تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڪارو واڳڻ … خوشونت سنگهه/طفيل مگسي

سر موهن لال وڏي ڪاوڙ سان ويٽنگ روم جي شيشي ۾ پنهنجي صورت ڏٺي.شيشو شڪور جي دور جو هو.موهن لال ان تي ٺٺول ڪئي.تون به هندوستان جي هر شي جيان غليظ ۽ خراب آھين.ان کانپوءِ ھن رڙ ڪئي“ڪير آھي؟“ هڪ بيرو ڊوڙي ڊوڙي پهتو.هن آرڊر ڏنو“هڪ ننڍڙو“ ٻاهر پليٽ فارم تي ان جي گهرواري هن جي سامان وٽ ويٺي ٽرين جو انتظار ڪري رهي هئي.گرمي جي ڪري هو ھڪ اخبار ٻيڻي سيڻي ڪري پکي جيان استعمال ڪندي رهي.هن جي وات ۾ پان جو گرڙو هو .جنهن کي هو مزي سان وات ۾ ڏڌ جيان ولوڙي رهي هئي.هن جون ٻانهون چوڙين سان سٿيون پيون هيون.ايتري ۾ ھڪ ڪولهي اتان کان گذريو ت موهن جي زال پڇيس“ميان عورتن وارو دٻو ڪٿي اچي بيهندو؟“ ڪولهي جواب ڏنو“پليٽ فارم جي بلڪل پڇاڙي ۾ “
ٽرين اچڻ کان اڳ ڪولهي موهن جي گهر واري ۽ سندس سامان کي پليٽ فارم جي پڇاڙي ۾ پهچائي ڇڏيو.موهن جي گهر واري هن کي واپس ويندي ڏسي ڪري پڇيو. “ڇا ٽرين ۾ ڪافي رش ھوندي آھي؟““اڄڪلھه ھر ٽرين ڀريل اچي ٿي پر توکي عورتاڻي دٻي ۾ جڳهه ملي ودندي“ موهن جي زال اهو ٻڌي پنهنجيون مانيون ڪڍيون ۽ انهن تي انبڙي جي کٽاڻ جون ڦارون رکي کائڻ لڳي.ڪولهي هن کي ڏسندو رهيو ۽ چيائين“ڇو تون اڪيلي آھين“ “نه ميان.منهنجو ڪرما مون سان گڏ آھي.هو نهايت وڏو سرڪاري آفيسر آھي.هو انگريزن سان گڏ رهي ٿو.فرسٽ ڪلاس ۾ سفر ڪري ٿو.مان اڻپڙھيل آھيان انڪري هو مون کي پاڻ سان گڏ نٿو ويهاري.مان انٽر ڪلاس ۾ سفر ڪريان ٿي“ زال کي سر موهن لال گهڻو نه ڀائيندو هو.ڇوته هو لکيل پڙھيل نه هئي ۽ ان سان گڏ سوسائٽي ۾ گهمي ڦري نه سگهندي هئي.
ٽرين اچڻ جو سنگنل لڳي چڪو هو.سر موهن لال اسڪاچ پيئڻ ۾ مصروف هو.هن بيري کي هدايت ڪئي هئي ته هو هن جو سامان فرسٽ ڪلاس ۾ رکڻ کانپوءِ ھن کي ٻڌائي ڇڏي.سر موهن لال انگريزن جا طريقا اپنائي رکيا هئا.هن اعليٰ تعليم حاصل ڪئي هئي.هو هندوستاني ٻولي ڳالهائڻ کي پنهنجي بيعزتي سمجهندو هو.هو سياست ۽ سٺن ڪتابن تي سٺو بحٽ ڪري سگهندو هو.ماڻھو هن کي انگريزي ڳالهائيندي چوندا هئا هو بلڪل انگريزن جيان ڳالهائي ٿو.سفر جي وقت به هو پنهنجا هٿرادو طريقا نه ڇڏيندو هو.جيڪڏھن سفر دوران ڪو سندس ڪمپاٽمنٽ ۾ ايندو هو ته هن کي وڏي خوشي ٿيندي هئي.هو سڀ کان اڳ“دي ٽائيمز“پڙھڻ لڳندو هو.بيري هن کي اطلاع ڏنو ته ٽرين اچي چڪي آھي ته هو وڏن ماڻھن جيان وکون کڻي ڪمپارٽمنٽ ۾ پهتو.هن کي اهو ڏسي ڪري حيرت ٿي ته دٻي ۾ ڪو مسافر ناهي“ هو مايوسي وچان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيو ۽ “دي ٽائيمز“پڙھڻ لڳو.حالانڪ هو ان کي ڪافي ڀيرا پڙھي چڪو هو.اخبار پڙھندي پڙھندي هن ٻاهر ڏٺو.هن جو چهرو خوشي کان ٻھڪڻ لڳو.هو انگريزي فوجي آفيسرن جي ڪمپارٽمنٽ ۾ داخل ٿيڻ وارو هو.انهن منجهان هڪ چيو“بل؛هتي تمام گهڻي جڳهه آھي“ٻيئي چيو“مگر هن ڪاري واڳڻ هندوستاني کي ته هتان موڪل ڏي“ ايتري دير ۾ اهي ٻئي هن جي ويجهو اچي ويا.جم چوڻ لڳو“هي ڪمپارٽمنٽ فوجين جي لاءِ ريزرو آھي.هل هتان کان واڳڻ“
سر موهن لال احتجاج ڪيو.چند لمحن جي لاءِ ٻئي خاموش رهيا.مگر ايتري ۾ ٽرين سيٽي هنئي.گارڊ سبز جهنڊو تيزي سان ڦڙڪائي رهيو هو. بل ۽ جم نه هيڏانهن ڏٺو نه هوڏانهن ڏٺو.سر موهن لال جو بريف ڪيس.ٿرماس.بسترو ۽“ دي ٽائيمز“ سڀ ڪجهه پليٽ فارم تي ڦٽو ڪيو.سرموهن لال زور سان دانهيو“بيوقوفو؛ “جم چيو“پنهنجو چٻري وارو وات بند رک“گڏ ئي هن کي زور سان ٿڦڙ وهايائين .پوءِ ٻنهي ھن کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪيو.هن جي وات کان هڪ ڀيانڪ رڙ نڪتي پوءِ ھو ڪافي دير تائين ٽرين کي ويندي ڏسندو رهيو. ٻيئي پاسي عورتاڻي دٻي ۾ سندس زال ويٺي مزي سان پان چٻاڙي رهي هئي.جڏھن ٽرين اسپيڊ ورتي ته هن منهن ٻاھر ڪڍيو ۽ سڄي ساري پان جي ڳرڙي صاف سٿري پليٽ فارم تي ڦٽي ڪئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *