تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو

سوشل ميڊيا تي کنڀي گم ڪيل نوجوان عاقب چانڊيو جي آزادي لاءِ مهم هلائي پئي وڃي، وڏي انگ ۾ ماڻهن پاران عاقب چانڊيو جي آزادي لاءِ پوسٽون شيئر ڪيون ويون ۽ کيس ٻيهر کنڀي گم ڪرڻ واريون وڊيوز پڻ وائرل ٿي ويون آهن، ان حوالي سان محسن رند لکيو ته آئين ۾ آهي ته آئين موجب شهرين سان ورتاءُ ڪيو وڃي، ڪنهن به شهري کي کنڀي گم ڪرڻ آئين جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، جيڪڏهن ڪو ڏوهي به آهي ته هن ملڪ جي عدالتن ۾ کيس پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿي وڃي ته انهن کي سزائون ڏيڻ به عدالتن جو ڪم آهي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ ٽرينڊ پڻ هلايو ويو، عاقب چانڊيو کي آزاد ڪريو جو ٽرينڊ به هلايو ويو.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *