تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

ڪاميو جي ناول اجنبي تي ويچار … امداد سولنگي

ناول اجنبي /The stranger ڪاميو جو پھريون مک ناول آھي جيڪو جون 1942 ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو. ڇپائيندڙ اداري ڪتاب/ناول جون 44000 ڪاپيون منظر عام تي آنديون. اھو خاطري سان نٿو چئي سگھجي ته فرانس جي تنھن وقت جي صدر ڊيگال جي ڪيبينيٽ جي مک ماڻھو ۽ ثقافت جي وزير آندري مالرو کي ڪنھن ڏنو پر ايتري خاطري آھي ته اداري جنھن ھن ڪتاب کي منظر عام تي آڻڻ جا معاملا سنڀاليا ٿي تنھن ڪاميو کي اطلاع ڏني ته آندري مالرو ڪتاب کي نظر مان ڪڍيو آھي ۽ ان ۾ڪجھه ترميمون به تجويز ڪيون آھن .آندري مالرو جون propose ڪيل تجويزون ھي ھيون : ناول ۾ minimalist syntactic structure تمام گھڻو ڪتب آندل ھو تنھن تي نظر ثاني ڪئي وڃي ۽ ٻي تجويز ھئي ته ته ناول جا ڪجھه سين ۽ ٽڪرا خاص ڪري جتي قتل جو سين ڏيکاريل ھو سو به ناول جي پلاٽ ۾ وائڙو ٿي لڳو يا ڪردار چپلن جي جيڪا گفتگو ڏيکاري وئي ھئي سا به عجيب ٿي معلو م ٿي ۽ ناول جي فني قالب سان نٿي آئڙي ان تي به نظر ثاني ڪئي وڃي.ان کان پوءِ وري آخر ۾ ناول جو مسودو ايڊيٽرن Jean Paulhan ۽ Raymond Queneau جي حوالي ڪيو ويو.آخر ڪار Censorship Bearu کان گھمندو ڇپائي جي مرحلن ۾ داخل ٿيو ۽ ائين ھي شاھڪار ناول پاٺڪن جي ھٿن تائين پھتو.ڪاميو ھميشه سوچيندو ھو ته : Man needs to live meaningfully. تنھن ڪري ھن جي جيڪا به تخليقي يان فلاسافيڪل وٿ آھي تنھن جي پٺيان اھو نظريو ڪر کنيو بيٺو آهي. ڪاميو پنھنجي لکڻين ۾ گھمي ڦري وري اتي ئي موٽي ٿو اچي.ناول اجبي شروعات ۾ ته گھڻي تعداد ۾ پاٺڪن کي grip نه ڪري سگھيو پر پوءِ ھڪ ڳالھه ضرور ٿي جو ناول کي چڱي موچاري موٽ ملي.جنھن جو سبب اھو ھو ته ناول جي ڇپائي کان ستت پوءِ جين پال سارتر ان جي فني ۽ فڪري importence تي ھڪ اھم مضمون لکيو ۽ ان کان اڳم ڊيگال جي ڪيبينيٽ جي اھم وزير ۽ ناول نگار آندري مالرو ان جي پرچار ڪئي تنھن ڪري ناول جي اشاعت جو سنجيده حلقن ۾ سٺي نموني سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.
ڪاميو جي ھن ناول جي فرينچ ڇاپي کان پوءِ ناول وري انگريزي ٻوليءَ ۾ ستت ئي ترجمو ٿيڻ شروع ٿيو.ھتي ھي ڳالهھ به واضح ڪري ڇڏڻ ضروري آھي ته اجنبي ناول کي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ وقت ڪن ترجمي نگارن ان کي The stranger جي نالي سان ترجمو ڪيو آھي ته ڪن وري ان کي Out sider جي نالي سان ترجمو ڪيو آھي پر ناول ساڳيو آھي.اھا وضاحت انڪري ڪئي آھي جو اڪثر ڪري اسان ان مغالطي جو شڪار ٿيندا رھيا آھيون ته شايد اھي ڪاميو جا ڪي ٻه ناول آھن. پر اھا confusion ترجمي نگارن جي ڪري پيدا ٿيل آھي.ڪاميو جي ناول اجنبي جي متعلق تقريبن ھر نقاد ان راءِ کي قبول ڪري ٿو ته ناول جو سمور تاڃي پيٽو ھيٺ ڏنل مک Themes جي گرد ائين گھمي ٿو جئين زمين سج جي چوڌاري گھمندي آھي. اھي مک Thems ھي آھن:
, Isolation,
2, The Meaninglessness of Human Existence
3, Lack of Human Emotions.
اھي themes ڪاميو وٽ ڪٿان آيا آسمان مان نازل ٿيا يان زمين مان ڪنھن چشمي وانگر ڦٽي نڪتا يان وري ھن ڪٿان اڌارا ورتا. اھو به ھڪ اھم سوال آھي جنھن جو اڪلاءُ به ضروري آھي نه ته پڙھندڙن جي ذھن ۾ تشنگي رھجي ويندي. ان سوال جو جواب اھو آھي ته اھي Thems ھن جي فلسفياڻي نظريئي مان عملي شڪل وٺي نمودار ٿيا. سندس فلسفياڻا نظريا ڪھڙا ھئا. دنيا جنھن البرٽ ڪاميو کي فلسفي جي طور تي به ڏسي ٿي وڏي حيرانگي ۾ وجھندڙ ڳالھه اھا آھي ته ڪاميو ھميشه پاڻ کي فلسفي قبول ڪرڻ کان نابري واريندو رھيو.ڪاميو Systematic Philosophy جو تمام وڏو مخالف ھو.پر ساڳي وقت Rationalism ۾ يقين رکندڙ ھيو.ڪاميو جيڪا Absurdism جي فلاسافي وجود ۾ آندي تنھن جو مقصد ھڪ ئي ھو: the meaning of life in the face of death. جيتري قدر سارتر جي وجوديت Existentialism جو سوال آھي ته اتي ڪاميو لفظي طور تي ان جي حيثيت کان انڪار ڪري ٿو پر ساڳي وقت سندس لکڻيون سندس لفاظي جو ساٿ نه ٿيون ڏين ڇو ته اھي ڪاميو جي مٿان شاھد ٿي ٿيون بيھن ۽ وڏي واڪي چون ٿيون ته ڪاميو وجوديت جي اثر ۾ آھي. ڪاميو ڀلي کڻي ڇا به چوي پر آھي وري به : Existentialist Philosopher
اجنبي ناول جي مک ڪردارن جو جائزو :
ھن ناول جو پھريون نمبر مک ڪردار آھي ماروسو / Merusault..مارو سو جو ڪردار مک ڪردار ھجڻ ڪري مرڪزي نوعيت آھي. جيڪو نسلي طور تي French Algerian آھي.جنھن کي ٽيليگرام جي ذريعي سندس ماءُ جي موت جو ڄاڻ ملي ٿو.پر جڏھن ھن کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته ماروسو ڪنھن به ڏک جو اظھار نٿو ڪري. رھندو عدم دلچسپي/indifference ڏيکاري ٿو.ڪاميو مارو سو جي شڪل ۾ ھڪ عجيب ڪردار پورٽريٽ ڪيو آھي جنھن کي ھڪ پاسي پنھنجي نڪ جي سڌ ۾ ھلندڙ ڏيکاريو وڃي ته وري ٻئي پاسي ان ڪردار جي عجيب ڪيفيت ٿو ڏسي ته ڪئين ھو پنھنجي ماء جي موت جي خبر کي نارمل ڪري وٺي ٿو ۽ ان تي ڪو به ردعمل ظاھر نٿو ڪري.ڪردار سان پاٺڪن کي ڪڏھن محبت ٿي ٿئي ته وري ڪڏھن ان لا۽ حقارت/Contempt ٿي محسوس ٿئي.ڪاميو مارو سو کي سموري دنيا کان جدا ٿو ڏيکاري ٿو .مارو سو جي ماء مرڻ کان ڪجھه سال اڳ Old home ۾ داخل ڪرايل ٿي ڏيکارجي. جڏھن مارسو کي خون ڪرڻ جي ڏوھ جي سزا ڏيڻ جو وقت ٿو اچي ته مارو سو کي پنھنجي امڙ شدت سان ياد ٿي پئي ۽ ھن کي اوراڻا ٿا پون ته سندس امڙ به مارسو وانگر زندگي فضول دنيا سان پيار ڪرڻ ۾ وڃائي ڇڏي.
ٻيو ڪردار آھي Rymond Sintes جو …..جيڪو ناول ۾ مک ڪردار جو پاڙيسري ڏيکاريل آھي ۽ جيڪو پنھنجي عرب نسل جي سنگتياڻي کي اڪثر ڪري ماريندو رھي ٿو.جنھن ڪري ان عورت جو ڀا ۽ ھڪ ٻيو دوست وجھ ۾ رھن ٿا ته ڪئين به ڪري ان کي سبق سيکارن. پر ٿئي ابتو ٿو جو ريمنڊ مارو سو کي سندس سنگتياڻي جي ڀا سان ويڙھائي ٿو وجھي ۽ اھو مارو سو جي ھٿان ماريو ٿو وڃي.مار سو ريمنڊ جي چوڻ ۾ اچي ڪيس ھلڻ دوران ريمنڊ جي سنگتياڻي جي قتل جي قبول داري ڪري ٿو وجھي..ان کان پوءِ ھڪ ٻيو اھم ڪردار آھي ميري ڪارڊونا جو …ھي ڪردار ھڪ ٽائپ رائيٽر طور ڏيکاريل آھي ۽ ناول جو مک ڪردار ۽ ڪارڊونا ٻئي ڄڻا ساڳي دفتر ۾ نوڪري ڪندي ڏيکاريل آھن .ڪارڊونا مارو سو سان سندس ماءُ جي فوت ٿيڻ جي ٻئي ڏينھن تي ھڪ بيچ ۾ ملي ٿي ۽ پوءِ ٻنھي جي وچ ۾ سٻند شروع ٿي وڃي ٿو. ڪارڊونا جو ارادو اھو آھي ته مارسو ھن ساڻ جسماني تعلق جوڙي. جنھن ڪري ڪارڊونا ھن جي آڏو تڙپندي ڏيکاريل آھي.ڪارڊونا مارسو جي آڏو ھڪ مسرت سان ڀريل زندگي جو عڪس پيش ڪري ٿي.جڏھن مارو سو جيل ۾ وڃي ٿو ته ڪارڊونا ھن کي چرين وانگر ياد ڪري ٿي…ان کان پوءِ ٻيو ڪردار آھي beach جي مالڪ ميسن جو…جنھن جي بيچ تي ريمنڊ ڪارڊونا ۽ مارسو کي ملائي ٿو.ميسن ناول جو ھڪ اھڙو ڪردار آھي جنھن کي ڪنھن جو به خوف ڪونھي. ميسن جي زندگي جو مک مقصد اھو ڏيکاريل آھي ته کڻي ڇا به ٿي پئي پر ھن جي خوشين ۾ خلل نه پئي..
ناول جو ھڪ ٻيو ڪردار آھي جنھن کي سلامانو جي نالي سان ڪوٺيو ويو آھي.جيڪو عمر رسيده آھي ۽ ھو پنھنجي پالتو ڪتي سان واڪ ۾ مشغول رھي ٿو.ڪنھن وقت ھو پنھنجي اندر جي محرومين تي ڪاوڙ ڪنڍڻ جي آڙ ۾ ڪتي کي گاريون ڏئي ٿو پر ساڳي وقت ڪتي کان سواء رھي به نٿو سگھي.جڏھن ھن جو ڪتو مري ٿو وڃي ته سلامانو کي به لڳي ٿو ته ھو به مري ويو آھي ۽ پوءِ اچي ويھي ٿو رھي ۽ ڏک وچان ٻاڏائي ٿو ۽ ھن کان صلاح وٺڻ جي ڪري ٿو ته ھاڻ ھو ڇا ڪري..ان کان پوءِ ڪردارا آھي ريمنڊ جي سنگتياڻي جو جيڪا عرب نسل جي ڏيکاريل آھي. سموري ناول ۾ نه رڳو ان جو ڪو به نالو ظاھر ناھي ڪيل پر ساڳي وقت ان جي ڀا جو به نالو ناھي ٻڌايو ويو..جنھن مان نقادن اھو تاثر ورتو آھي ته ان وقت جيڪو اتان جي اصلوڪن ماڻھن ۽ قبضي ڪندڙنColonists جي وچم خال / ھو ان کي واضح ڪرڻ لاءِ ڪاميو ائين ڪيو آھي. عرب ماڻھون جو ڪردار اھو ڪردار جنھن کي مارسو الجيرس جي ٻيٽ تي ريمنڊ جي چوڻ تي قتل ڪري ٿو ڇڏي….اھي ئي سڀ ناول جا مک ڪردار آھن جن جي وچم ناول جي ڪھاڻي گھمي ڦري پڄاڻي تي پھچي ٿي…
اجنبي ناول جو تنقيدي جائزو
…1956 ڌاري Carl Viggiani پنھنجي تجزيئي ۾ لکي ٿو:ترجمو: ظاھري طور تي اھو ناول تمام گھڻو سادو لڳي ٿو پر حقيقت ۾ تمام وڏي ڌيان ۽ خبرداري سان تحرير ڪيل ڀائنجي ٿو.ھي ناول ھڪ تمام سگھاري تخليق جو مثال آھي.جيڪو ڪيترن ئي پوشيده حقيقتن ۽ سچاين تان پردو لاھي ٿو.ان کان پوءِ عظيم ناول نگار ۽ فلسفي جين پال سارتر ۽ وڪٽر بورمبرٽ ھن ناول کي وجوديت جي فلسفي جو بنياد وجھندڙ قرار ڏنو آھي. ٻئي ھڪ وڏي نقاد Louis ھن ناول جي ڪردارن کي وري وجوديت جي فلسفي کان ڪوھين ڏور بيٺل ڏکاريو آھي.ان کان پوءِ ھڪ ٻئي نقاد 1963 ڌاري پنھنجي تجزيئي ۾ ھن ناول کي بيگانگي/ alienation جو بنياد ڏيکاريو آھي. وري ھڪ ٻئي نقاد Leo Bersani پنھنجي تجزيئي ۾ ھن عظيم ناول کي ڇسائپ/Mediocrety جو شھپارو قرار ڏئي ناول کي سواليه بنايو آھي. ان کان پوءِ ھڪ ٻئي نقاد پال ھن ناول کي سارتر جي ناول Nausea جو عڪس قرار ڏنو آھي. جڏھن ته وري ھڪ ٻئي نقاد Hackel دوستو فسڪي جي ناول Crime & Punishment ۽ اجنبي ناول ۾ ھڪجھڙائي جي دعوي ڪئي آھي.ڪجھ نقادن وري ڪاميو جي ھن ناول کي Arb Activism جي خلاف اھم دستاويز قرار ڏنو آھي. ڇو ته ان زماني ۾ Arb Activism کي پڻ يورپين ليکڪ وڏي شڪ/doubt جي اک سان ڏسي رھيا ھئا. وري ڪجھه نقادن ھن ناول کي industerial revolution جي پيدا ڪيل بحران جي context ۾ ڏٺو آھي. اھڙي طرح ڪجھ نقادن جو چوڻ آھي ته ھي ناول مارڪسزم جي نظريي جي ضد ۾ لکيو ويو آھي……بحرحال ھي ھڪ وڏي Theme وارو ناول آھي جيڪو نه رڳو ڪاميو جي فلسفي جي عڪاسي ڪري ٿو پر ساڳي وقت ان زماني جي Social Context ۾ ڦاٿل ماڻھو جي وجود جي کليل عڪاسي پڻ ڪري ٿو. ناول ۾ ور ور ڪري انساني ڪيفيتن جي باري ۾ ڪيترائي اھم سوال اٿاريا ويا آھن جن جي Validiy کي اڄ به تمام وڏي اھميت حاصل آھي۔

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *