تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

ڌرتي جي سڪيلڌي چنڊ جو جنم ڪٿي ۽ ڪيئن ٿيو ؟…..زوهيب سومرو

اسان جيڪڏهن شمسي نظام تي نظر وجهنداسين ته سمورن گرهن مان رڳو هڪ ئي گرهه منفرد نظر ايندو، اهو آهي ڌرتي، جنهن تي اسان رهون ٿا. هي اڪيلو ئي سيارو آهي، جيڪو پنهنجي ڇاتيءَ تي ايتري مقدار ۾ پاڻي رکي ٿو. پر ڌرتي جو ان کان به وڌيڪ حيران ڪندڙ پاسو به اڃان ٻيو به آهي، معنيٰ ته سڄي شمسي نطام ۾ ڌرتي ئي اهڙو گرهه آهي، جيڪو پنهنجي ڪڇ ۾ رڳو هڪڙو چنڊ رکيو ويٺو آهي. زهره ۽ عطارد سيارن ويچارن کي ته هڪڙو به چنڊ نه آهي، سڄي سورج منڊل ۾ ٻنهي سيارن سان ڌرتي جهڙي وارتا نه ٿي هوندي جو پنهنجي ڪک مان چنڊ ڄڻي سگهن، اهي اڃا تائين ته ڇڙن وانگر سورج منڊل ۾ لامارا ڏيندا وتن ٿا ۽ سائنسدان به اهو ئي ٿا ڀاسين ته شايد فنا تائين ڇڙا ئي رهندا، ڇو ته شمسي نظام هاڻي اهو ناهي رهيو، جڏهن پروٽو پلينيٽ يعني ڪچن سيارن جي زبردست قسم جا ٽڪراءُ سان سڄي شمسي نظام جي وايو منڊل ۾ ڪڙڪاٽ پئجي ويندا هئا. ڌرتي ۽ ان جو سڪيلڌو چنڊ شمسي نظام جي انهي فطري طريقي سان وجود ۾ آيا آهن. پر هاڻي شمسي نظام شانت آهي. مريخ سياري کي وري جاڙا چنڊ ته آهن، پر اهي به ڌرتيءَ جي چنڊ جهڙا سهڻا نه آهن جو کين پنهنجي محبوب جي چهري سان ڀيٽجي. انهن سيپڪڙن چنڊن جا مهانڊا پٽاٽي جهڙا بيضوي ۽ گول مٽول آهن. پلوٽو شمسي نظام جو ننڍڙو سيارو آهي، مزي جي ڳالهه جو ڌرتي جيان ان کي شيرون نالي هڪڙو چنڊ ته آهي، پر اهو پلوٽو کان به وڏو آهي.
ورهين کان سائنسدان انهي سوال تي تحقيقون ۽ تجربا ڪري رهيا آهن ته نيٺ چنڊ ڪٿي ۽ ڪيئن ٺهيو؟ شمسي نظام ۾ اها ڪهڙي جاءِ آهي، جنهن کي چنڊ جي جنم ڀومي سمجهيو وڃي؟ هونئن ته چنڊ جي وجودي ساخت جي باري ۾ گهڻا ئي قياس ۽ مفروضا ايندا رهيا آهن، پر ڪجهه نظرين کي بنيادي سمجهيو پئي ويو آهي.
ڪو- اڪريشن وارو نظريو:

ڪو-اڪريشن واري نظرئي موجب ڌرتي ۽ چنڊ ڌار ڌار وجود ۾ آيا آهن، سندن وجود هڪ ئي وقت ساڳئي طريقي سان ٿيو، جيئن کانئن عمر ۾ وڏن سيارن جو ٿيو هو. سج جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ به ايئن کڻي چئجي ته ڪروڙين سالن جو عرصو گذرڻ باوجود شمسي نظام ۾ ڄڻ ته هڪ ٻائيتال متل هوندو هو. سج جي چوڌاري ڦيرا ڏيندڙ ڌوڙ ۽ گوناگون گئسن سان ڀريل ديو قسم جي ڪڪرن جو پاڻ ۾ زوردار ٽڪر ٿيندو هو، ته انهن مان وري سيارا ٺهندا هئا. اوائلي يا ڪچن سيارن جو به وري پاڻ ۾ خطرناڪ قسم جو ٽڪراءُ ٿيندو هو، پوءِ انهن جي باقيات ڪروڙين اربين ڪلوميٽرن جا فاصلا طئه ڪرڻ باوجود ثقلي ڇِڪ (Gravitational Force) جي نتيجي ۾ هڪ هنڌ گڏجي ويندي هئي. ڪو اڪريشن واري نظرئي جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته چنڊ ۽ ڌرتيءَ به ان طريقي سان هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا. ان کانپوءِ ثقلي ڇڪ چنڊ ۽ ڌرتي جي مادي کي پنهنجي ان جاءِ تي آڻي گڏائي ڇڏيو، جتي اڄ تائين اسان کي نظر اچي رهيا آهن.
ڪيپچر ۽ فِزن وارا قياس:

سيارن جي سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيپچر وارو قياس وري ايئن آهي ته چنڊ جيئن ئي پنهنجي آزادي سان ٺهي راس ٿيو ته ڌرتي پنهنجي ثقلي قوت سان ان کي ڇڪي پنهنجي مدار ۾ ڦاسائي بيهاري ڇڏيو. فزِن قياس موجب جيئن ڪو سيارو پنهنجي اندر ۾ ئي ڦاٽي ٽڪرا ٿيندو آهي، ايئن ڌرتيءَ جو پيٽ ڦاٽي پيو ۽ ان جي باقيات مان چنڊ ٺهيو.
ڪيڏي نه دلچسپ ڳالهه آهي جو انهن مان ڪو هڪڙو سيارو به سائنسدانن ۽ سيارن جي محققن جي سوچ ۾ جاءِ ٺاهي سگهيو ۽ نه ئي وري سيارن جي علم سان واڳيل سائنسدانن سان ٺهڪي بيٺو. پر ڪائنات ۾ پولار ۾ جهاتي پائڻ لاءِ آتن سائنسدانن کي سڪون نه آيو ۽ چنڊ جي وجودي ساخت جا پيرا کڻڻ لاءِ اپولو مشن تيار ڪيائون، جنهن وري ڌرتيءَ جي پاڙيسري آسماني جسمن يا مادن جي باري ۾ سوچ کي ئي جهنجهوڙي ڇڏيو. چنڊ، سيارن ۽ سورج منڊل جي باري ۾ سوچ اندر هڪ انقلاب برپا ٿي ويو. ڇاڪاڻ جو اپولو مشن ۾ شامل خلا بازن نيٺ چنڊ تي وڃي ڳولي لڌو ته اتان جي پٿرن ۾ موجود آڪسيجن آئيسٽوپس ڌرتيءَ تي موجود آئيسوٽوپس سان بنهه هڪجهڙائي رکن ٿا. ان سان سائنسدانن کي اندازو ٿيو ته شمسي نظام ۾ ڌرتي سياري ۽ چنڊ جو وجود هڪ ئي جاءِ تي ٿيو آهي، مطلب ته ٻنهي جي جنم ڀومي ساڳي آهي. چنڊ به اهڙن تحليل پذير عنصرن کان وانجهيل آهي، جيڪي پارو چڙهي وڃڻ تي پگهرجي ويندا آهن. سائنسدانن کي اشارا مليا ته جنهن وقت ۽ جتي چنڊ وجود ۾ آيو، ان وقت انهي جاءِ تي ايئن کڻي چئجي ته ٻرندڙ جبل جي تهه کان به اربين کربين ڀيرا وڌيڪ تپش هئي. مزي جي ڳالهه آهي جو سائنسدانن چانڊوڪن پٿرن جي باري ۾ به گهڻو ڪجهه پروڙي ورتو آهي. چنڊ تي خلابازن کي اهڙا کوڙ سارا پٿر مليا، جيڪي زميني مينٽل (زمين جي مرڪز کان مٿئين ڇيڙي جو وچ وارو حصو) يعني هوبهو ڌرتيءَ تي موجود پٿرن جي ٻاهرئين خول جهڙا هئا. زميني مينٽل (پٿر) تمام گهڻن ڌاتن ۽ بنهه اونهي توڙي ڳتيل مرڪز جي تهه مان اڀريو، جڏهن ڌرتي سيارو ٺهي راس ٿيو.
اهو ڪيئن ٿي پئي سگهيو ته هڪ الڳ ٿلڳ آسماني مادي جا پٿر زميني مينٽل جي ساز ۽ سامان توڙي مادي سان هڪجهڙائي رکندا هجن؟ اها ڳجهارت وري چنڊ جي اهڙي حصي تان ڀڳي، جتي سائنسدانن کي توقع ئي نه هئي. اپولو11 مشن جا خلاباز نيل آرمسٽرانگ، مائيڪل ڪولنس ۽ بز ايلڊرين چنڊ تان اهڙا نمونا کڻي واپس موٽيا، جيڪي اڇي رنگ ۽ عجيب قسم جي بلڪل ننڍڙين پٿرين جا ٺهيل هئا. ان مان اشارو ورتو ويو، ته چنڊ جي جابلو حصن جي جوڙجڪ هڪ آتش فشائي پٿر مان ٿي آهي، جنهن کي اينرٿو سائيٽ ڪوٺيو وڃي ٿو.
چنڊ تان مليل پٿر اهڙن بي انداز معدني تهن جا ٺهيل آهن، جن کي پليجيوڪليز فيلسپار (Plagioclase feldspar) سڏيو وڃي ٿو. پليجيوڪليز فيلسپار ڀوري رنگ جو بلوري پٿر آهي، اها معدنيات سوڊيم، ڪيلشيم، ايلومينيم يا جست جهڙي سفيد ڌاتو جي مرڪبن سان ٺهيل آهي، جيڪي ڌرتيءَ جي ڇيڙي تي ايئن ئي گهمندي ڦرندي ملي ويندا آهن. چنڊ تان آندل پٿرن جي نمونن ۾ ٻرندڙ جبل ۾ شعلا اوڳاڇيندڙ مادي مان مليل معدنيات پائيرڪسن (Pyroxene) ۽ آتشفشائي جبلن تان ملندڙ پٿر زبرجد يا آليوين ٿوري مقدار ۾ موجود آهن. فيلسپار پٿر جو نج هجڻ سان نسبتن تحقيق جا حيران ڪندڙ نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. جهڙوڪ، فطرت يا سرشٽي ۾ وڌ کان وڌ معدنيات پٿرن ۾ سمايل آهي. پر اپولو مشن ڏيکاريو ته چنڊ جو گهڻو تڻو ڇيڙو يا مٿيون تهه اينرٿو سائيٽ ۽ اهڙي قسم جي ٻين پٿرن جو ٺهيل آهي، جنهن سان پليجيوڪليز فيلسپار پٿرن جو انتها درجي جو جڙاءُ (هاءِ ڪنسٽريشن) هوندو آهي. سائنسدانن ان جي ڪڏهن به توقع نه ڪئي هئي.
سائنسدانن آڏو مسئلي جو هڪڙو حل ڪجهه اهڙي قسم جو هوندو ته، چنڊ پنهنجي وجود جي بناوت کان جلدي پوءِ پاڻياٺن پٿرن جي هڪ سمونڊ ۾ ڍڪجي ويو هوندو، جيڪو پنهنجي ئي مٿاڇري سطح تي پليجيوڪليز فيلسپار يعني ڀوري رنگ جي بلوري پٿر جيان ڄمي ٺوٺ ٿي ويو. ثابتي جي هڪ ٻئي غيرمعمولي ٽڪري، شمسي نظام جي تمام وڏي امپيڪٽ بيسن (تمام وڏي کڏ) تي مرڪوز ڪري ڇڏيو آهي، اها چنڊ تي بنهه ڏور موجود ڏکڻ قطب- ائٽڪين کڏ يعني امپيڪٽ بيسن آهي. چنڊ تي انهي کڏ جي سائيز 24 سئو ڪلوميٽرز کان به وڌيڪ آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته چنڊ تي هڪ تباهي برپا ڪندڙ شئي جو زوردار ٽڪر ٿيو هو. رڳو ٻن لائينن تي ٻڌل ثبوت آخرڪار اهو سوال سمجهڻ ۾ بنيادي رهنمائي ڪئي ته نيٺ چنڊ ڪٿان آيو آهي؟
اڪثر فلڪياتي ۽ ارضياتي سائسندانن جو چوڻ آهي ته 4.6 ارب سال اڳ 2 سيارا خلا ۾ ان جاءِ تي ترندا هئا، جتي هاڻ ڌرتي ۽ چنڊ جي نظام والار ڪري ورتي آهي. اوائلي ڌرتي (Proto-Earth) جي جسامت ۽ مايو (Mass) موجوده زمين (سيارو) جو 50 کان 90 سيڪڙو هئا، جڏهن ته ٻئي سياري (ٿيئا سيارو) جي جسامت مريخ جيتري هئي، اهو سيارو هاڻي ناهي رهيو. سيارن جي علم جي سائنسدانن جو يقين آهي ته ننڍڙو ٿيئا سيارو ڌرتي سان ايڏو ته زوردار طريقي سان ٽڪرايو جو ڌرتي کي رڳڙيندو ويو. انهي زوردار ٽڪر زمين جي ڦيري ۾ زبرست قسم جي تيزي آندي، جو ٻنهي سيارن مٿئين خول کي رجائي (پگهرائي) ڇڏيو ۽ پليجيوڪليز فيلسپار تيار ڪري انهن جا خدوخال ئي تبديل ڪري ڇڏيا. ان کانپوءِ ٽڪرايل جسم جو مادو ڌرتي سان چنبڙي پيو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ٿيئا سياري جي زوردار ٽڪر کانپوءِ ڌرتي تي هڪ اهڙو دور به آيو، جڏهن ان جي چوڌاري پٿرن جي هڪ رنگ يا چوڙي ٺهي وئي هئي، جيئن هن وقت زحل سياري کي آهي. پر زحل سياري جي ابتڙ ڌرتي جي رنگ جا پٿر يا بلا قسم جا مادي ذرا چنڊ سان چنبڙي پيا هئا. اهو منظرنامو شايد ڪجهه سالن جي تمام ٿوري عرصي کان ڪجهه هزار سالن جي ڊگهي عرصي تائين برپا ٿيو هوندو، يا وري سيارن جي سائنسي اصطلاح ۾ تمام ٿوري مدي ۾ برپا ٿيو. اهو نظريو ارضياتي علم ۽ گردشي مڪانيات (آربٽل مڪينڪس) جي بنياد تي آهي، جيڪو منطق سان بهترين نموني دڳ سمجهائي ٿو ته اسان جي ڌرتيءَ جو لاڏلو سڪيلڌو چنڊ ڪيئن وجود ۾ آيو؟
(مددگار: اسپيس/ايسٽرانامي مئگزين)

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *