تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڪاميو جي ناول ڪارو موت …/ The Plague تي ويچار …امداد سولنگي

بقايا صفحي 7 تي ڪارو موت/The plague البرٽ ڪاميو جو ھڪ ٻيو اھم ترين ناول آھي جنھن ھن کي بطور فڪشن ليکڪ وڏي بلندي تي پھچايو . اھو ناول 1947 ۾ شايع ٿيو.جنھن ۾ ڪاري موت/ Plague جي بيماري جي درد ناڪ ڪٿا چٽيل آھي.ڪاري موت جي بيماري Oran شھر ۾ وڏي تباھي مچائي ڇڏي. ناول ۾ ماڻھو جي قسمت متعلق چڱا موچارا سوال اٿاريل آھن.ناول ۾ ڊاڪٽرن ۽ ڪمپائونڊرن جا الاھي سارا ڪردار آھن جيڪي ناول جي اڻت ۾ مک ڪردار ادا ڪن ٿا.ڪاميو ناول ڪاري موت جي ذريعي ڪاري موت جي بيماري جي علامت کي ڪتب آڻي موت جي منھن ۾ ھجڻ باوجود جيئڻ جي سگھه برقرار رکڻ جي اتم نظريئي جي شاندار عڪاسي/dipiction ڪئي آھي.ڪاري موت جي بيماري 1889 ۾ Oran شھر کي موت جو بک بڻائي ان شھر جي تقريبن %70 آبادي ختم ڪري ڇڏي.ان وقت الجيريا فرينچ ڪالوني ھيو.جڏھن ناول جي موضوع تي ڌيان ڌرجي ٿو ته ڪيترا ئي سوال ڪر موڙي اٿن ٿا ته آيا ليکڪ ان بيماري کي موضوع ڇو بڻايو.ان سوال جي جواب کي سمجھڻ بدران ناول جي مقصد تائين رسائي حاصل نه ڪري سگھبي.
ڪاري موت/ The plague جي مختصر تاريخ.
ڪاري موت جي بيماري 1347/1351 جي وچ ڌاري Eurasia جي خطن ۾ ڪنھن ڏائڻ وانگر اچي ڪڙڪي. ان وبا جي تباھڪارين جي ڪري يورپ جي ماڻھن تاريخ ۾ ان کي عجيب نالن سان ياد ڪيو. جيئن مثال طور Black death،Great Plague،The plague ۽ Black Plague وغيره.بيماري انساني تاريخ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي.ڇو ته ان بيماري جي وگھي Eurasia جي تقريبن 200 ملين جي آبادي موت جو بک ٿي وئي.بيماري جا اثر ايترا ته ڀيانڪ نڪتا جو يورپ ۾ ڪيترائي نوان سماجي مذھبي ۽ اقتصادي Upheavals ڪر موڙي اٿيا ۽ يورپ جو سمورو Social context ڄڻ ڪنھن زلزلي وانگر ڌڏي ويو.تاريخ دانن جو چوڻ آھي ته اصل ۾ اھا بيماري Central Asia ۾ جنم وٺڻ کان پوءِ Silk Road کان لنگھندي لڳ ڀڳ 1343 ڌاري Crimea پھتي. جتان وري ڪارن ڪوئن/Black Rats تي ويھندڙ مکين جي ذريعي Merchant Ships جي مدد سان يورپ جو رخ ڪيائين.ان وبا يورپ جي لڳ 60 سيڪڙو آبادي ختم ڪري ھڪ وڏي انساني الميئي کي جنم ڏنو.يورپ کي ان وبا جي خطرناڪ اثرن مان نڪرڻ لاء لڳ ڀڳ 200 سال وري لڳي ويا.ان بيماري غريب ۽ امير جو فرق ختم ڪري ڇڏيو.۽ مذھب جي بري تبليغ ڪندڙ پادرين کي به Expose ڪيو.
.ناول جي تاڃي پيٽي/Plot جي اکيل.
الجيريا جو ھڪ مشھو شھر آھي جنھن کي Oran جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.جيڪو اصل ۾ بندرگاھه/Port رکندڙ شھر آھي.ھي شھر ھڪ Folk music جنھن کي اتان جا ماڻھون Rai Folk Music چون ان جو پڻ موجد سمجھو وڃي ٿو.ناول کي Oran شھر ۾ تباھي مچائيندڙ وبا ڪاري موت جي موضوع تي آڌاريو ويو آھي.ان وبا Oran شھر جي 1849 ڌاري وڏي آبادي چٽ ڪري ڇڏي پر ناول ۾ جيڪو عھد ڏيکاريو ويو آھي سو آھي 1940 جو عھد. ناول جي سرجڻ کان اڳ Oran شھر ڪيترا ئي دفعا ان وبا جي ور چڙھي چڪو ھو.ھڪ تحقيقي ادراي Centre for dsease control & prevention جي مطابق ته Oran شھر ڪاري موت جي وبا ۾ 1556 ۽ 1678 ڌاري بري طرح وچڙيو پر ان کان پوءِ به 1921 1931 ۽ 1944 ۽ به ان وبا جي نظر ٿيو. ڪاميو جو ھن ناول کي پاٺڪن Existentialist Classic جو درجو ڏنو آھي. پر ڪاميو ان راءِ کي ڪا خاص لفٽ نه ڪرائي. ناول جي Narrative Tone اھا ئي آھي جيڪا ڪافڪا پنھنجي ناول The Trial ۾ set ڪئي آھي.ناول کي ڪجهھ پاٺڪن Allegorical خيال سان ڏسڻ کان پوءِ ان کي Second world war دوران نازي جرمني خلاف French Resistence جي اولڙي جي ڌنڌلي ڪھاڻي قرار ڏنو آھي.ڪجهھ پاٺڪن وري ناول کي Absurdities خلاف Human recation طور ڏٺو آھي.
ناول جي ڪردارن جي اکيل:-
ڊاڪٽر برنارڊ ريڪس: ھي ناول جو مک ڪردار آھي جنھن جي عمر لڳ ڀڳ 35 سال ڏيکاريل آھي.سندس زال ڪنھن ڊگھي بيماري ۾ مبتلا رھي ٿي.جيڪا ناول جي منڍ ۾ ڪنھن صحت جي اداري/sanatorium ڏانھن نڪري ٿي.ناول ۾ ڊاڪٽر برنارڊ کي ڪاري موت جي بيماري جي پھرين مريض کي تشخيص ڪندي ۽ ان جي علاج ڪندي ڏيکاريو ويو آھي.تنھنڪري ڊاڪٽر اھڙي بيماري جي تشخيص کان ترت اختيارين تي زور ڀري ٿو ته جيئن اھڙي وبا ڦھلائيندڙ مرض تي ضابطو آڻي سگھجي پر ساڳي وقت جيئن شھر جا ماڻھو ۽ سرڪاري ڪارندا اھڙي ڪنھن به وبا جي ڦھلجڻ جي عمل کي غير حقيقي ٿا سمجھن تيئن ھي به ان جي ڦھلاءُ کي غير حقيقي سمجھي ٿو. ان کي بيچيني ته محسوس ٿئي ٿي پر اندازو نٿو ٿئي ته ھي بيماري جي وبا ٿي پئي ته ڪيترو وڏو نقصان ڪندي پر جلد ئي ھي اندازو لڳائي ٿو وٺي ته ھن جو شھر اھڙي وبا جي ور چڙھڻ وارو آھي جيڪا ھڪ وڏي انساني الميي کي جنم ڏيندي.تنھنڪري ڊاڪٽر اختيارين تي وري زور ڀري ٿو ته بيماري جي ڦھلاءُ کي روڪڻ لاءِ سخت انتظامن جو بندوبست ڪيو وڃي پر ڊاڪٽر جي صلاحن کي ڪو به نٿو سنجيده وٺي. تنھنڪري پاڻ ئي ميدان ۾ لھي ٿو پئي. ڊاڪٽر ان خيراتي ڪم لاءِ ھڪ مددي اسپتالAuxilary Clinic شروع ٿو ڪري.جتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي مريضن کي تپاسي ٿو. ڊاڪٽر کي گھر پھچندي روز رات ٿي وڃي ٿي.جڏھن مريضن کي ڊاڪٽر تپاسي ٿو ته ھن جون اکيون لڙڪن سان ڀرجي ٿيون اچن پر پاڻ تي ڪنٽرول ٿو ڪري ڇو ته سوچي ٿو اگر ھن ان وبا کان گھٻرايو ته ماڻھن ۾ وڏي مايوسي ڦھلجي ويندي ماڻھون سوچيندا جڏھن ھڪ ڊاڪٽر ايڏو مايوس آھي ته پوءِ انھن جو ڇا ٿيندو؟ڊاڪٽر برنارڊ ريڪس فرض شناسي جو عظيم مثال آھي.ڊاڪٽر ريڪس کي نه خدا جي خوشنودي گھرجي نه ڪو وري انعام ۽ نه ڪو ئي اعزاز بس ھن جي طمع ھڪ ئي آھي ته ھن تي جا ذميواري عائد ڪئي تنھن ۾ ھن ڪابه ڪوتاھي نه ڪئي….
ڊاڪٽر ريڪس سان گڏ ٻيو اھم ڪردار آھي جين ٽارو ….بدقسمتي سان ٽارو Oran ۾ نازل ٿيل ڪاري موت جي وبا کان ڪجهھ ھفتا اڳم داخل ٿئي ٿو.جيڪو ڪنھن ذاتي ڪم سانگي اتي اچي ٿو.ٽارو کي ھڪ مٺڙي سڀاءُ وراي ڪردار جي صورت ۾ ناول portrait ڪيو ويو آھي سندس ٻي خصلت اھا آھي ته مرڪ سندس چپن تي ھر وقت موجود رھي ٿي.سندس وڏو ڪريز اھو آھي ته ھو گھڻو وقت اسپيني ڊانسرس ۽ موسيقارن سان گھاري ٿو.ساڳي وقت ھن جو ٻيو شوق به آھي سو آھي روزانو ڊائري لکڻ.روزمره جي جيڪي واقعا ٿين ٿا انھن کي قلم بند ڪندو رھي ٿو.ٽارو Oran شھر جو پھريون ماڻھون آھي جيڪو اھو تصور ٿو پيش ڪري ته ڪاري موت جي وبا کي منھن ڏيڻ لاءِ نوجوان رضاڪارن جي ٽيم تشڪيل ڏني وڃي.ھن جو نظريو آھي ته اگر اختيارين تي ڀاڙيو ويندو ته ڪيترا ئي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻھون وڌيڪ موت جو شڪار ٿيندا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *