيرن جي غلامي ڪندو رهين ٿو، وتن انهن کي ڪڏهن حق سچ چيو آهي ؟
آنءُ، چڱو ڇڏ ادبي ڳالهين کي، توکي خبر ناهي ته آءُ ماستر آهيان، علم جي روشني سان جِهل جي اونداهي ختم ڪريان ٿو”.
ڪانءُ، اهو ماستر آهين نه، جنهن جو مئٽرڪ جو امتحان ڪنهن ٻئي ڏنو ۽ تون وڏيري جي ڪوٽا تي ماستر بڻجي ويئين. اسڪو ل وڃين ڪونه صاحب کي پگهار جو حصو پتي ڏئي. گهر ويٺي پگهار کڻين، اسڪول ان ڪري نٿو وڃين جو تو کي اچيئي ڪجهه نه ٿو. توهان جهڙن ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ماسترن ته تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. اهو هال رهيو ته پوءِ ڀٽائي کي سچل کي ڪير پڙهندو. آن ءُ ڪانگ: يار مون کان غلطي ٿي وئي. آءُ پروفيسر آهيان…
ڪانءُ ڳالهه ڪٽيندي، پروفيسر صاحب! سچ ٻڌاءِ تون ڪاليج ويندو آهين. اتي به تنهنجو اهي ئي حال آهي. پڪ ڪميشن مان سفارش تي پاس ٿي ليڪچرر مقرر ٿيو هوندين” اتي پاس کي ناپاس ۽ ناپاس کي پاس ڪرڻ جو ڪاروبار هلي رهيو آهي
. آنءُ : نه نه منهنجو مطلب آءَ يونيورسٽي جو پروفيسر آهيان.
ڪانءُ “ يونيورسٽي ٿي ته ڇا ٿيو ، آهيو ته اهي ئي ماستر نه جتي به هجو اوهان جا پرڪار اهيئي هوندا. توهان شاگردياڻين نياڻين نماڻين ڌي بُري نظر سان ٿا نهاريون. دل چاهي ٿي ته ان مهل ٺونشا هڻي توهان جهڙن بدنظر استادن جا ٻئي تارا ڪڍي ڇڏيان.انڌا ٿي پنندا رهو، ۽ چوندا رهو“ڏي ڙي بندا، ڏيئي وڃ نالي الله جي ! جيڪا شاگردياڻي سجهه نه ڌئي ته ان کي گهٽ مارڪون ڏيئي بليڪ ميل ڪيو. توهان امتحانن ۾ پوزيشن اڳ ۾ ئي ڏوڪڙ وٺي ڏئي ڇڏيو ٿا. توهان ڇاڇا نه ٿا ڪيو. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن پروجيڪٽ تي بالم ٿي ويهي ٿا رهو پاڻ جهڙا جهونا اديب ساٿاري بڻائي پروجيڪٽ جي بهاني پيدا گيري جو ڌنڌو ڪندا ٿا اچو. هڪ يا ٻن سالن جو پروجيڪٽ ڏهن سالن ۾ به پورونه ٿئي وري جڏهن سالن پڄاڻان ڪو جلد پڌرو ٿئي ته اهي وري جهڙو خواري جو کارو کڻ.
آنءُ : ڪانگل يونيورسٽي جي پروفيسر جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي تون …..
ڪانءُ: ڳالهه ڪٽيندي مون کان وڌيڪ کول نه ڪراءِ ۽ توهان ڪوڙيون ڊگريون ٺاهي ڪڌو ڪاروبار ڪري ان ٺڳي ٺوڙي مان ڪروڙين ڪمائي بنگلا بڻايو ٿا.
آنءُ رڪانگل جي ڳالهه ڪٽيندي. ڪانگ ٻيلي ڏاهو ٿي اسان جا عيب نه اگهاڙ ، الله به انسان جا عيب ڍڪي ٿو.
ڪانءٌ .. آءُ الله ته ناهيان پکي آهيان. اوهان جا ڪرتوت اوهان کي ڇو نه ٻڌايان
آنءُ : (ڪاوڙ مان )واقعي تون ڪارو ڪنو ڪوجهو ڪان آهين.
ڪانءٌ آءُ رنگ جو ڪارو ضرور آهيان پر منهنجو اندر اڇو اجرو آهي پر تون اندر جو ڪارو آهين رڳو ٻاهرين صفائي تي ڌيان ٿو ڏئي. ائين ڪرڻ سان ڪجهه به نه ورندي اندر اجرو ڪر دل صاف ڪر ڇو ته دل الله جو آهي آهي جيڪڏهن دل مان ناهي ته ائين سمهجهه سڄو جسم صاف ناهي“
ائين چئي ڪانگ اڏامي ويو ٻاهر نهاريم شڪر جو صبح جو وقت هو اوسي پاسي ڪو ماڻهو نظر نه آيو گهر جا ڀاتي به ستل هئا. چڳو ٿيو منهنجي ڪانگ جي گفتگو ڪنهن نه ٻڌي پر جڏهن هاڻو تي هٿ ڦيري ڏٺم ته پنهنجا سمورا عيب گناهه اکين آڏو اچي ويا.ڪانگ سچ چئي ويو. ڇو ته پرين جي پار جو ڪانگ ڪڏهن به ڪوڙو ٿي نه ٿو سگهي، ڀٽائي فرمايو آهي ته
پريان سندي پار جو ڪانگ نه ڪوڙو
ڏاڍي پشيماني ٿي انتهائي عاجزي ۽ انڪاري سان دعا گهريم،
ستر ڪج ستار آءُ اگهاڙي آهيان
ڍڪين ڍڪڻهار ڏيئي پاند پناهه جو

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *