تازا ترين
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

ڌنُو جي جهُريلُ جهوپڙيءَ..!ليکراج ميگهواڙ

چوماسي جي مينهن جا بادل جڏھن ڌنو جي جهوپڙيءَ تي وسڻ لڳا ته ڌنو جي وني کي پنهنجي ننڍڙي ڪُلو جي اڻ تڻ جهوري ڇڏيو هو ڇاڪاڻ جو ڪُلو انهن ٻنهي جي سڪي لڌي ڇوڪري آھي، هنن ڪُلو جي ننڍپڻ کان بيمارين تي سِرڙيو هارپو ڪري ڪُلو جي حياتي بچائي هئي تڏھن هنن ٻنهي زال مڙس کي جيئڻ جو هڪ نئون اتساه مليو هو، ڌنُو هڪ غريب هاري آھي جنهن جنهن جو گذر سفر زمين ۾ ٿيندڙ فصلن تي هوندو آھي ڌنُو محنتي آھي ، سچو آھي ، جوڌو آھي جو هي زمين ۾ ٻڄ پوکي پنهنجي گهر وارن کي جيئاري ٿو، هارپو هاڻ هن لاءِ ڏکن سورن تڪليفن جيئن سانگو ٺاهي هن جي تقدير بنجي ويو آھي! گذريل هفتي کان چوماسي جي بادلن پنهنجي جوڀن جا جلوا ڏيکاريندي هر هنڌ پاڻي ئي پاڻي کڙو ڪري ڇڏيو هو! هوائن به ڪچين ڀتين کي ڪونه ڇڏيو! اڄ شام جڏھن ڌنو ڪوڏر ڪلهي تي کڻي پنهنجي گهر پهتو ته هن جي گهر جو چلهھ هن کي اجهاميل نظر آيو هو! اهڙو منظر هن لاءِ بنهه اذيتناڪ هو، هي ڪوڏر ھيٺ رکي پنهنجي گهر واري سان مخاطب ٿيو ته ”ڪُلو جي ماءُ اڄ ڪپهه جي فصل مان آسرو پلي گهر آيو آهيان ، پاڻي ووئنڻ کي صفا ٻوڙي ڇڏيو آھي، هاڻي پنهنجو ڇا ٿيندو؟؟؟
ڌنو وڌيڪ نه ڳالهائي سگهيو اهو چئي خاموش ٿيو ته زميندار ته هاڻي خرچ ٻيڻو ڪري لکندا چيٽ جي فصل جو اڌ به پاڻ کي ڪونه ڏيندا پاڻ کائينداسين ڇا!!!؟“. ڌنو جي زال جڏھن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏھن هن جي اکين ۾ لڙندڙ لڙڪ برسات جي بوندن سان گڏجي برسات ٿي ويا! ڪُلو ڏانهن ڏسندي ڌنو کي چوڻ لڳي پنهنجو ته خير آھي هن ننڍڙي جو ڪهڙو قصور جو هي ايترو ڀوڳي پئي! گهر ۾ رڌ پچاءُ لاءِ راشن ڪونهي هي مينهن ته پاڻ لاءِ عذاب نازل ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن مڪمل ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي وئي تڏھن ڳوٺ جي زميندارن کي پنهنجو پنهنجو فصل ياد آيو پر ڪنهن کي اهڙي ھمٿ جرئت نه ٿي ته مسڪين پاڙي ۾ رهن پيا انهن جي گهر جو چلھه ٻري پئي يا نه، هر پاسي کان رڳو فصلن کي بچائڻ جي روش هئي جڏھن ته فصل ائين به ناس ڏسڻ ۾ آيا پئي!
ڪُلو امان ماني ڏي امان ڏي! پڪاريندي سمهي پئي پر ڌنو ۽ سندس زال اھڙي تڪليف ۾ ڪيئن سمهن جڏھن ته هنن جي ننڍڙي جيڪا هنن لاءِ ڪل ڪائنات آھي، جيڪا ماني ماني ڪري ننڊ سمهي پئي هنن کي اهو ياد اچي رهيو هو ته ڪُلو رات ۾ جڏھن به سڄاڳ ٿيندي تڏھن ماني گهرندي اسان هن کي ڪهڙو جواب ڏينداسين؟؟هنن لاءِ هي وقت عذاب بنجي ويو! نيٺ ڪُلو جي ماءُ ڌنو کي خشڪ ٿي ويل چپڙن کي چوريندي چوڻ لڳي ته ”تون وڃ ڪنهن جي گهران اٽو وٺي اچ يا ماني جو پاڻ ڪُلو کي کارائي سگهون؟ ڌنو اهڙو سعيو ڪري اٿيو پر ڳوٺ جي هر گهٽي ۾ پاڻي ئي پاڻي هو جيڏانهن ڏسي ته ماڻھو ستل نظر آيا! تڏھن هن کي ويتر تڪليف ٿي ته هن ڳوٺ ۾ مون کان سواءِ ڪير به شايد غريب ناهي! ڪُلو رات ۾ ٻه ڀيرا اٿي هئي هنن
کي ماني بجاءِ پاڻي جو ڍڪ ڏيندا ويا! ڪُلو ننڊ ۾ هئي پر هي ٻئي رات جي هر پهر سان لڙڪن تڪليفن دردن سان جهيڙيندا رهيا، هنن سان گڏ درد هئا ، لڙڪ هئا جيڪي هي لاڙي محسوس ڪري رهيا هئا ته ڪو آھي جو هن اهڙي حالت ۾ اسان سان گڏ آھي! واقعي! تڪليف ۾ لڙڪن جو لڙڻ به ساٿ محسوس ٿئي ٿو، جڏھن غريب وٽ لڙڪ ئي نه بچن ته جئي ڪيئن سگهندو!!!؟
رات جي پيٽ ۾ پاڻي ڳوٺ جي ڪوهيري جيئن وڪوڙي ڇڏيو هو، زميندارن پنهنجي پنهنجي حدن کي قابو ڪيو، ڌنو ۽ سندس زال لاءِ هي رات ڪا نئين نه هئي! هنن زندگي جي هر لمحي کي پيڙائن سان گذاريل هو! هنن کي صبح جو انتظار ئي نه هو هنن چاهيو ته رات ئي رات هجي جيئن ڪُلو ستل هجي، جيئن هو سڄاڳ ٿي ته وڌيڪ پريشان ٿيندي، ڪُلو جي ماءُ ڌنو کي چوڻ لڳي صبح ٿيڻ وارو آھي پر بادلن سبب چٽاڻ نه پئي ٿئي، ڌنو گذريل رات جي چئن ئي پهرن سان خاموش ٿي ويل خشڪ لفظن سان ڪڙو سچ چيو ته ”ڪاش! ڀڳوان اهو ڪري ها جو سج روشني ڏئي صبح ڪري ٿو هر پاسي چٽاڻ ٿئي ٿي انهي روشني ۾ جيڪڏھن ڪنهن غريب مسڪين جا ڏُک ڪائنات جي هر ٻئي شيءَ جيئن واضع ٿي پون ها ته ڪيترو نه سٺو هو!“.
ڪجهه چٽاڻ ٿي ته هنن ڏٺو اڄ هي ڪچي ڀتين جي جهوپڙي ڊهي پوندي هر پاسي پاڻي ئي پاڻي آهي، ڌنو پنهنجي زال کي چوڻ لڳو سڄو ڳوٺ ٻڏي ويو آھي ڪالهه رئيس گلڻ کي سڀني گڏجي ميڙ وڌي ته تون سموري ڳوٺ کي برساتي پاڻي سان ٻوڙين پيو هي ڳنڍو ڪڍ ته ڳوٺ بچي تڏھن رئيس گلڻ چوڻ لڳو ته ”برسات خدا وسائي آھي پاڻي به خدا جو آھي آئون ڳنڍو نه ڇڏيندس“. هنن ڏٺو ڳوٺ جي سڀني ماڻھن کان تڪليفن پيڙائن جا پاڻ وڌيڪ سٺا ويجها دوست آھيون تئين ئي ڪچي ڀت به پنهنجي آھي اچ ته پاڻ سامان گڏ ڪري رکون جيئن هلي ڪنهن اسڪول جو پاسو وٺون، اسڪول ائين ئي پيا آھن سٺو آھي پاڻ برسات تائين هلي ويهون راشن جو بندوبست پوءِ تنهنجي هي ڇير کپائي ڪريون ٿا، پاڻ کي ڪُلو کان مٿي دنيا جي ڪا شيءَ ناهي! صبح جي سج جڏھن ڌرتي تي پنهنجا ڪرڻا وڌا پر بادلن جي وچان لٽڪي پيا هئا ڪجهه روشني ٿي تڏھن هنن ايترو پر سڪون سامان کنيو پئي ته جيئن ڪُلو سڄاڳ نه ٿئي! پر ڪُلو ننڊ مان بيدار ٿي وئي هئي ڌنو جهوپڙي جي اندر سامان کڻي ٻاهر ڪري ڇڏيو هو، هاڻي هنن سوچيو ته ڪُلو کي اٿي وئي آھي پاڻ اسڪول ۾ پناهه وٺون ٿا، ڌنو ٻاهر سامان هڪ هنڌ ڪيو پئي، ڪُلو جي ماءُ جي نڙي سڪل لڳي ته هن وڃي پاڻي پيئڻ ٿي چاهيو ايتري ۾ ڪُلو واپس جهوپڙي ۾ ماني ڳڀي لاءِ وئي ته ڀتين ڦَهڪو ڪيو ڪُلو جي ماءُ جي نڙي خشڪ ئي رهي! هنن جي ڪُلو بکايل پيٽ سان ڀت ڪرڻ سبب چيڀاٽجي وئي! ڌنُو ۽ سندس زال جي اکين ۾ لڙڪ ئي وڃي بچيا جيڪي زاور زار لڙڻ لڳا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *