تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

ڪارونجهر رڳو روپلي جو ناهي!… امر رائيسنگهه راجپوت

ڪُجهه عرصي کان شوشل ميڊيا تي اهو عجيب شوشو هلي پيو ته ڪارونجهر صرف روپلي ڪولهيءَ جو آھي، ٿرپارڪر جي سُڃاڻپ فقط روپلو ڪولهي ئي آھي، منهنجي سمجهه مطابق اهو نسلي تعصب، تاريخي ٻيائي، دانشوراڻيءَ انا ۽ ادبي مُنافقي کان سواءِ ڪُجهه به ناهي. ڇاڪاڻ ته ٿر هڪ وڏو وستار آھي، جنهن ۾ مختلف رنگن جي آميزش آھي. انيڪ امر ڪردار ٿر جي سُڃاڻپ آھن، جن کان قطعي انڪار نٿو ڪري سگهجي.
مڃون ٿا ته وفادريءَ جو ٻيو نالو روپلو ڪولهي هو. اسين روپلي کي رڻ بانڪو مڃون ٿا، اسين روپلي جا پير ڌوئي پيئون ٿا، اسين روپلي جي وارثي ڪندي اڄُ به وڏو فخر محسُوس ڪريون ٿا، پر اهو به چئون ٿا ته ڪارونجهر رڳو روپلي جو ناهي، ڪارونجهر لئه سوڍن به سر ڏنا هُئا ته کوسن به خنجر کنيا هُئا، ڀيلن به ڀوڏيون ٻليدان ڪيون هُيون. ڪارونجهر هر اُن ماڻهوءَ جو آھي جيڪو اُن سان مُحبت ڪري ٿو. ڪارونجهر ڪاترن جا ڪڙڪاٽ ڪرائيندڙ ڪولهين جو آھي ته ننگين تلوارن جا تجلا ڏيکاريندڙ راجپوت يوڌن جو به آھي. ڪارونجهر وير بهادر ۽ راڻن سان وفادار روپلي ڪولهيءَ جو آھي ته مُحب وطن مرد مُجاهد اُن ڪيسُوڀاءُ سوڍي جو به آھي، جنهن چيو هو ته ”مون کي ساڻ وٺڻ ٿو چاهين، ڪارونجهر کي ڪوري کڻ تُون“ ڪارونجهر ننگر جي جهوني علي نواز کوسي جو آھي ته چويهه ورهيه چندن گڊ تي دان ڪندڙ راڻي چندن جو به آھي. ڪارونجهر، انگريزن اڳيان آڻ نه مڃيندڙ ڪاپڙي خان کوسي جو آھي ته ڀوڏيسر جي تلاءِ ۾ پاڻي بيهارڻ لئه پنهنجو پُٽ ٻليدان ڪندڙ ڀوڏي پرمار جو به آھي. ڪارونجهر، ڏھ هزار ورهيه سندس هنج ۾ تپسيا ڪندڙ پاراسر رُشي جو آھي ته مسڪينن جي مسيحا مسڪين جهان خان کوسي جو به آھي. ڪارونجهر کي پنهنجي نرالي نثر ۾ جڳن لئه جيئدان ڏيندڙ عبدلواحد آريسر کان وٺي ڄام خان جي وانڍئي جي ڪوي ساگر خاصخيلي تائين هر ماڻهوءَ ڪارونجهر سان محبت ڪري ٿو. ڪارونجهر، ڪارونجهر کي ديوتا جو درجو ڏيندڙ مقيم ڪنڀار جو به آھي ته چندن گڊ جي وري وارثي ڪندڙ راڻا همير سنگهه سوڍي جو به آھي. ڪارونجهر تُنهنجو به آھي ته مُنهنجو به آھي…!!
ڪارونجهر کي سڄو ڏينهن روپلي جو چوڻ وارن کي ڪير سمجهائي ته توهان چندن گڊ جي چاووي کي ڪئين ٿا وساريو؟ جتي هٿين خالي سوڍن گورن جي توبن سان سينا ساهيا هُئا. جتي ڊيسا فوج ۽ بلوچ ٿرڊ ريجمينٽ جي جديد هٿيارن اڳيان صرف سوڍن جا وسيع سينا هُئا جن تي ڪارونجهر ڍال وانگي ڍڪيل هو. توهان کان ٻاين جو ٻيسڻو به وسري ويو جنهن جي گهور انڌاري غار ۾ سوڍا پنهنجي ساھُووارين کي ڇڏي انهن کان وجئه تلڪ وٺي رڻ ڀوميءَ ۾ ويرگتيءَ پراپت ڪرڻ لئه ويندا هُئا تڏھن پويان پاڇل ڦوري نه ڏسندا هُئا ته اُنهن جي ست جو ڇا ٿيندو؟ ٻيو ته گهوريو توهان کان اُھي پيءُ پُٽ (لاڌو سنگهه ۽ اُڌي سنگهه) به وسري ويا جن جيل جا دروازا ٿُڏن سان ٽوڙي هزارين ڪولهين ۽ راجپوتن کي قيد مان آزاد ڪرائي، ڀوري کي ڀڄائي هن ڀوميءَ کي بچايو هو، جن جا لاش به وطن لئه واجهائيندا رهيا. ڪاري پاڻي وارو قهر ڀوڳي انڊمان ڪوبر جي جهنگلي ٻيٽن ۾ مري ويل اُنهن وطن جي عاشق سوڍن لئه اوهان وٽ ذري جيترو احترام به ناهي. ان کان مٿي ٻيو ڪھڙو الميو هوندو؟ اوهان ته نسلي تعصب ۾ ايترو وڪوڙجي ويا جو اوهان کان ڀوڏيسر جي ڀر ۾ موجود اُھا اڪيلي قبر به وسري ويئي جنهن مٿان ڇانوَ ڪري بيٺل ڇاتلي ڄار جو ٽار ٽار اُن سوڍي مٿان ٻلهيار ٿئي ٿو جنهن ڪارونجهر خاطر پنهنجو اهل و عيال قربان ڪري ڇڏيو.
اوهان ته اهو به وساري ويٺا آھيو ته روپلي وفاداري ڪنهن سان ڪئي هُئي؟ روپلي ته وطن کان پهرين وطن جي والي راڄ راڻن سوڍن لئه سر ڏنو هو. سوڍا جيڪڏھن غدار هُجن ها ته روپلو اوهان کان پهرين پرکي وٺي ها ۽ اذيتون عذاب ڀوڳڻ بجاءِ راڻن جو ڏس ڏئي ڇڏي ها. اوهين ته سڄو ڏينهن سوڍن کي غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ۾ مصروف هئڻ سبب اهو به وساري ويٺا ته ڪرنل ٽائر وٽ سان يارنهن سال ننگر ۾ راڻو ڪرڻ وڙھيو هو، ۽ هزارين راجپوت يوڌن پنهنجا سر ڪارونجهر تان قربان ڪيا هُئا. اُنهن هزارين راجپوتن جي قربانيءَ کي اوهين ڪئين ٿا وساري سگهو؟ ڪئين ٿا وساريو اُھو ٻهراڻي جو ڪلجي ٺڪر جنهن انگريز سان اڪيلي ٽَڪر کاڌو هو. اوهان کان ڪلي ۽ مهاسينگ کان وٺي ”ڪَٽڪن سان رَٽڪا“ ڪندڙ راجپوتن جي سگڙي رهاڻ ئي وسري ويئي جنهن جي رت جو رنگ اڃا ڪارونجهر جي لڱ تان لٿو ئي ناهي، ۽ اوهين چئو ٿا ته ڪارونجهر رڳو روپلي جو آھي..اوهين ته پُنراج گڊ جي خالق ڪارونجهر جي ڪوڏئي پُنراج سينڌل کي به وساري ويٺا آھيو جنهن پنهنجي رجواڙي جي ڳوٺ سوراچند جي هڪڙي ڌنار سوري جو سر بچائڻ خاطر احمد آباد گجرات جي حاڪم احمد شاھ کي پنهنجو سر وڍي سونپيو هو. ميگهه سينڌل جي اُن موڀي پُٽ پُنراج سينڌل جي سر جي اهميت ڀلي کڻي اوهان وٽ نه هُجي پر ڪارونجهر اڄُ به اُن جي اهميت جو ڌوج ڌونئري ڏينهن وانگي ڦڙڪائي ٿو.
اوهان وٽ صرف اهو ئي دليل آھي ته سوڍن انگريزن کان جاگيرون ورتيون، ڇا جاگيرون انگريزن جي پيءُ جون هيون جو سوڍن انهن کان وريتون؟ ڇا جاگيرون انگريز برطانيه مان مٿي تي کڻي آيا هُئا. اهي جاگيرون ستن پيڙھين کان سوڍن جي ابن ڏاڏن جون هُيون جن انگريزن سان وڙھي پنهنجي مُڙسيءَ سان واپس ڇني ورتيون ته ان ۾ ڪهڙو هرج؟ پنهنجو حق واپس ملڻ تي خاموش ٿي ويهڻ کي غداري چوڻ ڪهڙو ڌرم آھي؟ انگريزن کي جاگيرون واپس ڪرڻ تي مجبور ڪندڙ بهادر سوڍن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ وڏي بدنيتي کانسواءِ ڪجهه به ناهي. اها بدنيتي واري پروپئڳنڊا اڄُ ڪلهه عروج تي آھي پر تاريخ پنهنجي سوڍن جي اڏولتا کي اڄُ به سيني ۾ سانڍيو وتي. سوڍا ڌرتيءَ جا وفادار ۽ بهادر سپاهي هُئا جن سرن جا صدقا ڏيئي پنهنجي اتهاس کي امرتا بخشي ھُئي. اوهين مڃو نه مڃو پر ٿر ۽ ڪارونجهر سوڍن جي صاحبيءَ جو اهڙو تاريخي اهڃاڻ آھي جنهن کي لڪائڻ سج کي کاريءَ هيٺ رکڻ جي مترادف هوندو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *