تازا ترين
  • *ٺل: ايس يو پي ڪارڪن قائم سرڪي قتل ڪيس جو مک جوابدار بلوچستان مان گرفتار * ٺل: پوليس اوستا محمد لڳ جڳهه تي ڇاپو هڻي ربنواز عرف ربو کي گرفتار ڪيو * ٺل: جوابدار کي بس اسٽيڊ کان وچ شهر مان گشت ڪرائي ٿاڻي تي آندو ويو *
  • * دادو اسپتال ۾ عورت شمشاد ڌي ارباب شاھه فوت: غفلت جو الزام: ڊاڪٽرن کي مبينا مارڪٽ *
  • *جيڪب آباد تعليم ۽ ناڻي کاتي جي 17 ملازمن خلاف ڪرپشن جا 18 ڪيس داخل * جيڪب آباد: اڳوڻو ڊي او صادق ڪٽوھر، جبار دايو، غزالا ٿھيم، شڪور، ٽي اي او قمر ٻرڙو نامزد * جيڪب آباد: ٺل جي موجوده ٽي اي او ٺل ياسمين، گل حسن انڙ، مرتضيٰ جکرو ۽ ٻيا جوابدار ڄاڻايل *
  • *سجاول اسپتال انتظاميا جو ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار: نينگري 2ڪلاڪ تڙپندي رهي: عملو ٽهڪ ڏيندو رهيو! * سجاول: ڳوٺ نودو ٻارڻ واسي پورھيت اصغر ملاح جي 12 سالن جي مسڪان کي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو ويو * سجاول: ڊاڪٽرن نينگري کي ٺيڪ قرار ڏنو، نينگري جي پيشاب جي نالي بند آهي: خانگي اسپتال جي رپورٽ *
  • *ڄامشورو: بجلي ڏيو ڪونه، مٿان وري ڳرا بِل ٿا موڪليو: ڄامشوري ۾ عورتون حيسڪو جي آزار خلاف رستن تي نڪري آيون * ڄامشورو: حيسڪو زيادتيون بند نه ڪيون ته انڊس هاءِ وي بند ڪنديون سين: مظاهرين *
  • هاڻي شاگردن کي استاد ۽ ڪلارڪ پاڻ امتحاني فارم ڀري ڏيندا*پرائمري ۾ شاگرد جو نالو ۽ پيدائشي تاريخ صحيح لکو: عدالت طرفان داخلا فارم ڀرڻ لاءِ مڪينزم جوڙڻ جو حڪم*
  • راڻا ثناءُ الله خلاف شاهدن جي زندگيءَ کي خطرو آهي: شهريار آفريدي طرفان منشيات ڪيس پنڊي منتقل ڪرڻ جو مطالبو*سياسي ڊرگ ڊيلرز ۾ هٿ وجهڻ تي اي اين ايف جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، شاهدن کي به ڌمڪيون ملي رهيون آهن: مملڪتي وزير*راڻا ثناءُ الله خلاف ثبوت ۽شاهديون موجود آهن، جيل ۾ روزانو بُنيادن تي ٽرائل جي اجازت ڏني وڃي: اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهيون*
  • اسٽي باوجود ڪيفي سنڌ کي ڇو ڊاٺو؟ ڪي ايم سي جي انڪروچمينٽ انتظاميا کي توهين عدالت جا نوٽيسز جاري*سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي اختيارين کان جواب طلب ڪري ورتو*
  • گُٽڪي ۽ مين پُڙي جي ڪاروبار خلاف ڪريڪ ڊائون جو اعلان*گهرو کاتي طرفان خوراڪ کاتي، فوڊ اٿارٽي ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي*
  • ٺل جي ميڊيڪل سينٽر ۾ گئس نه ملڻ سبب 4 تازا ڄاول ٻارڙا فوت: وارثن جي احتجاج بعد سينٽر سيل: ڊاڪٽرز ۽ عملو فرار*ميڊيڪل سينٽر انتظاميا جي سنگين لاپرواهي واري مامري جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي*
  • مردان ۾ زمين جي تڪرار تان فائرنگ، امڙ ۽ 3 ڀائرن سوڌو 5 ڄڻا قتل*

ڪارل مارڪس جو اقتصادي نظريو…..شهريار رحمان کوسو

ڪميونزم هڪ سياسي ۽ اقتصادي نظريو آهي گهڻا ماڻهو ان کي هڪ اهڙو نظريو سمجهندا آهن جيڪو مذهب کان انڪاري آهي پر حقيقت ۾ ايئن ناهي. ڪميونزم نظرئي جي شروعات يونان کان ٿي پر جديد ڪميونزم جو باني ڪارل مارڪس آهي، ڪارل مارڪس کان پهرين به وڏا وڏا اقتصادي جا ماهر رهي چڪا هئا جن ۾ ايڊم سمٿ، ٿومس ايٽ وڊ، ويليم ايشلي، جين بوڊن، فريڊريڪ بيستيات، ٿومس چالمرس، جوهان بيٽس ڪلراڪ، گستوا ڪيسل ۽ ايڊيٿ ايبٽ وغيره. پر ڪارل مارڪس نه فقط فلسفو ڏنو پر ان کي عملي طور لاڳو ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي. جڏهن ته ان وقت خاص ڪري فرينچ انقلاب کانپوءِ دنيا جا وڏا ملڪ انقلابن کان خوفزده ٿي چڪا هئا، انهن مارڪس تي پابنديون هنيون، جن مارڪس کي مرڳو دنيا ۾ وڏي شهرت ڏني.
ڪارل مارڪس 1818ع جرمني ۾ هڪ يهودي خاندان ۾ جنم ورتو. هو عظيم جرمن فلاسفر هيگل کان گھڻو متاثر هو. مارڪس1837ع ۾ ناول به لکيا، جن جا نالا “اولانيم ۽ اسڪورپين فيلڪس” هئا، 1843ع ۾ اخبار جو ايڊٽر به ٿيو، جنهن ۾ هو دوست ارنولڊ روگي سان گڏجي مختلف ڪالم لکندو رهيو، ان وقت سندس موضوع هيگل جي فلاسافي هئي، جنهن کي هو پنهنجي نقطهءَ نظر سان ڏسي رهيو هو. 1844ع ۾ مارڪس جي ملاقات فريڊرڪ اينگلس سان ٿي ان کان پوءِ ٻنهي جو تعلق مضبوط ٿي ويو. مارڪس ۽ اينگلس گڏجي سماج ۽ رائج قانون بابت تنقيد تي ٻڌل ڪالم لکندا هئا. 1848ع ۾ مارڪس ۽ اينگلس گڏجي ڪميونسٽ منشور لکيو ۽ ڇپرايو. ترت پوءِ پوءِ مارڪس ۽ اينگلس هڪڙي نئين ڪميونسٽ ليگ ٺاهي پر احتجاج جي ڪري 1852ع ۾ عدالتي فيصلي جي نتيجي ۾ ليگ جا 12 ميمبر جيل هليا ويا ۽ ايئن تنظيم ٽٽي پئي، ان وچ ۾ مارڪس مالي لحاظ سان ڪمزور ٿي ويو، اينگلس سندس مدد ڪندو رهندو آهي. مارڪس نيويارڪ جي “ڊيلي ٽربيون” ۾ ڪالم لکي پنهنجو اقتصادي نظريو عام ماڻهو تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. 1867ع ۾ هن پنهنجو مشهور ڪتاب “داس ڪيپٽل” لکيو، ان ڪتاب جا 3 جلد هئا پر مارڪس پنهنجي زندگي ۾ فقط پهريون جلد ئي ڇپرائي سگهيو آهي، باقي ٻه جلد مارڪس جي وفات کانپوءِ ڇپيا، ان ڪتاب ۾ هن مختلف اقتصادي نظريو ڏنو، جيڪو عام محنت ڪندڙ ماڻهو کي سامهون رکي ڏنو ويو. مارڪس ۽ اينگلس جي ڪميونيسٽ منشور کان وٺي “داس ڪيپيٽل” تائين هڪڙو ئي اقتصادي نظريو هو، ڪميونزم مطابق ذاتي ملڪيت غربت کي جنم ڏيندي آهي، ان ڪري ذاتي ملڪيت کي ختم ڪيو وڃي ۽ پئسي جي ورڇ محنت جي حساب ڪئي وڃي، جيڪو ماڻهو جيتري محنت ڪري ان کي اوتري رقم ڏني وڃي. ڪميونزم مطابق ڪو به ڪاروبار ذاتي نه هوندو، ڪو به ڪنهن فيڪٽري جو مالڪ به هوندو، سڀني هڪ نظر سان ڏٺو ويندو. ملڪ ۾ موجود هر ملڪيت سرڪاري هوندي. ڪميونزم مطابق امير غريب جي درجابندي کي ختم ڪري ۽ فرد کي ذاتي قابليت تي سلو ڏنو وڃي. ڪارل مارڪس چيو ته امير ۽ سرمائيدار طبقو گهٽ ٽيڪس ڏئي پئسو گڏ ڪن ٿا. جڏهن ته محنت ڪندڙ طبقي کي گهڻي محنت جي عيوض تمام گهٽ معاوضو ڏئي چپ ڪرايو ويندو آهي.
مارڪس ۽ اينگلس جو نظريو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ته سٺو لڳو پر ان ۾ به ڪجهه ڳالهيون هيون جيڪي ملڪ ۽ سماج لاءِ نقصانڪار هيون، جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ڪميونزم نظام هوندو، ته چٽاڀيٽي ختم ٿي ويندي، ملڪي ترقي رڪجي ويندي، ڇو ته سڀني کي خبر هوندي ته اسان کي هڪڙو مخصوص معاوضو ئي ملندو، ٻئي طرف سرمائيداراڻي نظام ۾ وڌيڪ ڪمائڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪندو ۽ ان سان مقابلو پيدا ٿيندو. ڇو ته انسان جي فطرت ۾ وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي لالچ هوندي آهي، جي ڪنهن انسان کان ڪم وٺڻو آهي ته ان کي وڌيڪ جي لالچ ڏيڻي پوندي، هڪڙو مزدور ڪميونزم نظام ۾ 2 ڪلاڪ ڪم ڪندو ته سرمائيداراڻي ۾ 4 ڪلاڪ ڪم ڪندو. اهو مقابلو آهي، ان سان ئي ملڪ ترقي ڪندا آهن، هن وقت دنيا جيڪا به ترقي ڪئي آهي، اها ان ڪامپيٽيشن جو نتيجو آهي. هڪڙي ٻي حقيقت به آهي ته مارڪس جو نظريو هن وقت يا ايندڙ 2 صدين لاءِ نه پر ايندڙ دنيا لاءِ آهي، ڇو ته مارڪسي نظرئي کي سمجھڻ لاءِ به صديون کپن، دنيا في الحال هلڻ ئي هاڻي سکي آهي، ان کي ڊوڙڻ لاءِ وقت کپي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *