تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ڏاهپ ڏانهن ويندڙ رستا…صدام جوکيو

هر انسان جي ذهني ۽ نفسياتي ڪيئنواس تي خوابن ۽ خواهشن جي چٽسالي ٿيندي رهندي آهي. ڪجهه ماڻهو تقدير جون واڳون اڳئي طئه ٿيل سمجهي، پنهنجا خواب ۽ خواهشون ڇڏي، حياتياتي چُرپُر تي ماٺ جي راهه اختيار ڪندا آهن، پر ڪجهه سرڪش سوچ جا سرجڻهار پنهنجي قسمت، پاڻمرادو ٺاهڻ جا اعتقادي هوندا آهن. هڪ ٻيو رجحان جيڪو انساني سماج ۾ مروج آهي، اُهو آهي، مٽ مائٽ، خاندان ۽ سماج، اسان جي جيون جا ڪيترائي ئي اهم فيصلا والدين جي سوچ مطابق طئه ٿيندا آهن، اُنهن فيصلن ۾ خود جي خواهشن کي نظراندازيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦٽو ڪرڻو پوندو آهي. ڪجهه حسرتون سماجي روايتن جي برخلاف هئڻ سبب لاحاصليءَ جو شڪار بڻجي وينديون آهن. اتهاس جي اکين سان اکيون ملائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اُهي انسان جن تقليد جي سايي هيٺ اچڻ کان نابري واري ۽ پنهنجي سوچ ۽ نظرين جا الڳ خيما کوڙي، فڪر جو نئون جهان ڳولي لڌو، اُهي تاريخ جي خاص حصي مٿان جاءِ جوڙي ويا. جيڪو انسان ڪجهه منفرد ڪرڻ چاهيندو آهي، اُن جي اڳيان عام رڪاوٽون، سماج ۽ خاندان هونديون آهن، جن جي ٽوڪ ۽ روڪ کان ڊڄي انسان چپ جي چادر ڍڪي ڇڏيندو آهي مثال: ڪيترين ڇوڪرين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي حسرت هوندي آهي پر مائٽ شادي ڪرائي ڇڏيندا اَٿَن، ڪيترن ڇوڪرن کي آرٽ جي ڪنهن پاسي سان دلچسپي هوندي آهي ۽ مائٽ انهن کي انجينيرنگ طرف ڌڪي ڇڏيندا آهن، ڪيترا جوڙا پسند جو پرڻو ڪرڻ چاهيندا آهن، پر انهن کي ذهني طرح سان ٽارچر ڪيو ويندو آهي، جيڪڏهن ان سان به ناهن مڃيندا ته پوءِ وڌيڪ بندشون ۽ مارَ ڪُٽ تائين به مائٽ هليا ويندا آهن.
مون کي افسوس ٿئي ٿو، اهڙن ماڻهن تي جيڪي ٽيليويزن تي فلم ڏسي رهيا هوندا آهن ۽ اُن فلم ۾ ڪِنِ ٻِن پيار ڪرڻ وارن کي جدا ڪيو ويندو آهي ته سندن دل چوندي آهي، ايئن نه ٿيڻ گهرجي! پر جڏهن حقيقي زندگيءَ ۾ سندن پٽ يا خاص طور ڌيءَ پسند جو پرڻو ڪرڻ چاهيندي آهي ته اُن کي پهريائين روڪيندا ۽ جيڪڏهن گهران ڀڄي وڃي پرڻو ڪيائين ته ڪاروڪاري قرار ڏئي ڪري قتل ڪري ڇڏيندا آهن. مائٽ کان ايئن ڪرائڻ وارو سورس ٻيو ڪوبه نه؟ فقط سماجي رويا ئي هوندا آهن؟. هڪ ڀاءُ پاڻ پيار به ڪندو آهي ۽ پسند جو پرڻو ڪرڻ لاءِ به تيار هوندو آهي ۽ ڀيڻ جي پيار ۽ پسند جي پرڻي تي ڪهاڙي اُڀي ڪندو آهي، ايئن ڇو؟ ڇاڪاڻ ته کيس هڪ جيڏا ۽ مٽ مائٽ طعنا ڏيندا آهن.. اڪثر پُٽ يا ڌيءَ جي نئين قدم، نئين تياري، نئين رٿا يا سوچ تي مائٽ پنهنجي سوچ مڙهي ڇڏيندا آهن ۽ هو جيڪو ڪرڻ چاهيندا آهن، ان کي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا دليل ڏئي رد ڪري ڇڏيندا آهن. آخر ڇو اولاد کي نوان فيصلا وٺڻ ناهن ڏنا ويندا؟. مائٽ کي پنهنجي اولاد جو دوست بڻجڻ گهرجي، اولاد سان ايترو خلاصائيءَ وارو رويو ۽ ناتو رکڻ گهرجي جو ڪابه ڳالهه، ڪابه غلطي، ڪو مسئلو ۽ ڪوبه فيصلو بي تڪلفانه پٽ يا ڏيءَ اچي مائٽ کي ٻڌائي، ڪامياب ماءُ ۽ پيءُ اُهي ئي آهن، جن وٽ اُهو ڏانءُ آهي، جو سندن اولاد بي خوف ساڻن پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن.
مائٽن کان پوءِ آهي سماج، دوست ۽ دشمن..! زندگيءَ جي رستن تي هلندي، هزارين منظر، مرحلا، موقعا، خواب، خيال ۽ خواهشون سامهون ايندا رهندا آهن، پر گهڻي ڀاڱي ايئن ٿيندو آهي، جو انسان جيڪي ڪرڻ چاهيندون آهي، اهو ٿي ناهي سگهندو، ان جو هڪ سبب اهو هوندو آهي ته هو جنهن دوست سان صلاح مشورو ڪندو آهي، اهو سندس ان نئين قدم سان بنا ڪنهن وجهه جي سهمت ناهي ٿيندو ۽ سندس همٿ افزائي ڪرڻ بجاءِ کيس مايوسيءَ جي مچ ۾ اُڇلي ڇڏيندو آهي، اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته اسان جا قريبي دوست اسان جي سٺي ۽ مثبت قدم تي به رڪاوٽ جون ديوارون کڙيون ڪري ڇڏيندا آهن. دوستن سان گڏ دشمن به هوندا آهن، جيڪي وري طعنا ڏيڻ ۽ اسان جي رستن اڳيان رنڊڪون پيدا ڪرڻ ۾ لڳي ويندا آهن، انهن جي اهڙي رويي جو خوف ۽ ڊپ به انسان کي قدم وڌائڻ کان روڪيندو آهي.
مٿين سمورين ڳالهين ۽ رنڊڪن جو حل آخر ڪهڙو آهي؟ ته ان جو حل آهي، خود اعتمادي ۽ مضبوط ارادو رکڻ، ماحولياتي رويا لازمي ناهي ته توهان جي سوچ موافق هجن، ٻُڌڻ ٻين کي به ضرور گهرجي پر فيصلا پاڻ ڪجن، ٻين جي سوچن ۽ خيالن تي ڇو هلجي؟ پنهنجا رستا ٺاهجن، پنهنجا نظريا جوڙجن، پاڻ کي پنهنجي پاڻ تي اعتماد ڏيارجي. ان منزل کي ماڻڻ ۾ وڌيڪ سرهائي حاصل ٿيندي آهي، جيڪا ٻئي جي ٽيڪ کان سواءِ پنهنجي اعتماد تي حاصل ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ پنهنجا گهڙيل ۽ جوڙيل رستا، گس، پنڌ ۽ پيچرا هوندا آهن. پوريءَ دنيا ۾ هڪ ئي انسان آهي، جيڪو توهان جي سوچ تي توهان کي مايوس نه ڪندو، جيڪو توهان جي خوبين سان گڏ توهان جي خامين کي به قبول ڪندو، جنهن وٽان توهان کي توهان جي هر نئين قدم لاءِ همٿ افزائي ملندي، قبوليت ملندي، اهو هڪ ئي انسان توهان کي صحيح معنيٰ ۾ سمجهندو آهي، ان وٽ ئي توهان جي کٽيءَ، مٺيءَ، ننڍيءَ وڏيءَ سوچ جي اهميت هوندي آهي، اهو ئي توهان کي غور سان ٻڌندو آهي ۽ پوري طرح توهان جي فڪر سان متفق هوندو آهي، ته پوءِ توهان پنهنجي صلاح، پنهنجا خيال، پنهنجا فيصلا ۽ پنهنجون، ڏک درد جون ڪهاڻيون ۽ احساس ان سان ئي ونڊ ڪيو، اُن سان ئِي پنهنجو پورو اعتماد رکو، ان مان ئي خوش فهم روين جي تمنا رکو ۽ اهو ٻيو ڪير به ناهي اُهو آهي، توهان جو پنهنجو پاڻ.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *