تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڪارو بھار! … فھميده چنا

هن زندگيءَ جون چاليهه بھارون ڏٺيون، اڃان کيس ڪيئي بھارون ڏسڻيون ھيون. اونھارو سرءُ سيارو ڄڻ ته زندگي جي ليکي ۾ ئي ناهي.”بھار بادشاهه آهي.” بھار ڪنڊن تي به ايندو آهي”بھارگند کي به گلقند بڻائي”. ڊسمبر ته وڇوڙي جو سال آهي! جيڪو ھن دفعي بھار جي ڀاڳ ۾ آيل آھي، ڇو ته بھار ميل ميلاپ ملن جي مند جو نالو آهي، ڪھڪشائن جي ڪائنات کان ڌرتي ڪنارن تائين، پربتن کان آبشارن جي انت تائين فطرت جا سڀئي رنگ روشن ٿي وڃن ٿا، جڏهن بنجر زمين به چھچ سائي چادر اوڍي ريگستان مان گلستان جو ڏيک ڏئي جڏھن ٻٻر ۽ سرينھن جا وڻ به رات جي راڻي ۽ رابيل جھڙي خوشبو سان ماحول کي معطر ڪن، بھار اھڙي ئي ڪيفيت جو نالو آهي. ھي گلابي رتُ نباتات حيوانات کانسواءِ ھر جاندار جي توليدي صلاحيت ۾ واڌ جو سبب به بڻجي ٿي. مطلب بھار زندگي، زندگي بھار جو نالو آهي. اھڙي اثرانگيزي انساني احساسات ۽ جذبات جي نئين سر تعمير ڪري ٿي.
جڏهن کان ھڪ عالمي روڳ دنيا کي اجتمائي سوڳ ۾ سوڙھو ڪيو آهي، تڏهن کان چانڊوڪي رات چنڊ جي چوڌار چڪور جاچڪر ڪنھن ڏٺا آهن؟ ڪويل جي ڪوڪ، بلبل جي سرن جي ورکا ڪنهن ڪنهن جي سماعتن سان ٽڪرائي آهي؟ مورن جا ٽھوڪا موج مستي ڪٿي آهي اھا زندگي اھا ھلچل؟ اجڙيل جيون، ويران واٽون، شهر شمشان گھاٽ، شھر زندگين جا قبرستان! قيامت ته محشر جي ميدان ۾ سجڻي ھئي اھا اڄ گهر گھر بستي بستي برپا آهي! ساھن کي سنڀارڻ ايترو ڏکيو شايد ئي ڪڏهن ٿيو هجي، زندگيءَ جا ايتر سستا سوڌا تاريخ جي ڪنھن بازار ۾ نه ٿيا جڏهن انگن جا به دنگ مقرر ٿيل ھجن حواسن مٿان موت جي امڪاني مھر لڳل ھجي، موت ۽ حيات جي ايتري ويجهڙائپ اھڙي دوستي ڀلا ڪڏهن ھئي؟ ھئي ته ٻڌايو! اھڙي حياتي کي حياتي چوڻ مشڪري آهي.
نئين وبا نئين نئين تشريحن جا جھان جوڙيا آهن بي حس زندگي ڀلا لذت ۽ لطافت جا ڪھڙارنگ جھٽيندي، ڪلا جا قلم به ڄڻ ڪافورجي چڪا آهن، ڏات ڌڻين کي گلفام گلبدن جي ڳل جو پگهر گل تي شبنم جھڙو لڳندو هو،اڄ اھي سندن ڪينجهر نيڻن ۾ ڄڻ پاڻي لپ جا متلاشي ھجن، مئي نوشي لاءِ ذرو به ناهي بچيل جو کين ادراڪ آهي ته اھو ئي ترياق واپرائڻ کان وڌ ھٿن تي ھڻڻ سان زندگي جي ضمانت ڏئي ٿو. گل لالهه، گل بلبل تخيل بجاءِ مٿن طوفان بلبل(سامونڊي طوفان) طاري آھي بسنتي رتُ ته جوڀن تي آ ھي مٿس جمالي نظر وجھڻ وارا قدردان قيد آھن، گلن سان ڪا بغاوت ٿي آھي، گل تان صحرا نشيي واري ميار به لھي وئي، اڄ رنگ برنگي گل گلشن ۾ توڙي ٻاهر لاوارث آھن ھاڻ گلن جي تعزيت ڪھڙي گلستان سان ڪجي، گل پوشي يا گل پاشي ٻنهي کان محروم! نه ڄاڻ ڪنهن نازنين جي ڪلائين جا ڪنگڻ ٿيڻ ڪنھن جي پيشاني چمڻ ڪنھن جي ڳلي کي ڇھڻ جي موک نصيب ۾ اٿن الائي نه، خبر ناهي، ڪنهن جي ڪاڄ ڪَڻن تي ڪانڌپي جو نالو لکجي چڪو آهي، سندن اجرڪ لنگهيون ڪنھن جي خوشين جا ڪفن ويڙھي ويٺيون آهن “نه مان تنھجو نه پنھنجو” نه دنيا تنھنجي نه منهنجي” ته پوءِ جيئڻ جي حسرت ڇو ڇالاءِ؟ اھڙي منظر حيات کان فرار حاصل ڪرڻ لاءِ اطلاع آهن ته سرحد پارآزاد قوم جا آزاد فرد سماجي قانوني ضابطن جا سڀئي بند ٽوڙي ڄڻ چئي رھيا ھجن ابھي زندہ هين تو جي ليني دو…….وبا کي للڪاريندي وبا جي نالي سان ڪپڙا ٺھرائي پائڻ ڌمچر ڌمالون طائفا وجھڻ پاڻ کي پلاسٽڪ جي لفافي ۾ بند ڪرڻ بجاءِ بڪنيز پائي بيچ تي وڃي موت سان مھاڏو اٽڪايو، منجھن جيڪي بچيا تن بالڪنين ۾ ويھي وائلن وڄايا ڪي بک تي مئا ته ڪي ڍوَ تي! وائرس جو ڪو به دين ڌرم ناهي جيڪو نه ديپڪ راڳ سان سڙي ٿو، نه ملھار سان مري ٿو. اڄ کان پوءِ ھر فرد علامتي طور ھڪڙي بھار کي پنهنجي زندگيءَ ۾ شمار نه ڪري، اھا ئي وبا کي شڪست بھار کي ڀيٽا آ ھي! عالمي سطح تي ھن لقاءَ کي Black spring طور تي پڻ ملهايو وڃي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *