تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

ڌاري ٻولي ۽ تهذيب تي فخر دراصل غلامي آهي ……ڊاڪٽر نواز علي شوق

تاريخ شاهد آهي سنڌ سدائين سائي ستابي رهي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ان تي حملا ٿيندا رهيا. ڌاڙو به اتي لڳندو آهي، جتي ڪو خزانو هوندو آهي. ڪنهن حاڪم يا شهزادي جو ڀاڳ ڦٽو ٿي، ته ڌو اچي سنڌ ٿي نڪتو. لٽجي ڦرجي آيل رولاڪ هتي وڏا ماڻهو بڻجي ويا. جيئن ته اهي اڳ وڏن شهرن ۾ رهندا هئا ۽ پاڻ کي وڏو ماڻهو سمجهندا هئا. پر ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن کي اڻ سڌريل ڄٽ ۽ ڳنوار سمجهندا هئا ۽ پاڻ کي وڏو عالم ۽ اعليٰ تهذيب يافته سمجهندا هئا، نه فقط کين سنڌ واسين کان نفرت هئي، پر انهن جي ٻولي کان به نفرت ڪندا هئا ۽ هنن زور زبردستي پنهنجي مرضي جا قاعدا قانون ٺاهي، پنهنجي ٻولي کي مٿانهون درجو ڏنو ۽ نوڪريون به انهن کي مليون، جيڪي فارسي جا ڄاڻو هئا. اهو ئي سبب آهي جو اها چوڻي مشهور ٿي ته “فارسي گهوڙي چاڙهسي”.
تاريخ شاهد آهي ته ڪيترن ئي سنڌين پنهنجي ٻولي کان پاسيرا ٿي لالچ ۾ اچي ڌاري ٻولي پڙهي، ڌارين سان ويجھڙائي وارو وجهه ڳوليو. سنڌي زبان ۾ شعر چوڻ بدران هنن فارسي ۾ شاعري ڪئي. ڌارين جي تهذيب، ثقافت، زبان ۽ ادب کي اعليٰ سمجھي پنهنجي امڙ جي ٻولي کي وساري ڇڏيو. ۽ ڌاري ٻولي ۾ دفتر ڪارا ڪندا رهيا. پر تاريخ شاهد آهي ته اڄ انهن سنڌي شاعرن جا فارسي ديوان ڪو پڙهي ئي ڪونه ٿو. هينئر سندن غزل، رباعيون ۽ قصيدا ڪوڏين جو ملهه به نه ٿا لهن. وقت جي وهڪري ۾ وهي، ڌارين کي خوش ڪري، وقتي طور ڪجهه فائدا حاصل ڪيائون.
زمانو شاهد آهي ته اڄ ته ڪي مت موڙها، عقل جا انڌا اها اڳوڻي روايت ورجائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ، کين خبر آهي ته ڌاري ٻولي 4 ڏينهن جو چٽڪو هوندو آهي. ٻولي اها ئي سلامت رهندي آهي، جنهن جون زمين ۾ پاڙون کتل هجن. ايڏين وڏين تاريخي حقيقتن جي هوندي ڪو عقل جو انڌو نه سمجھي سگهي، ته ان جو ڪم علاج ڪونه آهي. تاريخ پاڻ اهڙن انسانن کي سبق سيکاريندي، جڏهن سندن اکين تان اڻ ڄاڻائي جا کوپا لهي ويندا ته پوءِ کين حقيقت سج وانگر روشن نظر ايندي.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي وڏو داناءُ هو، هن انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪيو، ته جيڪي ڌاري ٻولي ۽ ڌاري تهذيب تي فخر ڪن ٿا. سي دراصل غلام آهن ۽ پاڻ پنهنجي ڳچي ۾ غلامي جو ڳٽ وجھي رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو شاهه لطيف چئي ڏنو ته:
جي تون فارسي سکيو، گولو توءِ غلام
هن “فارسي گهوڙي چاڙهسي” واري ڳالهه کي رد ڪندي، هڪ تاريخي حقيقت چٽيءَ ريت پڌري ڪئي ته سنڌ واسيو! جيڪڏهن توهان پنهنجي امڙ جي ٻولي ڇڏي ڏني ۽ ڌاري ٻولي کي پنهنجو ڪيو، گهرن ۽ درسگاهن ۾ اوهان پنهنجي ٻولي ڇڏي ڌاري ٻولي اختيار ڪئي ته غلام ٿي ويندو.
تاريخ شاهد آهي ته غلامي جو ڳٽ سولائي سان ڪونه لهندو آهي. ان لاءِ وڏو وقت وڏي جاکوڙ جي ضرورت هوندي آهي.
حضرت شاهه عبداللطيف جو هڪ هڪ بيت، بلڪه بيت جي فقط هڪ مصرع ئي لک لهي. ان وقت ۽ ان کان پوءِ اسان شاهه سائين جي انهي هڪ ئي مصرع تي عمل ڪريون ها، ته جيڪر اسان کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. افسوس جو اسان شاهه لطيف جو ڪلام ڪونه ٿا پڙهون. پر جيڪڏهن پڙهون به ٿا، ته ان کي يا ته صحيح نموني سمجھون نه ٿا. پر جيڪڏهن سمجھون ٿا، ته ان تي عمل ڪو نه ٿا ڪريون. باقي هونئن ڀٽائي سان عقيدت ۽ محبت ڏاڍي ڏيکاريون ٿا. پر ان جي فڪر ۽ پيغام کي سمجھڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪريون، جيڪا نهايت افسوس جي ڳالهه آهي.
تاريخ شاهد آهي ته سنڌ واسين جا لکيل فارسي دفتر اڄ فقط ڪٻٽن ۾ نظر ايندا. نه ايران ۽ افغانستان ۾ انهن کي مڃتا ملي ۽ نه وري اهي هتي سنڌي سٻاجھڙن جي ڪم آيا. ڌاري ٻولي، ڌاريو ماحول، ڌاريون تشبيهون، ڌاريون ڳالهيون اهو ئي سبب آهي جو انهن شين جي سنڌ واسين وٽ ڪا اهميت نه رهي.
تاريخ شاهد آهي ته ڌارين، جن کي جاهل ڄٽ ڳنوار ۽ ڌنار سمجھي ڌڪار ٿي ڪئي تن جا ڳڻ، ڳالهيون، بيت ۽ ڪافيون لازوال بڻجي ويا. ڇاڪاڻ ته انهن ۾ نه صرف پنهنجي امڙ جي ٻولي آهي پر پنهنجو ماحول آهي ۽ پنهنجي دل جون ڳالهيون آهن. دل جون ڳالهيون ئي دل ۾ گهر ڪنديون آهن. اڄ سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن محفل ۾ فارسي غزل، قصيدو يا رباعي ٻڌڻ ۾ نه ايندي. پر اوطاقن، اوتارن ۽ عاشقن جي مزارن تي قربائتيون ڪچهريون، سگهڙن ۽ سياڻن جا سخن ۽ صوفي بزرگن ۽ شاعرن جون وايون ۽ ڪافيون ٻڌڻ ۾ اينديون، هي اهو وکر آهي، جيڪو پئي پراڻو نه ٿو ٿئي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *