تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

ڌرتي تي حياتي جو وجود ۽ ارتقا … امر قاسم جسڪاڻي

درحقيقت حياتي جو ورثو دائمي تبديلون آھن، ڪائنات ۾ ھر شي وقتن بوقتن ارتقا پذير ٿيندي رھي ٿي، بي شمار قسمن جا حيوانات ۽ نباتات پنھنجي پنھنجي دور ۾ آباد و ذرخيز ٿيڻ کانپوءِ غائب ٿيندا رھيا آھن ۽ انھن جا پندپھڻ fossils اڄ بـ انھن جي موجودگي جو ڏس ڏئي رھيا آھن ۽ انھن جي نسلن جا ارتقا پزير ٿيل جاندار پڻ اڄ بـ ڌرتي تي ساھه کڻن ٿا، جيڪڏھن حياتياتي تبديلين کي جيولاجيڪل ٽائيم اسڪيل جي پيماني ذريعي ڏسجي تـ آبادي جي ڪثرت ۽ ججھائي جي تناظر کي موروثيت جي فرقن تي ماپي سگھجي ٿو. ائين ئي جھڙي طرح انگلينڊ جي ھڪ صنعتڪار قصبي ۾ ھلڪي ناسي رنگ جي اڏھي ۽ گھري ڪاري رنگ جي اڏھي جو جدا جدا نسل ھجڻ ڏٺو ويو جيڪو ھڪڙي اوچتي تبديلي جو مثال آھي، اھڙي اوچتي ارتقائي تبديلي کي Evolutionary divercification پڻ چئبو آھي. اھڙي ريت تاپير ۽ ٻين گھوڙن جي ناياب بڻجڻ بابت ٿيل کوجنائن کي ڏسجي تـ پنجاھه ملين سال اڳ وقفي وقفي سان ايندڙ اتفاقي تبديلين جي ڪري موجودھ دور جا گھوڙا ارتقا پزير ٿي آيا. جيڪڏھن موجودھه حياتياتي خدوخال، شڪل يا مھانڊو ڏسجي تـ اھو ارتقا جو نتيجو ۽ ضرب اپت آھي جنھن کي ارتقائي پيداوار چئي سگھجي ٿو، تنھن ڪري حياتياتي ماھرن جسماني ارتقا کي حياتياتي علم جو بنياد يا پيڙھه چيو آھي.
ڊارون جو ارتقائي نظريو حياتياتي ڄاڻ جو ھڪ زبردست نمونو آھي. چارلس ڊارون (1809 – 1882ع) ۽ الفرڊ ويلاس (1823- 1913ع) ارتقائي نظرئي جو مشاھدن، تجربن ۽ ثبوتن جي بنيادن تي چٽو بنياد رکيو. موجودھ دور ۾ ڊارون جي نظرئي جو صرف اھي ماڻھو انڪار ڪري سگھن ٿا جيڪي چوندا آھن “مان نـ مڃان”. انگريز حياتياتي ماھر سر جـولين ڪٿي لکيو آھي تـ ” ڊارون تـ آئنسٽان، فريوڊ ۽ نيوٽن کي بـ اتقائي نظرئي جي گردش ۾ آڻي ڇڏيو.” ڊارون جو نظريو حقيقتن جي اپٽار ثبوتن جي آڌار تي ٻڌل آھي اھي حقيقتون موروثيت ۽ پند پھڻن مان عيان ٿين ٿيون. جيڪڏھن ارتقائي تاريخ جو جائزو وٺجي تـ ڊارون جا ڏنل ثبوت جديد ترڪيبي نظرئي تي مشتمل آھن. ڊارون کان پھريان وارو دور جنھن کي پري ڊارون دور چيو ويندو آھي ان ۾ يوناني نامور فلاسافرن زينوفين، ايمپڊوڪلس ۽ ارسطو ارتقائي تبديلين بابت پنھنجا خيال ڏنا، انھن پندپھڻن جا ثبوت ڏيندي ۽ فنا ٿي ويل جاندارن بابت چيو تـ اھي قدرتي آفتن سبب برباد ٿيا ھوندا. ڪافي کوجنائن کانپوءِ يوناني فلاسافر ارتقا بابت ڪو مضبوط خيال ڏيڻ کان انڪري بـ قاصر رھيا ڇو تـ مقدس ڪتاب، عقيدو ۽ ارتقا وچ ۾ ٽڪراءُ ٿي پيدا ٿيو.
آرڪبشوپ جيمس عشر (وچ سترھين صدي) 4004 ق م کي حياتيات جي وجود ۾ اچڻ جو دور قرار ڏنو. ان دور ۾ ارتقا بابت خيال کي ڪفر، گمراھي ۽ بغاوت سمجھو ويندو ھو. ڪائنات جي علم جي ماھر فرانسي باشندي جـارج لائوس بـفـن (1707 – 1788ع) ان ڳالهه تي تاڪيد ڪيو تـ جاندارن جي شڪل ۽ بناوت ۾ ردوبدل يا مٽاسٽا جو سبب ماحولياتي تبديلي جو اثر آھي. انکان علاوھ ھن گرھ زمين جي عمر بابت ٻڌايو تـ زمين جي عمر سترھن ھزار سال آھي. جين باپٽسٽي لـيـمـارڪ (1744- 1829) پھريون فرانسي حياتياتي ماھر ھو جنھن ارتقائي نظرئي جي وضاحت ڪئي ۽ 1809ع ۾ ارتقا جو نظريو ڏنو، اھو ساڳيو ئي سال ھو جنھن ۾ ڊارون پڻ ڄائو ھو. لـيـمـارڪ پندپھڻن جا ثبوت گڏ ڪري فنا ٿيل جاندارن بابت مطمئن ڪندڙ ڪيس تيار ڪيو جنھن ۾ ھن ارتقا جو تصور ڏنو. لـيـمـارڪ جي نظرئي جا ٻـ پھلو ھئا، موروثي گھربل خاصيتون Inheritance of acquired characteristics, ۽ عضون جو استعمال ڪرڻ يا ترڪ ڪرڻ. لـيـمـارڪ جو خيال ھو تـ جاندارن جي عضون ۾ جيڪا تبديلي اچي ٿي اھا انھن جي ضرورتن مطابق اچي ٿي. مثال طور; زراف جي ڊگھي ڳچي انڪري آھي جو زمين تي خوراڪ جي کوٽ جي ڪري ھو وڻن مان لڙڪي کاڌو کائڻ لڳا ۽ پوءِ ائين ڪرڻ سان زراف جي ڳچي جا پٺا ڊگھا ٿيندا ويا ۽ زراف جي ڊگھي گردن/ ڳچي نسل در نسل ڊگھي ٿيڻ لڳي. لـيـمـارڪ واري اھڙي نظرئي کي صورت مٽائڻ Transformation وارو نظريو چئجي ٿو. لـيـمـارڪ جي مطابق تـ ڪو بـ فرد واحد ڪنھن عضوي کي استعمال يا ترڪ ڪري ٿو تـ موروثيت بـ تبديلي جي اثر ھيٺ اچي ٿي جنھنجي نتيجي ۾ ارتقا عمل ۾ اچي ٿي. اڳتي ھلي ليمارڪ جو اھڙو خيال رد ڪيو ويو ۽ غيرحقيقي سمجھو ويو ڇاڪاڻ جو ارتقا فرد ۾ نـ پر پوري آبادي ۾ اچي ٿي ۽ ڊارون پنھنجي نظرئي ۾ چيو آھي تـ ردوبدل غير جنسي جيوگھرڙن جي تبديلي جي ڪري نـ پر جنسي جيوگھرڙن يا جنسي عمل جي ذريعي موروثيت جي منتقل ٿيڻ سبب اچي ٿو جنھن تبديلي کي ارتقا چئيجي ٿو.
چارلس لـيـئـل (1779- 1875) ارضياتي ماھر سائنسدان ھيو جنھن (1830- 33) تائين ارضيات تي کوجنائون ڪري ۽ ارضياتي اصول Principles of Geology ڪتاب لکيو جنھن ۾ ھن زميني تبديلين بابت وضاحت ڪئي ۽ ڪائنات جي تاريخ جي باري ۾ پڻ سمجھاڻيون لکيون، جنھن ۾ ھن ٻڌايو تـ; 1 فزڪس ۽ ڪيمسٽري جا قانون ارضياتي تاريخ ۾ ڪڏھن بـ تبديل ناھن ٿيا. 2 ماضي ۾ ارضياتي تبديلين جا واقعا يا حادثا فطري طور ايندا رھيا آھن جھڙي ريت موجودھ دور ۾ بـ ارضياتي چرپر ۽ تديليون اينديون رھن ٿيون. چارليس ليئل ارضياتي چرپر بابت چيو تـ فطري داٻ جي ڪري ارضياتي چرپر ٿئي ٿي ۽ ھن پندپھڻن وارين ٽڪرين/جبلن بابت پڻ وضاحت ڪئي. مثال طور; ڳڻوٽي Corals جي ڍانچي, فورامنيفران ۽ مولسڪس جو سامونڊي زمين جي تري ۾ لٽجي وڃڻ ڪري اھي ڪيلشم ڪاربونيٽ ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ سامونڊي ڪنارن تي يا سمنڊ جي ٻيٽن تي يا سمنڊ جڏھن رخ تبديل ڪري ٿو ۽ جبل وجود ۾ اچن ٿا تـ نيٺ انت ۾ چن جو پٿر جڙي پوي ٿو. حياتيات جو مٽي جي تھن ۾ لٽجي وڃڻ جي ڪري ڪيتريون ئي معدنيات ٺھن ٿيون جھڙي طرح وڻن جي فنا ٿيڻ سان ڪوئلو پڻ جڙي ٿو. لـيـئـل ان ڳالهھ تي زور ڏنو تـ ارضياتي تبديليون آھستي آھستي گھڻ طرفن رخن ۾ اچن ٿيون، ارضياتي چرپر زميني پليٽن Tectonics جي ڪري عيان ٿئي ٿي. لـيـئـل جي اھڙي خيالن پڙھڻ کانپوءِ ڊارون کي کوجنا ڪرڻ ۾ سھولت پڻ ٿي. 27ڊسمبر 1831ع ڊارون ڪيپٽن رابرٽ فٽز را سان پنج سالن لاءِ ايڇ ايم بيگل 90 فٽ جي ھڪ ٻيڙي تي بحري سفر لاءِ آمريڪا ۽ پيسفڪ بحر ۾ پيمائش، جاچ پڙتال ۽ سروي لاءِ نڪتا ان سفر دوران 1831 – 1836ع بحري ٻيڙي بيگل سمنڊ ڪناري ڪيترائي اسٽاپ ڪيا جتان ڊارون نباتات ۽ حيوانات جا ثبوت گڏ ڪيا ۽ انھن بابت پڻ لکيو. ان سفر دوران ھن کي ڪيترائي تجربا ٿيا، جھڙوڪ; سمنڊ ڪناري سپين، ڪوڏن ۽ زلزلن جا نشان، فنا ٿيل آثارن ۾ جاندارن جي آبادي، پاڻي جا وھڪرا وغيرھ ان دوران سفر دوران چارلس ليئل جو ڪتاب پرنسيپل آف جيولاجي پڻ پڙھيو جنھن فطري داٻ ۽ زميني خدوخال کي واضع ڪيو.وچ سيپٽمبر 1835ع ڌاري بيگل گليپگوز Galapogos ٻيٽ تي پھتي، اھو ٻرندڙ جبلن واري ٻيٽن جو ميڙ آھي جيڪو خط استوا کان 600 ڪ .م پري اقواڊور رياست جي اولھه ۾ آھي. گليپگوز ٻيٽ، زلزلن، لاون جي ڪري وچ سمنڊ ۾ زمين جي کنڊ کان فاصلي تي آھي ڊارون اتي ريڙھيون پائيندڙ اجنبي جاندار Reptiles ۽ خشڪي ۽ پاڻي ۾ رھندڙ Amphibian ڏٺا.
وچ سترھين صدي عيسوي جا اسپيني ماڻھو ھن ٻيٽ کي لاس الاس گليپگوز ٻيٽ يا وري ڪچوئن/ڪمين وارو ٻيٽ ڪوٺيندا ھئا، ھن ٻيٽ جا وڏا ڪڇون/ ڪميون Giant Tortoise اتان جا مھاڻا ۽ انھن کان علاوھ آمريڪي ۽ برطانوي شڪاري کاڌي طور ڪتب آڻيندا ھئا. ڊارون جي ان ٻيٽ تي پھچڻ کان پھرين ڪنھن آفت ڪري ڪافي تباھي ٿي چڪي ھئي. ڊارون پنج ھفتن تائين گليپگوز ٻيٽ تي نباتات ۽ حيوانات جي مخصوص خاصيتن متعلق رڪارڊ گڏ ڪندو رھيو، ھن اتي چرچائي پکي Mocking bird, وڏا ڪڇون Giant tortoise, ٻرندڙ ڪميون ۽ گرائونڊ فنچ Ground finiches ڏٺا. جڏھن تـ گليپگوز، ڪيپ ورڊن ٻيٽ جو ماحول ملندڙ جلندڙ ھيو ۽ امريڪا کنڊ جيڪو گليپگوز کان ڪجهھ دور فاصلي تي ھو پر ھنن جي حياتياتي جيوت ملندڙ جلندڙ ھئي پر جڏھن تـ آفريڪي ڪيپ ورڊ ٻيٽ جا جاندار ھنن کان ڪجھه مختلف ھئا. ڊارون اخذ ڪيو تـ نـ ئي جاندار شيون ھڪ دفعي سان پيدا ٿيون آھن ۽ نـ ئي اھي ڪنھن تبديلي کان بچي سگھيون آھن. 2 آڪٽوبر 1836ع تي بيگل واپس انگلينڊ پھتي، ڊارون جيڪي شاھديون، ثبوت، نوٽ بوڪ ۽ ڊائريون لکي کڻي آيو ھو انھن تي کوجنا شروع ڪيائين. 1838ع ۾ ھن ٽي آر مـالـٿـس (1766-1834) جو آبادي تي لکيل مضمون پڙھيو جنھن ۾ ھن لکيو ھو تـ نباتات، حيوانات ۽ ماڻھن جي آبادين جو تناظر نسلي، پيدائشي عمل Reproduction تي انحصار ڪري ٿو. ان کان اڳ ڊارون ھٿرادو چونڊ ذريعي ارتقائي نظرئي تي ڪم شروع ڪري چڪو ھو، جنھن ۾ ھن پالتو جاندارن جون جنسون ملائي ۽ نئين نسل جي چونڊ ڪئي ھئي. ڊارون جھنگلي پاريل ڪبوترن جي ھٿرادو چونڊ تي تجربا ڪيا ۽ ان نتيجي تي پھتو تـ فطري چونڊ ھٿرادو چونڊ جيان ٿيندي رھي ٿي ان فطري چونڊ جو سبب وجود جي بقا ٿي سگھي ٿي Struggle for existence. جھنگلي جيوت جي چونڊ آبادي جي تناظر وڌڻ Overpopulation جي ڪري ٿي سگهي ٿي. ڊارون ارتقا بابت 1842ع کان وٺي مضمون لکندو رھيو ۽ آخرڪار 1856ع ۾ ھن نسلن جي بڻ بڻياد/ نسلن جي ارتقا بابت لکيو. 1858ع ۾ ڊارون، الفرڊ ويلاس جيڪو ملايا ٻيٽ جو رھاڪو ھيو سان خيالن جي ھڪجھڙائي ڪري فطري چونڊ بابت ويچار ونڊيا, ڊارون ٻن ٻين دوستن، ارضياتي ماھر چارليس ليئل ۽ نباتاتي ماھر ھـوڪـر Hooker سان ملي ڪري جنرل آف دي لينيئن سوسائيٽي ۾ 1858ع پھرين جولائي تي آرٽيڪل ڇپرايو۽ ٻي سال وري نومبر 1859ع ۾ نسلن جي ارتقا Origin of species ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو جنھن جون 1250 ڪاپيون ھڪ ئي ڏينھن ۾ وڪرو ٿي ويون. ڊارون جا ارتقا جي باري ۾ ايترا تـ ذھين خيال ھئا جو سائنسي ۽ مذھبي عقيدن ۾ ھر دور جي ڪاميابي بڻجي ويا. ڊارون 23سالن ۾ ڪتاب کي پنج دفع دھرايو ۽ ورجايو Revise ڪيو، جنھن ۾ ھن جاندارن جي ارتقا، پکيڙ ۽ نسلي واڌ ويجهھ بابت لکيو ۽ ان خيال کي واضع ڪيو تـ سڀ جاندار ارتقا پذير ٿيا آھن ۽ ارتقا ھڪ فطري عمل آھي جيڪو جاندارن جو ڌرتي تي وجود کان شروع ٿيو ۽ ھلندو ئي رھندو. ڊارون پاڻ کان اڳ ۽ ايندڙ دور جي ذھنن لاءِ ھڪ بيمثال ڪم ڪري ويو. 1970ع واري زماني ۾ امريڪا جي ڪورٽ ۾ مذھبي عيساين ڊارون جي نظرئين بابت ڪيس ڪيو جيڪو تجربن ۽ ثبوتن جي بنياد تي سائنس جي ھٿان مذھبي تصور ۽ خيالن ۾ رھندڙ پادرين کي مات ملي ۽ سائنس جي وڪيلن ڪيس کٽيو جنھن کانپوءِ ڊارون جو نظريو نصابن ۾ شامل ڪيو ويو جيڪو پوري دنيا ۾ پڙھايو ويندو آھي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *