تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

کيرٿر ۾ بنجو آبشار….عابد لاشاري

بنجو آبشار ڪاڇي جي شھر ٽنڊو رحيم کان 12 ۽ گاجي شاهه کان 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه طرف کيرٿر جابلو سلسلي جي ڀت جبل، بنجو ٽڪر جي چوٽي تي واقع آهي، جتان چشمي جي صورت ۾ پاڻي ٻنڀ ڏئي نڪري ٿو.
بنجو آبشار جو نڪرندڙ جاءِ تان پاڻي تمام گهڻو گرم آهي جيڪو ٽڪر جي چوٽي لهڻ وقت 300 فوٽن جو ڊگهو آبشار ٺاهي ٿو. جابلو علائقو هجڻ سبب آبشار جو پاڻي صاف سٿرو ۽ شفاف ھجڻ ڪري پرڪشش منظر پيش ڪري ٿو. آبشار مان هيٺ لهڻ کانپوءِ پاڻي واهي جي صورت اختيار ڪري ٿو ۽ پاڻي پيئڻ جهڙو به ٿئي ٿو، جنهن مان آس پاس ۾ رهندڙ ماڻهو پيئڻ لاءِ پاڻي ڀرين ٿا.
اها پاڻي واهي جي صورت ۾ 5 ڪلوميٽر پري گاجي شاهه جي درگاهه کان اوڀر طرف ڌونڪ ماٿريءَ جي لڳ ڀڳ 500 ايڪڙ زرعي زمين آباد ڪري ٿو. ڪاڇي ۾ هن واهي کي بنجو واهي سان گڏ گاجي شاهه جي واهي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هر سال هن آبشار تي سنڌ جي مختلف شهرن مان ڪيترائي سياح سير ۽ تفريح ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. جڏهن ته گاجي شاهه جي نالي سان منسوب هجڻ ڪري ڪافي ماڻهو عقيدي جي بنياد تي هن چشمي تي به اچن ٿا.
ماڻهن جو عقيدو آهي ته هن آبشار جي پاڻي ۾ وهنجڻ سان چمڙي يا خارش جي بيماري سميت ٻين بيمارين کان چاق ٿي وڃن ٿا. اهو سلسلو سالن کان هلندو پيو اچي. جڏهن ڪاڇي ۾ ڏڪار ٿئي ٿو يا ڪنهن سال گهٽ برساتون پون ٿيون ته ان سال واهي جو پاڻي گاجي شاهه جي درگاهه تائين پهچڻ کان پهرين ختم ٿي وڃي ٿو. آبشار واري واهي جو پاڻي زلزلن سبب گهٽجي به وڃي ٿو. ڪجهه وقت ته پاڻي وهڻ بند به ٿي ويو هو پر هاڻ مسلسل وهندڙ آهي.
عقيدتمند واهي بند ٿي وڃڻ کي گاجي شاهه جي ڪرامت سان سلهاڙين ٿا. سندن عقيدو آهي ته جڏهن گاجي شاهه ناراض ٿيو هو ته پاڻي وھڻ بند ٿي ويو هو ۽ باسون باسڻ ۽ خير خيرات ڪرڻ سان گاجي شاهه راضي ٿيو ته پاڻي ٻيهر وھڻ شروع ٿي ويو.
بھرحال، مٿي لکي آيو آهيان ته هن ئي آبشار جو پاڻي واهي جي صورت ۾ ڌونڪ ماٿري ۾ داخل ٿي زرعي زمين آباد ڪري ٿو جتي قديم بستي به آهي. اها بستي مقامي طور پياري جي ماڙي يا ماڙيکڙ دڙو سان مشهور آهي. تاريخدانن ۽ محققن ان کي گاجي شاهه دڙو نالو ڏنو آهي.
هن دڙي بابت تاج صحرائي، اين جي مجمدار، عزيز ڪنگراڻي ۽ ڊاڪٽر لوئس فليم جي راءِ آهي ته دڙو 6000 سال پراڻو آهي. هتي موهن جي دڙي جا به آثار مليا آهن. ان مان لڳي ٿو ته بنجو آبشار کيرٿر جابلو سلسلي مان نهايت قديم زماني کان وهندڙ آهي. هن آبشار کي سرڪاري سطح تي سياحتي مرڪز بڻائي سگهجي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *