تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

کلندڙن جو خير هجي….!!فيض کوسو حيدرآباد مان لکي ٿو.

“پنهنجي اخبار” هونئن ته پرنٽ ايڊيشن ۾ 8 اپريل 2019ع تي اوهان جي هٿن ۾ پهتي، پر ان اخبار کي اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ جو سفر 2018ع جي انهن گرم ڏينهن کان شروع ٿيو، جڏهن سج ڪانءَ جي اک پئي ڪڍي. جڏهن ڪنهن اڙانگي سفر شروع ڪرڻ مهل سج تتل هجي ۽ پري پري تائين ڪنهن ڇانوري جي ڪا به اميد ۽ آسرو نه هجي، تڏهن سفر رڳو ٿڪائيندڙ ئي نه پر ساهه ڪڍڻ جهڙو بڻجي ويندو آهي. گرم ڏينهن جڏهن ڪجهه ٿڌا ٿيا ته ”پنهنجي اخبار“ جي سرواڻ علي قاضي صاحب اعلان ڪيو ته في الحال ”پنهنجي اخبار“ جي نالي سان ويب سائيٽ ٿا شروع ڪريون. ويب سائيٽ جو خيال ڏاڍو عجيب پئي لڳو، ڇاڪاڻ ته اهو خيال ڪيو پئي ويو ته سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ نيٽ جي سهولت ئي موجود ناهي، تنهن ڪري اينڊرائيڊ فون تي وڃي ويب سائيٽ ڪير ڏسندو؟ خود اسان جيڪي علي قاضي صاحب جي ٽيم جا ”پنهنجي اخبار“ جي سٿ جا ابتدائي ڪارڪنن هئاسين، تن کي به اهو يقين نه پئي آيو ته ڪو اسان جي ويب سائيٽ ماڻهو ڏسندا ۽ ان ويب سائيٽ ذريعي اسان ماڻهن تائين متعارف ٿينداسين. ويب سائيٽ اچڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن علي صاحب پڇيو ته “ پنهنجي ويب سائيٽ جي خبرن جو ڪو نوٽيس ٿئي ٿو؟“ چيم “نه سائين! اڃا ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي“. کلي چيائين ته “6 مهينا صبر ڪريو، ماڻهو اوهان کي چوندا ته اخبار ۾ ڀلي خبر نه هلائجو پر اسان جي خبر ويب سائيٽ تي ضرور رکجو“. مون کي علي صاحب جي اها ڳالهه ان وقت عجيب لڳي، پر پوءِ جيئن جيئن وقت گذريو، تيئن تيئن سندن اها ڳالهه سچ ثابت ٿي جو ماڻهن چوڻ شروع ڪيو ته اسان جي خبر ويب سائيٽ تي ضرور هلائجو. هن مهل جڏهن آئون هي سِٽون لکي رهيو آهيان تڏهن ”پنهنجي اخبار“ جي ويب سائيٽ کي نه رڳو لکين ماڻهو ڏسي چڪا آهن پر ان جي رڳو فيس بڪ پيج جا 2 لک 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فالوئرز بڻجي ويا آهن.
ويب سائيٽ جي ڪاميابي کانپوءِ جڏهن اسان ”پنهنجي اخبار“ کي پرنٽ ايڊيشن ۾ آڻڻ جي ڪوششن ۾ هئاسين ته ڪجهه ماڻهن اسان جي اخبار جي نالي تي ئي ٺٺوليون ڪيون. ماڻهو چوندا هئا ته اخبار جو نالو ته ڪو چڱو رکو ها. اها ڳالهه اهي ماڻهو به ڪندا هئا، جن کي اسان پنهنجو ”مهربان“ سمجهندا هئاسين. اها ڳالهه علي صاحب جي آڏو به رکي وئي تنهن تي هو سدائين مسڪرائي چوندو هو ته جيئن ماڻهن کي پنهنجي ويب سائيٽ سمجهه ۾ اچي وئي آهي، تيئن ئي کين ”پنهنجي اخبار“ جو نالو به سمجهه ۾ اچي ويندو. 8 اپريل تي جڏهن ”پنهنجي اخبار“ جو پهريون پرنٽ ايڊيشن شايع ٿيو ته ان رات سچ پچ خوشي مان اسان کي ننڊ به نه آئي هئي. ٻئي ڏينهن اهي ئي ”مهربانن“ جون ڳالهيون ٻڌڻيون پيون ته هي به ڪا اخبار آهي؟ خدا تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي ته اڄ نه رڳو سنڌ پر سنڌ کان ٻاهر به ”پنهنجي اخبار“ نه رڳو پنهنجي ڀرپور جاءِ والاري آهي پر پنهنجو وڏو نالو به ڪمايو آهي.
شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن اسان ”پنهنجي اخبار“ جي اداري جا بنياد پئي وڌا، تڏهن حيدرآباد ۾ آئون اڪيلو ڪارڪن هئس. ان وقت سنيل عارف عرف ٽيپو ڀائي ساٿ ڏنو، هن پنهنجي هڪ دوست اياز بجير معرفت مون کي اخبار جي آفيس وٺرائي ڏني. جنهن جاءِ کي اسان آفيس بڻايو، اها جاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان بند پيل هئي. سنگت ساٿ کي گڏ ڪري ان آفيس کي صاف ڪرايم ۽ ٺڪاڻو ٺاهي ويهي رهيس. ابتدائي ڏينهن ۾ فقير سليم منهنجو اچي ساٿي ٿيو. اهي اڪيلائي وارا ڏينهن هئا، پر جيڪي اسان جا سچا همدرد هئا، تن اسان کي اڪيلو نه ڇڏيو، گل کڻي اچي آفيس ۾ مبارڪون به ڏيندا هئا. ان کانپوءِ ٽيون نمبر تلاءُ سان تعلق رکندڙ نوجوان ميان محفوظ ميمڻ اچي اسان جو ساٿي ٿيو. علي صاحب جو خيال هو ته آئون پاڻ ڪمپيوٽر سکان پر مون کين جواب ڏنو ته “سائين، هاڻي اڇي ڏاڙهي ۾ ڪمپيوٽر ڪونه هلائي سگهندس، ان ڪري آپريٽر رکڻ جي اجازت ڏيو”. محفوظ ميمڻ مون وٽ ڪمپيوٽر آپريٽر آهي، فقير سليم جي ڪراچي بدلي ٿيڻ کانپوءِ امتياز کوسو اچي منهنجو ساٿي ٿيو، جنهن ۾ ڪم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت آهي پر ڪاوڙ سندس نڪ تي بيٺل نظر ايندي آهي. هن وقت ”پنهنجي اخبار“ جي حيدرآباد واري آفيس ۾ هڪ اٽينڊنٽ نويد چانڊيو به ڪم ڪري ٿو .
پنهنجي اخبار جو سرڪيوليشن ۽ مشين سيڪشن به منهنجي سامهون ٺهيو، جنهن کي ڊاڪٽر نعمان قريشي سنڀالي رهيا آهن. حيدرآباد ۾ نثار ملاڻو سرڪيوليشن جي معاملن کي ڏسي ٿو. ”پنهنجي اخبار“ جو سول ايجنٽ طاهر شاهه آهي جيڪو بنهه گهٽ ڳالهائو شخص آهي ۽ ذري گهٽ ها يا نه ۾ جواب ڏئي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هن سان عظيم گهانگهرو سدائين پاڇي جيان نظر ايندو آهي، جيڪو پڻ سرڪيوليشن جي معاملن کي ڏسي ٿو. مشين سيڪشن جي ڪمپيوٽر واري شعبي ۾ امداد خاصخيلي، پيسٽر قلندر بخش شاهاڻي، فاروق پلهه، پليٽ ميڪر شهزاد جمالي، مشين مين محمد عاقل، مقصود خاصخيلي، ارشاد ڳاهو، ذيشان بلوچ ۽ عمران ڏومرو ڪم ڪن ٿا. بائنڊنگ سيڪشن ۾ زوهيب انور، دلدار خاصخيلي، حيدر علي، رفيق شاهه، طيب علي، مسرور مغل، پرويز راڄپر ۽ شهريار شاهه اخبارون ڳڻي پڙهندڙن تائين پهچائيندا آهن. ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ طارق ڪورائي ۽ عنايت نيازي پنهنجي ڊرائيورن جمن راڄڙ، جمشيد راڄڙ، شفيع الله نيازي، عبدالجبار چنا ۽ سعيد نيازي معرفت اخبار کي مختلف هنڌن تي پهچائين ٿا. مشين سيڪشن ۾ چاچا شوڪت ۽ نجم الدين به چوڪيدار جو ڪم ڪن ٿا، جتي دادلي درياءَ وانگر دينو قمبراڻي به پيو لامارا ڏيندو آهي. آئون کيس ڀوڳن ۾ چوندو آهيان چانهه ۾ پتي وجهجان، خدا جي واسطي ديڳڙي ۾ پاڻ نه ٽٻي هڻجان. ”پنهنجي اخبار“ جي سول ايجنٽ طاهر شاهه جا اخبار فروش احمد ظفر بخاري، فتاح شيخ، شبير سومرو، نظير ڪلهوڙو، مٺن نهڙي، اسلم ڀائي، شاهد ميمڻ، ايوب مهر، مصطفيٰ مهر، ريحان ضياءُ، زاهد مغل، بچايو چانڊيو، اويس ملاح، ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻيا ساٿي آهن، جن رات ڏينهن هڪ ڪري ”پنهنجي اخبار“ کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. آس آهي ته الله تعاليٰ علي صاحب ۽ پنهنجي اخبار کي اڃا به کوڙ ساريون ڪاميابيون عطا ڪري.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *