تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ڍولامارُو ڍٽ…امررائيسنگهه راجپوت جو هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ کيس لکيل هڪ تبصرائي خط …ڊاڪٽر نواز علي شوق

پيارا امر ! تنهنجو ڪتاب ڍولامارُو ڍَٽ پڙهندي من مندر ۾ خوشين جا گهنڊ وڄڻ لڳا ۽ پيارا جيءَ جيارا جاني محمد بخش مجنون ۽ عبدالواحد آريسر ياد اچي ويا. مجنون جو ڪتاب “ مسڪين جهان خان کوسو” ۽ آريسر جون تقريرون ۽ تحريرون دل تي تري آيون. ڄڻ اندر ۾ اوطاقون لڳي ويون.
جڏهان ڪر ٿيام، ساڃاهه سپرين سين
تڏهان ڪر تِر جيترو، هڪ ويرن وسريام
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري
هنن ٻنهن ادبي دنيا جا واهر وهائي ڇڏيا هئا. باغ باغيچا لڳي ويا. دليون وڻ ڦلارجي ويا. انهن جو واس پري پري تائين پکڙجي ويو. انهن دلڙين جو واس اڄ به اچي رهيو آهي. شايد صدين تائين اهو واس ايندو رهي
مارو ڳڻن ساڻ، وئڙا ٿر اُڪري !
پيارا ! تنهنجو هيءُ ٻهڳڻي ٻولي وارو ڪتاب ته سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري کي ڇپرائڻ گهرجي ها، خبر ناهي تون مسڪين ماڻهو قرض کڻي ڇپرايو يا ٿرڄاين توتي ٿورا ڪيا. ڪي ڍاٽي ڍول هي انمول ڪتاب ڇپرائڻ ۾ توسان ٿورا ڪيا. ڪي ڍاٽي ڍول هي انمول ڪتاب ڇپرائڻ ۾ توسان پريت جو پهر وهي ويا. بهر حال امر توکي آفرين تون ٻيو ڪو ڪتاب لکين يا نه لکين. تنهنجو هي هڪڙو ئي ڪتاب لک لهي، هڪو رانجهو لکان دا مٽ. تون هي ڪتاب لکي، واقعي امر ٿي وئين.
هن ڪيني ڪروڌ ، بغض ۽ نفرت واري دور ۾ تون ڍاٽي ڍولين ۽ مٺن ماروئڙن جي ڇا ته ساراهه ڪئي آهي ! سندن ڳڻ ۽ ڳالهيون اهڙي من موهيندڙ انداز سان ڪيون آهن، جن مان تنهنجو ساڻن پيار ائين نکري نروار ٿيو آهي جيئن روهيڙي جي ٽاري ٽاري تي گل ٽڙي پوندا آهن
پيارا امر ! تون پنهنجي ڪتاب ۾ جن مٺن ماروئڙن جا خاڪا لکيا آهن، تن مان ڪن ٿورن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ آهي، تنهنجي ڪتاب مان پتو پيو ته ڍٽ جا ڍولا مارو ڪيڏا نه مٺڙا ۽ پيارا آهن ! اهي علمي ادبي آسمان جا روشن تارا آهن. يا ڀٽ تي چانڊوڪيءَ جا من موهيندڙ نظارا آهن. تنهنجي تحرير ايئن لڳي ڄڻ ته ٿر جي ڪا ڪنيا، جنهن جو مُک روهيڙي جي گل وانگر سندر آهي. کير ولوڙي، پنهنجن پوتر هٿن سان ٿرين جي من جهڙا اڇا اجرا ڳائي مکڻ جا چاڻا ڪڍي رهي آهي. ڄڻ پرهه جو پٽن تان ولوڙڻ جون وايون اچي رهيون هجن، جهڙي ٿري ڳئون اڇي ۽ اجري، تهڙو ماروئڙن جو من اڇو ۽ اُجرو، جن جي من ۾ ڪڏهن ميراڻ اچي ئي ڪا نه. هُو مکڻ ماکي جهرا متا، سهڻا ۽ سُٺا ۽ ڏهرن جهڙا وشال من وارا آهن.
سچ پچ ته امر تنهنجي هن ڪتاب جي سٽ سٽ اهڙي سندر ۽ سوڀياوان آهي هو پڙهندي ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ ڪو مور نچي رهيو آهي ڄڻ حيدر رند “ٿروٺو ٿاڌيل ٿي” آلاپي رهيو آهي يا صادق فقيرمن موهيندڙ آواز ۾ شيخ اياز جو ڪو گيت ڳائي رهيو آهي. ڄڻ اتر سنڌ ۾ ڪاڙهي جي مند ۾ ڏکڻ جي هير گهلي آهي. سچل سرمست پنهنجي هڪ ڪافي ۾ چيو آهي
يارُ ڪيوسون نيهي،
تنهنجي ڳالهه ڪيان مان ڪيهي !
پيارا امر ! تون به سچل سائين جي ان يار وانگر مٺن مارن سان نينهن جو ناتو نڀائيندڙ نيهي آهين تنهنجي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ! تون ته ڪو لڪل لعل هئين اها خبر تنهنجو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پئي.
اڃا ڪي آهين، ڪلجڳ اندر ڪاپڙي
بيشڪ تون هن ڪلجڳ جو اهو ڪاپڙي آهين، جنهن نه صرف پنهنجن مٽن مارن سان پيار جو اظهار ڪيو آهي. پر پنهنجي ڏات ۽ ڏيا سان سنڌي ادب کي ماڻڪ موتي لعل ڏنا آهن. سندن ڳڻ ڳائيندي، تنهن جو من واڙيءَ ڦل جيان وِهسيو هوندو.
صحبت پور جي هڪ شاعر قادر بخش گولي جي محبوبه بيمار ٿي پئي. سندس اهڙي حالت ٿي وئي جو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين، سندس مائٽن سوچيو ته من ڪاشيءِ کائي، کانئس پڇيائون ته ڇا کائيندين ؟ جيڪو چئين، سو توکي آڻي ڏيون، ڏاڙهونءَ جي گل جهڙي ان سهڻي ڇوڪري جهيڻي آواز ۾ چيو “ انار”.ان ڳوٺ ۾ ڪو باغ به نه هو ۽ نه وري انارن جي موسم هئي، چوڌاري اڪ ئي اڪ ئي نظر آيا. سندس مائٽ مونجها ٿي پيا ته ڇا ڪجي ؟ ڪيئن سندس آخري خواهش پوري ڪجي ! اها خبر جڏهن ڇوڪريءَ جي عاشق کي پئي ته ڊوڙي وڃي اڪن وٽ پهتو، سڪ سوزمان ڪافي ڳائڻ لڳو، جنهن جو ٿلهه آهي.
اڪ ٿيا انار، سڄڻ تنهنجي سانگي
ڪافي اڃان پوري به نه ڪئي هئائين ته ماڻهن ڏٺو ته واقعي اڪن جا ساوا گوگڙا انار ٿي ويا، پوءِ اهي پٽي پنهنجي محبوبه ڏي موڪلي ڏنائين،
پيارا امر ! تنهنجو ڪتاب پڙهندي، تنهنجي نثر جو نکار ڏسي، مونکي ايئن لڳو ڄڻ ٿر ۾ به اڪن انار جهليا آهن. توکي ههڙي ڪتاب لاجواب لکڻ تي ادبي ادارن پاران انعام ۽ ايوارڊ ملڻ کپي ۽ هي ڪتاب ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڪورس تي رکيو وڃي. جيئن پڙهندڙ ماکيءَ جهڙي ميٺاج ماڻي سگهن ۽ سهڻي نثر کلڻ جو ڏانءُ سکن، پر ادبي ادارن ۾ انصاف ڪٿي آهي جو توکي مڃتا ڏين، هُو ڪا مڃتا ڏين يا نه ڏين، تنهنجو هي ڪتاب خود مڃتا آهي. ان جو ساکي هن ڪتاب جو هر حرف ۽ هر جملو آهي، انڌن ۾ اميد رکڻ اجائي آهي، کائر پائر ۽ ڍٽ جا ڍول توکي مڃتا ڏيندا ۽ تنهنجو هي ڪتاب اکين تي رکندا.
مون کي ياد نه ٿو پئي ته توسان ڪا ملاقات ٿي هجي. ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ دل ڏاڍو تانگهي ٿي ته توسان مکا ميلو ٿئي ۽ چانڊوڪي رات ۾ ڪنهن ڀت تي رس رهاڻ ڪجي. من سائين ڪو سبب بڻائي ته اندر جي آس پوري ٿئي.
تنهنجو سڄو ڪتاب سون آهي. ان مان ڪا چونڊ ڪري ئي نه ٿي سگهجي، پر پڙهندڙن لاءِ تنهنجي ڪتاب مان نموني طور ٽڪرا پيش ڪريان ٿو ته جيئن هو جواهرن جي جوت پسي سگهن ۽ گواهي ڏين ته مون جو ڪجهه لکيو آهي سو سچ آهي.
روپلو ڪولهي ! اوڻهين صديءَ ۾جڏهن سموري سنڌ پر ڳڻي کي انگريز شاهي پنهنجي هٺ ڌرميءُ سان هٿ وس ڪري ورتو هو. جڏهن سنڌ جا حاڪم مير تالپر دٻيءَ ۽ مياڻيءَ جي معرڪن ۾ هارائي ويا هئا. جڏهن آزاد سنڌ جو جهنڊو حيدرآباد واري قلعي تان لهي ويو هو، تڏهن پارڪر جي پرڳڻي جي پت رکڻ لئه سوڍا سندرا ٻڌي بيهي رهيا هئا۽ انهن بير بانڪن سان گڏ ڪاترون ۽ ڪهاڙيون کڻي رڻ ڀوميءَ ۾ ڪنهن ڪيهر جيئن للڪاريندي لٿا هئا. ڌرتيءَ جا اصلوڪا ڌڻي دراوڙ نسل جا دلير ڀوٽينگ رنگ ڪارڙا ڪولهي، انهن ڪولهين ۾ هڪڙو ڪونڀاريءَ جو ڪنگ گوٽيل گوتر سان تعلق رکندڙ جوراور جوڌو ۽ ريامڻو رڻ بانڪو به هو. جنهن جي وفاداري ۽ سورهيائي جا ننگر جو وڻ وڻ واکاڻن ۾ ڳائي ٿو. پارڪر جو پٿر پٿر هن جي ويرتاهه جي وڏن اکرن سان ڀريو پيو آهي. ديس جي ڪلاڌاري ڪلاڪارن جا ڪنٺ روپلي جاگيت ڳائي ڳائي اڄ به ناهن ٿڪا. ڌرتيءَ جي چتر ڪوي چارڻن ڪارونجهر جي هن ڪوپي کي رزميه ڪوتائن ۾ ڪيئي رنگ ڏنا آهن.
ڪارونجهر، ري ڪونگري وڏا واڄين ڍول
راوتان ۾ ڪولهي روپلو ونڪا ٻولي ٻول.
تاريخ ريگستان جو مصنف، رائچند هريجن: رائچند هريجن نه رڳو ڏيهه جي ڏٿ ۽ ڏوٿيئڙن تي لکيو آهي. پر هن ته چونرن ۽ چونڪين کان وٺي ٿري عورتن جي ويس وڳن، تهذيب ۽ تمدن تي به لکيو آهي. هن لکيو آهي ٽولن ۽ ٽاجوئن تي، ٻڙهيڪن ۽ ٻٿڙيڪن تي، سڪار ۽ ڏڪار تي، مهمان نوازيءَ جي شان ۽ مانَ تي. ڌنڌي ۽ هنر تي، ڳجهارتن ۽ پرولين تي، آهتپي ۽ ڪسبين تي دولت ۽ غربت تي نشن پتن تي، ڀليڪار ۽ ڪُسراٺ تي، ميلن ۽ ملاکڙن تي، راندين ۽ پينگهن تي، چيڪلن ۽ رانديڪن تي، راڳ ۽ ساز تي، وههمن ۽ وسوسن تي، ناچ ۽ ڪلا تي، شاعري ۽ لوڪ ادب تي، لوڪ گيت ۽ سنگيت تي، قبر پرستي ۽ ٿان تي، مقام مساڻ تي، ڀوت ۽ ڀوپن تي، هور ۽ ڦالن تي، جهاڙن تي، ٽوڻن ۽ ڦيڻن کان وٺي هٿ جي ٽوٽڪن تائين هن وطن جي هر شيءِ کي پنهنجي تخليق ۾ تراشيو آهي، بس رڳو ان کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي: (ص_17)
پارومل امراٽي سوٽهڙ: هو جڏهن انساني عشق جي آڳ ۾ چيٽن تي چڙهيل ديڳڙي وانگي دُکي ٿو، تڏهن ميٿلي ٻولي جي محبوب ڪوي ودياپتي وانگي ڪونج ڳچين لئه ڪويتائن جا ڪمال جوڙي ٿو، ڪا ليداس بثجي جديد دور جي شڪنتلا سرجي ٿو، چندي داس بڻجي ڪنهن ويراڳڻ ٿريچيءَ جي وجود ۾ “راميءَ” جا
بقايا صفحي نمبر 6 تي

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *