تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

“ڏاڏي آدم جي ٻني ۽ سنڌ جو عشق” …تحرير: امين ارباب

سنڌ پرڳڻي جي لاڙ جي پرئين پار ڀارت جي گجرات صوبي جي ڪڇ ڪس ۾ آباد آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس جي مشهور نيوز ريڊر هيري ٺڪر ۽ مشهور سنڌي ليکڪ ڪالادر جي اُها جنم ڀومي آهي جنهن کي ڪڇ جا ڪڇي “ٻني” ۽ سنڌ جا سنڌي “ڏاڏي آدم جي ٻني” ڪري ڪوٺيندا آهن، سنڌ ۽ ڪڇ جي ڪنڌيءَ تي آباد هنن ماڻهن جا سنڌ ڪڇ سان ٻٽا ناتا انهيءَ ڪري به جڙيل رهيا آهن جو تڏهوڪي سنڌ جا ڇيڙا ڪاٺياواڙ کان وٺي مارواڙ تائين پکڙيل هئا.
ڪڇ جي سرزمين جي ماڻھن جو سنڌ جي ڌرتي سان محبت جو اندازو انهيءَ ڳالھه مان به لڳائي سگهجي ٿو جو ڪڇ ۾ سنڌ جي ابڙا ذات کي سنڌ جي سيدن ۽ پيرن کان به مٿي جو درجو حاصل آهي انهي ڪري جو سنڌ جي ابڙي سام جهلي علاءُ الدين جي لشڪر سان وڙهندي شهادت ماڻي هئي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ڪڇ جون مايون اڄ به ابڙي جا گيت ڳائڻ کانسواءِ رهي نٿيون سگهن.
“ماڙي جو اسين ڀريون سلام او ابڙا”
ڪڇ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان محبت جو اندازو انهيءَ ڳالھه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي شاعر پنجتني پڃاريي کي جڏهن ڪڇ ۾ قيد ڪيو پئي ويو ته جيل جي مُک دروازي وٽ ڪڇ جي راجا هن جي واتان شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ڪلام ٻڌو ته دل ميڻ ٿي وئي ۽ حڪم ڪيائين ته هن قيدي کي آزاد ڪيو وڃي. ان وقت جڏهن سنڌ جا ڇيڙا ڪڇ جي آخري ڪناري تائين پکڙيل هئا سنڌ ۽ ڪڇ جي تڏهوڪن علم، ادب ۽ روحاني شخصيتن جنهن نموني هڪٻئي سان ناتو جوڙي رکيو هو تنهن جو مثال به نٿو ملي. پير عالي شاھ بدين واري کان وٺي پير بخش فاروقي تائين وقت جي روحاني شخصيتن جي اهڙي ته اڻ ڳڻي قطار هئي جن ڪڇ سان مرڻ گهڙيءَ تائين ناتو جوڙي ئي رکيو.
سنڌي ٻوليءَ جي لکت جو اهم نالو ابوالحسن جيڪو ذات جو منڌرو هو، هو ته ڪڇي پر سندس روح سنڌ سان سدائين جڙيل ئي پيو هوندو هوس. ميان موريو(مخدوم عبدالله) به ڪڇ مان ڪيهي اچي سنڌ جي حاضري ڀرڻ وارن مان هڪ هو پر نيٺ آخر ۾ ابوالحسن جو جانشين بڻجڻ لاءِ کيس مڪلي جي ماڳن ۾ ئي سدائين لاءِ سمهڻو پيو. ڪڇ جي نالي واري شاعر محمد اسماعيل کٽي کان وٺي الهڏني شاھ پڇمي، سيد علي شاھ گوهري، حاجي شاھ آرکاڻي، عثمان نهڙئي ۽ ڪشاجم سنڌي تائين ٻيا اهڙا ڪيترائي وقت جا نامور شاعر ۽ ليکڪ هئا جن جا ڪڇ سنڌ سان اڻ ٽٽ ۽ روحاني رشتا رهيا، ميان صاحب آرکاڻي ته مريدن کي ديدار ڪرائڻ لاءِ سنڌ ته ايندو ئي رهندو هو پر ڪڇ جو ناليوارو مولوي عبدالرحيم پڇمي به اڪثر سواءِ سنڌ جي پاڻ کي اڌورو پيو محسوس ڪندو هو، پڇمي صاحب جا هون ته ڪيترائي مناظرا مشهور آهن پر سندس بدين وارو مناظرو لاڙ جي بزرگن کي اڃان تائين به ناهي وسريو.
سنڌ جو مشهور شاعر ڀاڳو ڀان ڀلا ڪنهن کي ياد نه هوندو هو توڙي جو سنڌ ڇڏي ڪڇ هليو ويو هو پر هن ڪڇ جي مشهور درويش حاجي پير جي عقيدت سميت لاکي ڦلاڻي، هوٿل، اوڍي جام ۽ مرکان شيخڻ سميت پير شيخ قرهيي ڀانڊاري لاءِ گيت به لکيا.ڪڇ جنهن ۾ ڪڇڪي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ڪڇي ماڻهن جي لڳ ڀڳ 90 لک جي آبادي آهي گوهر جي مقام ڀرسان ڀٽائي گهوٽ جي اڄ به بيٺڪ آباد آهي جتي نه رڳو ساليانو ميلو ڀٽائي سرڪار جي ڪلام کي هوائن ۾ اُڏرائي ٿو پر ساڳئي وقت قلمي نسخن سميت ڀٽائي جي “گنج” رسالي ۽ سُر ڏهر جي ياد به تازي ڪري ٿو.
ڪڇ جي لاکي ڦلاڻي، سکر ۽ جکري سان محبت سميت ڀٽائي جي ڪڇ جي ڪڇي ماڻهن سان محبت جو اندازو انهيءَ ڳالھه مان به لڳائي سگهجي ٿو جو شاھ صاحب محمد صالح ڪڇي سان ملڻ لاءِ اڪثر ڪڇ رڻ اُڪري ڪڇ جي ڀونءِ تي ٿڌو ساھه ڀريندو هو. ڀٽائي صاحب جي وصال کان پوءِ ڀٽائي جي خاص خليفي تمر فقير به ڀٽائي جي پنڌ پيچرن کان ناتو نه ٽوڙيو ۽ هو آخري وقت تائين ڪڇ ۾ چيل ڀٽائي جو سمورو ڪلام سهڙيندو رهيو، نصرپور واري مصري شاھه بادشاھه جي ته ڪڇ ۾ ايڏي هاڪ هوندي هئي جو هن جي آجيان به ڪڇ جو پهتل بزرگ شاھه منٺار ڪڇي ڪندو هو.
بدين جي محمد شاھه جيلاني، مولوي محمد اسماعيل ۽ مٺو شاھه سيراڻوي سميت ٻيا ڪيترائي ناليوارا بزرگ اڄ به سنڌ ۾ آرامي آهن جن مرڻ گهڙيءَ تائين ڪڇ کان منهن موڙڻ ته پري جي ڳالھه پر هنن پنهنجي ڳالھه، گفتگو ۽ لفظن جو محور به ڪڇ کي ئي بڻايو. سنڌ جي پير پاڳاري ۽ هالا جي مخدوم گهراڻي به ڪڇ جي مريدن ۽ عقيدتمندن کان ڇڊائي قطعي به نه رکي ۽ آخري وقت تائين ڪڇي ماڻهن جي محبتن کي مان پئي بخشيو.
اڄ توڙي جو ڏاڏي آدم واري ٻني ۽ سنڌ جي وچ ۾ تارون لڳي ويون آهن، اڄ توڙي جو پري پري تائين ماڻهن کي نه ڪڇ جي عظيم درويش حاجي پير جي زيارت ٿي نصيب ٿئي ۽ نه ڪڇ جي مريدن کي پري پري تائين پاڳاري ۽ مخدوم خاندان جي ديدار جي اميد ٿي نظر اچي تڏهن سوال اهو ٿو اُڀري ته رڳو والاريل ڪشمير جي ڳالھه ٿئي ٿي، والاريل سنڌ جي ڳالھه ڇو نٿي ٿئي..؟

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *