تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

ڪائنات ۽ زمين جو ٺھڻ … نوناري جي ايم

ھن ڪائنات ۽ ڌرتيءَ جي جنم بابت مختلف مذھبن ۽ لوڪ ڪٿائن ۾ ڪيترائي مختلف نظريا ۽ ڳالھيون موجود آھن. پر سائنس جي مطابق 13 ارب 70ڪروڙ سال (13.70 billion years) اڳ، ھر طرف مڪمل اونداهه ۽ سانت ھئي. ڪنھن به حرڪت ۽ چرپر جو نالو نشان ئي نه ھو. صرف ايٽم کان ڪيترائي ڀيرا ننڍڙو ھڪ ذرڙو موجود ھو ۽ پوءِ اھو ننڍڙو ذرڙو اچانڪ ھڪ سيڪنڊ جي لکين حصي ۾ وڏي ڌماڪي (Explosion) سان ڦاٽي پيو، جنھن کي اسين بگ بينگ ڌماڪو (Big Bang) يعني وڏو ڌماڪو چئون ٿا. ھي بگ بينگ نظريو ( Big Bang theory) جارج لي مائٽر (George Le Maitre) سال 1927 ع ۾ پيش ڪيو. ھن نظريي جي مطابق ان وڏي ڌماڪي سان گرمي (Heat) ۽ توانائي (Energy) جنم ورتو ۽ اڳتي ھلي انھن گرمي ۽ توانائي ھن پوري ڪائنات کي جنم ڏنو. جنھن ۾ ڪيتريون ئي ڪھڪشان (Galaxies)، ستارا (Stars)، گرھه (Planets)، ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍڙا آسماني مادہ (Celestial Bodies) وجود ۾ آيا.
13 ارب 30 ڪروڙ سال اڳ، گرميءَ سبب اتي موجود گئسن گڏجي اتي ڪيترائي عارضي ستارا ٺاھڻ شروع ڪيا. ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان 9 ارب سال پوءِ يعني اڄ کان تقريباً 4 ارب 57 ڪروڙ سال اڳ، گريوٽي ( Gravity) ۽ ميٽلس (Metals) اسانجي اڄوڪي سج کي جنم ڏنو، جيڪو ان وقت مٽي ۽ ڪجھه مختلف گئسن جو مجموعو ھو. ان وقت اسانجي سج ھڪ نئين ستاري طور جنم ورتو ھو ۽ ان جي چوڌاري مٽي، گيس ۽ پٿرن جو ميڙ گھمي رھيو ھو. سج جي ڪشش ثقل انھن مٽي، گيس ۽ پٿرن جي ميڙ کي گرھن جي شڪل ۾ گڏ ڪيو ۽ اھي سج جي چوڌاري ڦرڻ لڳا. انھن گرھن ۾ ھڪ اسانجي زمين به ھئي. ان وقت سج جي چوڌاري ٻيا به سوين گرھه ھئا، جيڪي اڳتي ھلي گھٽجي ويا ۽ اڄ جي موجود اٺن گرھن (Planets) ۾ گڏجي ويا. ان وقت اسانجي ڌرتي اڄ وانگر خوبصورت نيري ۽ سائي رنگ گولو نه ھئي پر اھا ٽھڪندڙ لاوي (Lava) جو سمنڊ ھئي. ان وقت زمين جو گرمي پڌ 12000 سينٽي گريڊ ھو صرف ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ، نائٽروجن، ۽ زھريلي گئسن کانسواءِ ڪجھه به نه ھئي، جيڪي ڳرا عنصر (Elements) ھئا اھي زمين جي مرڪز (Core) طرف ھليا ويا ۽ ڪشش، ڇڪ (Gravity) واري قوت پيدا ڪيائون ۽ ھلڪا عنصر زمين جي مٿاڇري تي ئي رھيا ۽ اڳتي ھلي اسانجي ڌرتيءَ جو مٿيون تهه يعني (Crust) ٺاھيائون. ان وقت زمين جي گولي جي پنھنجي مڌار تي ڦرڻ واري رفتار تمام تيز ھئي، جنھنڪري سج رڳو 3 ڪلاڪن لاءِ زمين جي مٿان اڀرندو ھو.
4 ارب 53 ڪروڙ سال اڳ، مريخ (Mars) جي سائيز جيترو ھڪ گرھه 15 ھزار ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان زمين سان ٽڪرائجي ويو ۽ ان گرھه جي زمين سان ٽڪرائجڻ سان ڪئي کرب ٽن مواد (Material) خلا ۾ اڏامي ويو ۽ جڏھن ڪشش ثقل جي ڪري اھو مواد گڏ ٿيو تڏھن 3 ھزار ڪلوميٽر ويڪرو ھڪ ٻيو گولو ڌرتيءَ جي ڀرسان ٺھي ويو ۽ ڌرتي جي چوڌاري ڦرڻ لڳو، جنھن کي اسين چنڊ (Moon) چئون ٿا. چنڊ جي پيدا ٿيڻ سان ان جي ڪشش سبب ڌرتيءَ جي پنھنجي مدار تي ڦرڻ جي رفتار ڪجهھ گھٽ ٿي ۽ سج ڌرتيءَ مٿان 6 ڪلاڪ اڀرڻ لڳو. 4 ارب 11 ڪروڙ سال اڳ، زمين مٿان شھاب ثاقب (Meteorites) جي برسات وسڻ شروع ٿي، جيڪا 2 ڪروڙ سالن تائين وسندي رھي ۽ انھن شھاب ثاقب اندر لوڻ جي داڻن وانگر ننڍڙا ننڍڙا ڪرسٽل (Crystals) موجود ھئا جن جو اندر پاڻيءَ سان ڀريل ھو. ان برسات جي ڪري زمين تي پاڻيءَ جا دٻا گڏ ٿي ويا ۽ ڪجھه پاڻي زمين جي اندر پٿرن اندر به موجود ھو، جيڪو ڌرتي جي ھيٺئين تهھ (Mantle) جي مختلف وقتن تي ڦاٽي (Erupt) ٿيڻ سان ٻاھر نڪري آيو.
4 ارب 4 ڪروڙ سال اڳ، انھيءَ پاڻي سمنڊ جي شڪل ورتي، گرميءَ جو درجو گھٽجي 80-70 سينٽي گريڊ تائين پھچي ويو. ان ٿڌڪار ڪري پٿريلي صورت ۾ زمين جو مٿاڇرو (Crust) ٺھڻ لڳو. 3 ارب 80 ڪروڙ سال اڳ، شھاب ثاقبن جو نمونو بدلجي ويو ۽ اھي تيزيءَ سان وسڻ لڳا ۽ سمنڊن واري پاڻيءَ ۾ ڳري ڪيترائي ڪيميائي مادا ۽ منرلس (Minerals) پاڻيءَ ۾ ڇڏڻ لڳا ۽ انھيءَ پاڻيءَ سان گڏ ڪاربان، شروعاتي پروٽين يعني امونيا ايسڊ کڻي آيا ۽ سمنڊ جي تري ۾ جذب ٿي ويا. انھن ڪيميائي مادن ۽ امونيا ايسڊ جي سمنڊ ۾ ملاوٽ ڪيميڪل سوپ کي جنم ڏنو. تقريباً ساڍا 3 ارب سال اڳ، سمنڊن اندر ھڪ گھرڙي جيو (Unicellural) واري جاندار بيڪٽيريا جو جنم ٿيو. انھن بيڪٽيريائن جلدي پاڻيءَ ۾ ڪالونيون (Colonies) ٺاھي ورتيون جن کي اسٽروميٽرولائيٽس (Stromatolites) سڏيو وڃي ٿو. 3 ارب 50 ڪروڙ سالاڳ، البارا (Vaalbara) عظيم کنڊ ٺھيو ۽ ٿوري عرصي ۾ اھو ٽٽي پيو. 2 ارب 72 ڪروڙ سال اڳ، ڪينورلينڊ (Kenorland) عظيم کنڊ ٺھيو ۽ ٿوري عرصي بعد اھو به ٽٽي پيو. 2 ارب 50 ڪروڙ سال اڳ،انھن بيڪٽيريائن آڪسيجن پيدا ڪئي. انھن تڙڪيسازي (Photosynthesis) جي عمل تحت سج جي روشني وسيلي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي کي گلوڪوز ۾ تبديل ڪيو ۽ آڪسيجن پيدا ٿي. ۽ آھستي آھستي سڄي سمنڊن اندر گھڻي مقدار ۾ آڪسيجن پيدا ٿي.
2 ارب 40 ڪروڙ سال اڳ، ان آڪسيجن لوھه جي ذرڙن سان ملي (Ironoxide) ٺاھيو، جيڪو ڪٽ (Rust) جي صورت ۾ سمنڊن جي ترن ۾ گڏ ٿيڻ لڳو جنھن کي ڪڍي اسان لوھ طور ڪم آڻيون ٿا. 2 ارب 30 ڪروڙ سال اڳ، زمين برفاني دؤر (Ice age) جو شڪار ٿي وئي، ڇو ته زمين سطح تي موجود پھاڙن گھڻي ڪاربان پنھنجي اندر جذب ڪري ورتي ۽ اھا زمين جي چوڌاري گھيري مان ختم ٿي وئي، تنھن ڪري زمين جي گرمي مين جي وايو منڊل( Atmosphere) ۾ ڦاسي نه سگھي، ڇو ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گرمي کي ٻاھر وڃڻ کان روڪيندي آھي. ان قت گرميءَ جو درجو ڪاٽو 50 سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو ۽ آھستي آھستي زمين 3 ڪلوميٽر ٿلھي برف جي تهھ ھيٺيان ڍڪجي وئي ۽ برف ھيٺيان ڏيڍ ڪروڙ سالن تائين پگھريل لائو (Magma) ٽھڪندو رھيو ۽ جڏھن گئسون گھڻيون وڌي ويون ته پگھريل لائو ڌماڪن سان ٻاھر نڪري آيو ۽ پوءِ گرمي وڌي وئي ۽ برف سمنڊن ۾ بدلجي وئي ۽ گرميءَ جو درجو ھاڻوڪي اونھاري جيترو ٿي ويو. ۽ پنھنجي مڌار تي ڦرڻ واري زمين جي رفتار اڃا گھٽ ٿي وئي ۽ سج زمين مٿان 16 ڪلاڪن لاءِ اڀري پيو. ڪيئي ڪروڙين سالن تائين زمين جو مٿاڇرو ٺھندو رھيو جنھن جي ھيٺيان ٻرڪندڙ لائو ھر وقت ٽھڪندو رھيو ۽ نتيجي ۾ روز نوان نوان سمنڊ وجود ۾ ايندا رھندا ھئا. اھو سڀ ڪجهھ گرمي جي ڪري ٿيندو رھيو.
1 ارب 82 ڪروڙ سال اڳ، خشڪيءَ جا ننڍا ننڍا ٽڪرا گڏجي ھڪ قديم کنڊ ڪولمبيا (Columbia) کي جنم ڏنو. ان قديم کنڊ کي نيونا (Nuna) يا ھڊسن لينڊ (Hudsonland) به چيو ويندو آھي. 1 ارب 50 ڪروڙ سال اڳ، ڪولمبيا (Columbia) به ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو. 1 ارب 23 ڪروڙ سال اڳ، ڪولمبيا جي ٽٽل ٽڪرن آھستي آھستي پاڻ ۾ گڏجي وري ھڪ ٻيو عظيم کنڊ ٺاھي ورتو. جنھن کي روڊينا (Rodinia) چئون ٿا. نيٺ 90 ڪروڙ سال اڳ ھڪ گھرڙي جيو (Unicellural) جاندارن مان گھڻ گھرڙا جيو (Multi-Cellural) وارا جاندار پيدا ٿيا، اھڙي طرح اڳتي وڏن جاندارن جي پيدا ٿيڻ لاءِ بنياد پئجي ويو. 27 ڪروڙ سال اڳ، وري زمين ھڪ دفعو ٻيھر ڳنڍجي وئي ۽ زمين جو آخري عظيم کنڊ پينجيا (Pangaea) ٺھي پيو. 20 ڪروڙ سال اڳ، وري زمين اندر لائو ۽ گئسون (Gasses) گڏ ٿي ويون ۽ نتيجي ۾ (Pangaea) عظيم کنڊ ٻن وڏن کنڊن (Laurasia) ۽ (Gondwanaland) ۾ ورهائجي ويو ۽ آھستي آھستي وڌيڪ ٽٽي موجوده ستن کنڊن (Continents) جي شڪل اختيار ڪيائين. جنھن ۾ اتر آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، آفريڪا، يورپ، ايشيا، انٽارڪٽيڪا ۽ آسٽريليا کنڊ شامل آھن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *