تازا ترين
  • *ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه شير شاهه ۾عمارت ڪرڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو *وڏي وزير پاران ڪمشنر ڪراچي کي فوري طور انتظاميه کي متحرڪ ڪرڻ جي هدايت *ڪوشش ڪئي وڃي ته سمورن مزدورن جون حياتيون بچايون وڃن: وڏو وزير مراد علي شاهه*
  • *ٽنڊو غلام حيدر جي مختلف علائقن مان برسات ۽ گهارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، رهواسي عذاب ۾ مبتلا *مويا نظرپور، ڏندو، حاجي صوڀو خان چانڊيو سميت 8 يوسيز جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مليريا، گيسٽرو ۽ ٻين بيماريون منهن ڪڍيو، ڪيترائي ڳوٺاڻا اسپتال ڀيڙا*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ ذهني مريض قيدي جي موت واري سزا روڪڻ لاءِ اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار غلام عباس جي طبي چڪاس لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙي ڇڏيو *ميڊيڪل بورڊ کي طبي چڪاس ڪري ٽن هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم*
  • *ٽنڊو غلام حيدر ۾ ڳوٺاڻن جو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئارڻ کان انڪار *ڳوٺ مير محمد لاشاري جي رهواسين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو *ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيئارينداسين: ڳوٺاڻا*
  • *ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ ۾ وقتي وائيس چانسلرز جي مقرري *پروفيسر ڊاڪٽر ظهير الدين ميراڻي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وقتي وائيس چانسلر مقرر *احمد سلطان جتوئي وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري*
  • *آصف زرداري ۽ نواز شريف هڪ ٻئي تي الزام لڳائيندا رهيا هاڻي گڏ ويٺا آھن: خرم شير زمان *بلاول جي تقرير مان لڳي پيو ته پاڪستان خلاف تحريڪ هلائڻ وڃن پيا: خرم شيرزمان *جيڪڏھن کين تحريڪ هلائڻي آھي ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ڇو نٿا ڪن: خرم شير زمان*
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*

ڪائنات جو حسين ترين گل عورت …طفيل مگسي

عورت جيڪا تخليقڪار جي سڀ کان وڌيڪ سندر .خوبصورت ۽ حسين ترين گل آھي.جنهن جي ذات ۾ تخليقڪار اها خوبي رکي آھي ته هو ماءُ جي روپ ۾ جنت آھي ۽ جنهن پنهنجي تخم منجهان دنيا جي ڪيترن ئي نبين، وليين، سياستدانن، سائنسدانن، درويشن، صوفين، بزرگن، سورمن، ارڏن ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙن کي جنم ڏنو آھي ۽ پنهنجي انهي تخليق جي ڪري عورت جيڪا دين توڙي دنيا ۾ نهايت معتبر ۽ عظيم حيثيت جي مالڪ آھي نه صرد ف اهو پر خود عورت پنهنجي بهادري جو به هڪ وڏو مثال آھي. عورت جيڪڏھن شايد هن دنيا ۾ نه هجي ها ته هي ڪائنات رڻ پٽ ۾ ساهه کڻڻ جي لاءِ ڪو وڻ يا ٻوٽو نه هجي ها، عورت جيڪا معصوم ۽ پاڪيزه آھي. سڄي ڪائنات جي سونهن عورتن جي بدولت آھي.
ايترين خوبين .عظمتن ۽ لازوال ڪردار جي مالڪ عورت اڄ ڪلهه جي هن دنيا ۾ اڪيلي رهجي وئي آھي.خاص طور تي منهنجي سنڌ جي عورٿ .جيڪا ٻين جي ڀيٽ ۾ گهڻي مجبور ۽ بيوس آھي.جنهن جي سڄي زندگي جانورن جيان گذري وڃي ٿي.ائين سمجهجي ته هو بي زبان جانور آھي.جيڪا پنهنجي خدا جي طرف کان مليل زندگي پنهنجي مرضي سان نٿي گذاري سگهي.پنهنجي زندگي جا پاڻ فيصلا نٿي ڪري سگهي.چاهي پيءُ جي گهر ۾ ھجي چاهي مڙس جي گهر ۾ ھجي هر صورت ۾ مرد جي مرضي تي هلڻ جي پابند هوندي آھي. پيءُ جي گهر هوندي ته ڊنل ۽ ھيسيل رهندي آھي.پنهنجين صلاحيتن تي ڀروسو نه ڪندي آھي.خوف کان سندس خواهشيون دٻجي دفن ٿي وينديون آھن.۽ اها انهي اميد جي اوسيئڙي ۾ ھوندي آھي ته اڳتي هلي مڙس جي گهر ۾ سندس اهي سڀ رڪاوٽون. ڊپ ختم ٿي ويندا ۽ ھو ھڪ نئين ۽ سٺي زندگي اختيار ڪندي پر افسوس ته هتي به مڙس هن کي سندس اها اهميت ته ناهي ڏيندو پر کيس پنهنجي پير جي جتي سمجهندو آھي.
عورت رڏ پچاءُ ڪرڻ ۽ ٻار تاتڻ کانسواءِ ڪو ٻيو ڪم ناهي ڪري سگهندي.مڙس جي خوف ۽ دهشت ۾ ان جي خوداعتمادي ختم ٿي وڃي ٿي وري جڏھن سندس ٻار ٿي ويندا آھن ته هو انهن جي رحم وڪرم تي هوندي آھي ڇاڪاڻ ته جي صالح ٿيا ته صحيح جي نه ته ماءُ جي لاءِ ھڪ آزار بڻجي ويندا آھن. جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ گذريل صدي کان عورتون تعليمي ميدان ۾مردن جي ڀيٽ ۾ گهڻيون اڳتي نڪتل آھن.سنڌ جي اها سٻاجهڙي عورت اڄ به ريتن رسمن ۽ رواجن جي گهاڻي ۾ سرنهن جيان پيسجي رهي آھي. سنڌ جي عورت ويچاري کي مرد چاهي مارڪٽ ڪري چاهي تذليل ڪريس پر پوءِ به هو ان کان الڳ ٿيڻ جو تصور به ناهي ڪندي. اسان جي معاشري ۾ طلاق يافتا عورت جو ڪو به مقام ڪونهي ۽ ان جي حيثت جانور کان گهٽ ھوندي آھي.سنڌي عورت جي سموري زندگي سدائين سورن جو هڪ اڻ کٽندڙ داستان رهي آھي.ڪيترن جڳهن تي تي هو اڃا بالغ به ناهي ٿيندي ته کيس ٽڪن جي عيوض پيءُ يا ڏاڏي جي عمر جي مرد سان زوري پئسن عيوض پرڻايو ويندو آھي يا ڪيترين کي شڪ جي بنيادن تي ڪارو ڪري قتل پڻ ڪيو ويندو آھي. ڇا تخليقڪار انهي خوبصورت گل کي انهي لاءِ تخليق ڪيو هو ته جنهن وقت مرد کي وڻي کيس سنگهي ۽ پوءِ پيرن جي هيٺان چٿي ڇڏي؟

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *