تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڪامياب ٿيڻ جا چار عنصر هجڻ ضروري … پون ڪمار منڌاڻ

ڪيمسٽري يا علم ڪيميا اسان جي زندگي ۾ هڪ بنياد جي حيثيت رکي ٿو، ڇو ته اسان جي بنيادي ضروتن جو تعلق ان سان گھاٽو آهي. عمارت جي مٽيريل کان وٺي کاڌي پيتي جي شين کان وٺي کاڌو کائڻ کان وٺي ان جي هاضمي تائين سڀ ۾ ڪيمسٽري جو عمل دخل آهي. ڪيمسٽري جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته يونانين موجب دنيا م چار عنصر لڌا وڃن ٿا جن ۾ مٽي، پاڻي، هوا ۽ باھ شامل آهن. ڪجھه وقت تائين اهو نظريو صحيح مڃيو ويو پر پوءِ وڌيڪ کوجنا کان پوءِ اها ٿيوري غلط ثابت ٿي. نوان عنصر ڳولي ڪڍيائون. ڪي هٿراڌو عنصرو ٺاهيا ويا، جنهن کان پوءِ اڄ دنيا ۾ 109 عنصر انسان جي ڄاڻ ۾ اچي چڪا آهن. يونانين جي ان ٿيوري جو جيڪڏهن غور سان جائزوورتو وڃي ته منهنجي خيال ۾ اها لائف سائنسز جي حوالي سان بلڪل صحيح آهي. دنيا جي ڪنهن به ڪامياب شخصيت جو مطالعو ڪيو. پنهنجي آسپاس موجود ڪامياب ماڻهن تي نظر وجھو ته انهن جي اندر توهان کي يونانين جا ٻڌايل هي چار جُزَ ملندا. اڄ هر نوجوان ڪامياب ٿيڻ گھري ٿو. ليڊر بنجڻ چاهي ٿو. بزنيس ڪرڻ چاهي ٿو. سماجي ڪارڪن بنجڻ گھري ٿو ۽ چاهي ٿو ته جنهن به فيلڊ ۾ وڃي ڪاميابي سندس قدم چمي.
ڪاميابي جا به ڪجھه اصول آهن. جن جي پابندي ڪرڻ لازمي آهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿو ته هن جي اندر يونانين جا ٻڌايل چار عنصر موجود هجڻ ضروري آهن. پهريون عنصر پاڻي آهي. ماڻهو گھڻوڪري هي شڪايت ڪندا آهن ته فلاڻو شخص ٺيڪ ڪونهي. پنهنجي باس سان نٿو ٺهي. هو ڪلاس يا آفيس ۾ ٺهڪي نٿو، وغيره. منهنجي خيال ۾ اها هن شخص جي پنهنجي ڪمزوري آهي ته ان ۾ ماحول مطابق ايڊجسٽ ٿيڻ جي صلاحيت ڪانهي. پاڻي کي جنهن به ٿانو ۾ وجھو اهو ان جي شڪل اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ انجي هڪ خوبي اها به آهي ته هن کي ڀڃي نٿو سگھجي. تنهنڪري انسان جي شخصيت ۾ پاڻي جي انهي خصوصيت جو هجڻ ضروري آهي، ته اهو حالتن مطابق پاڻ کي ٺاهي وٺي ۽ مشڪلن توڙي تڪليفن جي ڪري ٽٽي نه پوي. پر پنهنجي ڪم کي جاري رکي.
ٻيو عنصر هوا آهي. هوا سڀني ساهوارن ۽ ڪن ٻين شين جي ضرورت به پوري ڪندي آهي، جنهن ۾گاڏي جو ٽائر، پريشر بريڪ ۽ ٻيون شيون شامل آهن. هوا جي اها به خوبي آهي ته اها نظر نٿي اچي پر سڀن جون ضرورتون پوريون ڪندي آهي ۽ ان جو موجود هجڻ سڀني لاءِ سڪون جو سبب ٿيندو آهي. جيڪڏهن هوا نه هجي ته ساھه بند ٿيڻ لڳندو آهي. هڪ ڪامياب انسان ۾ هوا واري خوبي هجڻ بيحد ضروري آهي ته هو جنهن به جاءِ تي موجود هجي اتان جي ماڻهن جي ضرورت بڻجي وڃي ۽ گڏوگڏ چپ چاپ ٻين جي مدد به ڪندو رهي. جهڙي طرح گھڻائي سماجي ڪارڪن همدردي جو جذبو رکندڙ ماڻهو ڪندا آهن. هوا وانگر جيڪڏهن همدرد ماڻهو معاشري ۾ موجود نه هجن ته ٻوسٽ جو احساس ٿيندو آهي ۽ سماجي تباهي جي رستي تي هلڻ شروع ٿي پوندو آهي.
ٽيون عنصر باھه آهي باھه جي اها خاصيت آهي ته اها پنهنجي مقصد ۾ بلڪل واضح ٿئي ٿي. باھه جو ڪم آهي ته جيڪا به شي هن جي رستي ۾ اچي ان کي ساڙي رک ڪري ڇڏي. ڪاميابي جي خواهش رکندڙ ماڻهوءَ ۾ باھ جي اها خوبي هجڻ ضروري آهي. توهان کي پنهنجي مقصد جي خبر هجڻ گھرجي ته توهان کي ڇا ڪرڻو آهي هي ڳالهه اتي ئي ختم نٿي ٿئي، پر باھه جي حوالي سان وڌيڪ وضاحت جي گنجائش موجود آهي. جيڪڏهن توهان جي اندر ڪجھه ڪري ڏيکارڻ جي باھه موجود آهي ۽ توهان پنهنجي چاهت ۾ مگن آهيو ته پوءِ دنيا جي ڪا به رڪاوٽ توهان جي آڏو رستي ۾روڪ نه ٿي سگھندي. توهان ضرور ڪامياب ٿيندو.
چوٿون عنصر مٽي آهي. مٽيءَ جي هي خوبي آهي ته دنيا جي سڀني خرابين کي پنهنجي اندر جذب ڪري وٺندي آهي. مطلب ته اهو مئل جسم جنهن کي ماڻهو پاڻ وٽ ناهن رکندا، زمين انکي به پنهنجن ڀاڪر ۾ لڪائي ڇڏيندي آهي. انساني ڪچرو، گند زمين جي هيٺيان موجود آهي. جيڪو اسان کي نظر ناهي ايندو پر اسا ان گند جي مٿان وڏيون وڏيون عاليشان عمارتون ٺاهي انهن ۾ وڏي شان سان حياتي گذاريندا آهيون. اسان مٽي کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندا آهيون ۽ان مٿان آڪڙجي هلندا آهيون پر جڏهن اسان جي مئل جسم کي ماڻهو پاڻ وٽ رکڻ ناهن سهندا ته اها مٽي اسان کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ پناهه ڏيندي آهي. اسان انهي مٽي تي بيحد ظلم ڪندا آهيون پر ان هوندي به اها اسان جو خيال ڪندي آهي ۽ اسان جون سموريون ضرورتون پوريون ڪندي آهي جن ۾ ان، ڪپڙو، معدنيات ۽ ٻيون شيون شامل آهن. ڪامياب ماڻهو جي اندر مٽي جي خاصيت هجڻ لازمي آهي ته هو ماڻهن جون ڏنل تڪليفون،انهن جي تنقيد ۽ برائين کي پنهنجي اندر پوري ڇڏي. پنهنجو مشن جاري رکي ۽ هاڪاري ڪم ڪندو رهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *