تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

کوٽو سڪو!!… ايازلطيف دايو

اها جيتوڻيڪ گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي پر ڳالهه جو ڪو منھن سر ڪونهي پر آهي مزيدار ڪهاڻي، اهڙي به ڪهاڻي ڪونهي جو اوهان کي منشي پريم چند ياد اچي وڃي، نه وري اهڙي شاهڪار ڪهاڻي آهي جو اوهان منٽو، ڪرشن چندر، امر جليل يا علي بابا جون سڪون لاهي سگهو، تنهنڪري هي سادي سودي مختصر ڪهاڻي آهي.جيئن عنوان مان ظاهر آهي ته اها کوٽي سڪي جي ڪهاڻي آهي، پر منهنجي جڏهن ساڻس ملاقات ٿي هئي، انهيءَ مهل اهو کوٽو سڪو نه هو، ڇاڪاڻ ته بازار ۾ هر هٽ تي انهيءَ جو اگهه مقرر هو ۽ انهيءَ سڪي سان سندس قد بت جيترو آساني سان وکر ملي ويندو هو، پر پوءِ به انهيءَ تي الائي ڇو کوٽو سڪو نالو پئجي ويو هو، جنهن تي سڀ حيران رهندا هئا. جيتوڻيڪ انهيءَ کوٽي سڪي کي ڏيئي مان ڪو به وکر خريد پئي ڪري سگهيس پر منهنجي انهيءَ کوٽي سڪي سان دل لڳي وئي هئي پر انهيءَ ۾ ساهه سمايل هو، جھٽ نه ڏسندو هوس ته بي آرامي ٿي ويندي هئي، ڄڻ اهو کوٽو سڪو نه هو پر منهنجي لاءِ ڪا سوني ديڳ هئي،پوءِ مون هڪ حل ڳولي کوٽي سڪي کي هر وقت پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيو پر سدائين اهو ڊپ هوندو هو ته اچانڪ ڪو ڦورو اهو کوٽو سڪو ڦري نه وڃي يا پاڻ کوٽو سڪو منهنجي جيب مان ٽن ڪپڙن مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري وڃي، اهڙي صورتحال ۾ کوٽو سڪو منهنجي لاءِ سخت بيچيني جو باعث هو پر پوءِ به دل لڳي کي ڇا ڪجي، پوءِ مون هڪ ٽرڪ ڪئي ته هڪ وڏي اڳڙي ۾ کوٽي سڪي کي ڪجهه تهن ۾ بند ڪري گوڏي جي هيٺان پني وٽ تعويذ وانگر ٻڌي ڇڏيم، پر هڪ ڀيري دشمنن جي ڳوٺ جو ڪتو ڪڍ لڳو ۽ هڪ ٻه ڀيرا مان ڪري به پيم ۽ دشمنن جي ڳوٺ جو ڪتو کوٽي سڪي واري جاءِ تي چڪ هڻڻ جي ناڪام ڪوشش به ڪري رهيو هو پر مان به منظم ارادي سان ڪتي کي اهڙو ڀينڊ وهايو جو دشمنن جي ڳوٺ جو ڪتو سهڪندو سهڪندو مالڪن وٽ وڃي پهتو سو قصو ڪوتاهه ته جڏهن کوٽو سڪو وڪري جي پوزيشن ۾ هو تڏهن به جذبه حب الايمان سان مون کيس ساهه سان سانڍي رکيو پر اهڙو وقت به وريو جو ڪيترا بادشاهه بدلجي ويا ۽ پراڻن سڪن بدران نوان سڪا رائج ٿي ويا، تڏهن به مون کوٽي سڪي مان هٿ نه ڪڍيو، منهنجي انهي ديوانگي تي ڪيترائي اوڙي پاڙي جا ساڙيل ماڻهو طنز مان کلندا به هئا ته ساڳئي وقت وري جلندا به هئا ۽ سوچيندا هئا ته ڇا اهو کوٽو سڪو راجا نند وارو ته ناهي، جنهن کي راجا نند درياءَ ۾ کڻي ويندو هو ته درياهه سڪي ويندو هو ۽ راجا نند درياهه ۾ پوريل پنهنجي دولت ڪڍي وٺندو هو پر منهنجي خسته حالي ڏسي ڪنهن کي اهو به يقين نه هو ته انهيءَ کوٽي سڪي جو تعلق راجا نند جي خاندان سان آهي، تنهنڪري منهنجو به خوف ختم ٿي چڪو هو ته هاڻي ته سچ پچ ۾ اهو کوٽو سڪو ڪنهن جي به ڪم جو ناهي سو مون به الڪو لاهي کوٽي سڪي کي ڏيئي واري جاري جي ڀرسان اڇلي ڇڏيو، کوٽي سڪي تي هاڻي ڪنهن جي به اک نه ٻڏندي هئي، ڪير کيس ڏسندو هو ته ڪراهت مان ڏسي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيندو هو، پر منهنجو ساهه پوءِ به کوٽي سڪي ۾ اٽڪيل هوندو هو، آخر مون ڪيترن ڏهاڪن تائين کوٽي سڪي کي ساهه سان سانڍيو هو.
هڪ ڏهاڙي مزدوري نه لڳي، مان به وقت کان اڳ گهر ڏي موٽيم، گهر ڇا هو لوڙهو ڏنل هڪ ڇنو هو، پرهه مهل مايون، مرد سڀ ٻنين ۾ مزوري تي نڪري ويندا هئا، باقي گهر ۾ کوٽو سڪو، ڏيئو، دانگي ۽ ڪجهه کاڌي پيتي جو سامان موجود هوندو هو، سو جيئن مان گهر موٽيم ته خوشي به هئي ته اڄ بدن چور چور ٿيڻ کان بچي ويو ۽ اڄ نم جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ ڇنل کٽ تي گهري ننڊ ڪبي، پوءِ جيئن مان لوڙهو ٽپي اندر داخل ٿيڻ وارو هيم ته اوچتو ڪي پراسرار ڳالهائڻ جا آواز ڪنن ۾ پسي ڪنبي ويس، اهل ڏيئي ياسين صورت جو دل ۾ ورد شروع ڪري ڏنم، سامت ۾ اچڻ بعد ڪنايم تہ حيرت جي حد نہ هئي، جو کوٽو سڪو ۽ ڏيئو پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا، اکين کي زور سان مهٽيم، ڪنن ۾ صبح وارو ڪوڙو تيل پيل هو، آڱر اندر ڪري پاپڙين کي ٽاٽائي وٺائي پر اها حقيقت هئي تہ کوٽو سڪو ۽ ڏيئو پاڻ ۾ خوب ڪچهري ڪري رهيا هئا، نٻل آواز ۾ ڏيئو کيس چئي رهيو هو، اڙي يار! کوٽا سڪا سموري رات ڊوٽي ڪئي آهي، هاڻي مونکي آرام ڪرڻ ڏي، هونئن به تون کوٽو سڪو آهين، تو مان ڪهڙو فائدو، پر کوٽو سڪو ڏيئي کي چنبڙيو پيو هو، اڙي يار! ڏيئا ڏس نه هاڻي مونکي ڪير به نٿو ليکي پر پاڻ ته ڏينهن رات گڏ آهيون نه، ڏک سک جا همسفر، ڏيئي کيس رهڙ ڏني ۽ چيو ته ها ڀلا پوري ڪر ڳالهه ته نيستي وٺي. کوٽي سڪي ٿڌڙي آهه ڀريندي چيو ته ٻڌ ڀلا، حاجي جاڙي مونکي قيد ڪري رکيو آهي، جڏهن مان هلڻ جهڙو هيم، تڏهن به هن منهنجي جان نه ڇڏي پر هاڻي مان سچ پچ ۾ کوٽو سڪو آهيان تڏهن به جان نٿو ڇڏي.
ڏيئي کي بيحد ڏک ٿيو ۽ هن کوٽي سڪي کي چيو ته تنهنجو ته حاجي جاڙي ۾ ساهه آهي، جنهن تي کوٽو سڪو کلي کلي کيرو ٿي پيو، حاجي جاڙو ياسين صورت پڙهي چوڌاري لوڙهي کي ڦوڪو ڏيئي هيٺ ويهي رهيو ته جيئن اها ڪچهري غور سان ٻڌي سگهي، کوٽي سڪي ڳالهه کي جاري رکيو ته حاجي جاڙي مون کي قيد رکيو، مان وري انهيءَ جي زال کي قيد ڪيو، مطلب ته ساڻس ياري رکيم، مان سدائين حاجي جاڙي جي کيسي ۾ سو جيڪا مزدوري ملي، مان ڪڍي وڃي جوڻس کي ڏيندو هوس، سو اها وري مونکي چميون ڏيندي هئي، گهور پئي ويندي هئي، هڪ ڏينهن حاجي جاڙي کي زال جي عشق ۽ سندس پئسن جي چوري جي کڙڪ پئجي وئي ته هن ننڊ ۾ ستل زال کي واهولن سان سچر واهو ڪري رات جي پيٽ ۾ کڏ کوٽي آرامي ڪري آيو، اڃا به منهنجي دل نه ٺري، مون ڪنهن طريقي سان وڏيري جي وڏور ڌيءَ سان پيچ اڙايو ۽ حاجي جاڙي جي اباڻي ٻه ايڪڙ ٻني جي متعلق ٻڌايم، جنهن انهيءَ ٻني تي پنهنجي هڪ ڌاڙيل يار جي ذريعي قبضو ڪرايم ۽ هاڻي حاجي جاڙو مزوري ڪري جاٺا هڻندو وتي ٿو ۽ مان اڃا تائين حاجي جاڙي جي جاري ۾ قيدي بڻيل آهيان، حاجي جاڙي جي اکين مان ڳوڙها زاروقطار وهي رهيا هئا، ڏيئو کوٽي سڪي جي بيوفائي جا قصا ٻڌي سمهي رهيو هو ۽ جڏهن گهر جا ڪجهه ڀاتي واپس موٽيا ته گهر ۾ مڪمل اداسي هئي ۽ نم جو ڇانورو به ختم ٿي چڪو هو، حاجي جاڙو لوڙهي جي ڀر سان بي سڌ ستل هو، سندس اداس اکيون هميشه جي لاءِ بند ٿي چڪيون هيون.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *