تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڊرگھه بالا ۾ مير الهيار خان اول جو قبرستان … شاندار ماضيءَ جو شاندار ياد گار … عزيز ڪنگراڻي

مير الهيارخان ٽالپور اول جنهن کي ڪلهوڙن سالار جنگ جو لقب ڏنو سو پنهنجي وقت جو جرنيل ۽ ميانوال تحريڪ جو اهم اڳواڻ ۽ سپھ سالارهو. سندس قبرستان دادو ضلعي جي جوهي تعلقر جي ڪاڇي واري علائقي جي تاريخي شهر ڊرگھه بالا کان اتر اولھه ۾ 5 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي گاج ندي جي ڪناري تي آهي. مير الهيار جو مقبرو طرز تعمير ۾ نه صرف سندس قبرستان ۾ پر جوهي تعلقي واري ڪاڇي ۾ تعميرات جو اهم شاهڪار آهي. ٽالپور اول ميان نصير سان (16157ع کان 1692ع) ڪاڇي ۾ آيا. شروعات ۾ ڊرگھه هيٺين ۾ مقيم ٿيا. انهن ۾ مير فتح علي اول ۽ مير سليمان خان ڪڪو ذڪر لائق آهن. مير صوبدارخان ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ باغو چانڊيو سان گڏ مدفون آهي. مير بعد ۾ ڊرگھه بالا پرسان جاگيرون ملڻ سبب اول ڊرگهھ پراڻي ۾ آباد ٿيا. ان کي نئي جي وهڪرن پاتو ته موجوده ڊرگهھ بالا ۾ رهائش اختيار ڪيائون جتي سندن جوڙيل ڪوٽ به يادگار طور موجود آهي.
مير الهيار خان اول جي قبرستان ۾ مير سلمان عرف مير ڪڪو سندس اولاد ۾ مير ڇٽو خان، مير ٺارو اول، مير سائينداد ۽ مير ماڻڪ دفن ٿيل آهن. ان کان علاوه پنيل خان ۽ ڪجھه جمالي برادري جا ماڻهو به هن قبرستان ۾ دفن ٿيل آهن. تحفته الڪرام موجب اٽڪل 1700ع ڌاري جيڪا ملتان جي تڏهوڪي گورنر مغل شهزادي معزالدين ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي وچ ۾ گاج ندي ڀرسان کوڙ (موجوده ٽوڙ) ۾ جنگ لڳي ان ۾ ٻنهي ڌرين جا جنرل قتل ٿيا هئا. انهن ۾ مغل فوج جو جنرل اُڌي سنگهھ ۽ ٻيو هندو جنرل ماررويو هو. علي احمد ڀروهي موجب ته اُهي هندو جنرل به هن قبرستان ۾ مقبرن ۾ دفن ٿيل آهن جيڪا ڳالھه وسهڻ جوڳي ناهي. ڇو ته هندو سپھ سالار اهو به دشمن، ان کي مسلمان جيان ڪلهوڙا ڪيئن ٿي دفن ڪري سگهيا؟ خير اهو بحث الڳ آهي. مير الهيار خان ٽالپر اول جي زندگي جو سربستو احوال موجود نه آهي. سندس ڄم جو سال به ڄاڻايل نه آهي. سندس وفات جو سال 1729ع ملي ٿو جيڪو ميان نور محمد ڪلهوڙي جو دور آهي جنهن مان پتو پئجي سگهي ٿو ته سندس جنم ميان نصير محمد جي ڏهاڙن ۾ ٿيو. ڇاڪاڻ ته اهو ڪٿي به درج ناهي ته جواني ۾ سندس وفات ٿي. جيڪڏهن سندس وفات 50 سالن جي عمر ۾ ٿي هوندي ته سندس پيدائش 1679ع ٿي سگهي ٿي. بهرحال سندس ڄم بابت اها قياس آرائي آهي. مير الهيار خان ٽالپر اول جي پيءُ مير ماڻڪ خان جو اولاد ماڻڪاڻي سڏجي ٿو جن پوءِ ميرپور خاص جي علائقي کي مسڪن بڻايو پر ڪجھ ٽالپور ڊرگھ ۽ جوهي ۾ ننڌي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ به رهيا.
هي قبرستان گهڻو قديم آهي. هن قبرستان کي اول سڄڻ جي پَئِي وارو قبرستان سڏيو ويندو هو جنهن جو ذڪر 1973ع واري مهراڻ رسالي ۾ ڇپيل مضمون ۾ مير محمد بخش ماڻڪاڻي ٽالپر ڪيو آهي. اهو مضمون اصل ۾ مصطفي ڪئنز عربي ۾ لکيو هو جيڪو اٽڪل 1966ع ڌاري هت آيو هو ۽ عربي ۾ مضمون لکي مصر جي هڪ رسالي ۾ ڇپرايو هو جنهن جو ترجمو عربيءَ جي عالم کان ڪرائي مير محمد بخش ٽالپر ان ۾ واڌارا ڪيا هئا. مير صاحب پاڻ 1972ع ۾ قبرستان وٽ آيو هو ۽ رئيس علڻ خان لغاري جي معرفت مريداڻي جمالين جا مقبرا ۽ مير الهيار خان ٽالپر اول جو قبرستان گهميو هو. مصطفي ڪئنز مقبرن جي ڪٿ 200 سال ڪئي هئي. مصطفي ڪئنز جي ڪٿيل دور مطابق قبرستان ڪلهوڙن جي پوئين دور جو بيهي ٿو. جيڪو ميان غلام شاھ جو دور لڳي ٿو. اهو قياس قرين آهي ته اول صرف قبرون هجن ۽ پوءِ مقبرن جي تعمير ٿي هجي پر منهنجو خيال آهي ته مير سليمان خان جي ذبون حال مقبري جي تعمير جو دور ميان نور محمد ڪلهوڙي جو دور ڪٿي سگهجي ٿو ۽ ٻيا ممڪن آهي ته پوءِ غلام شاھ جي دور ۾ تعمير ٿيا هجن.
مير الهيار خان اول جي قبرستان ۾ شاندار پينٽنگ جنهن کي ڪن ماڻهن ناسمجهي سبب ليڪا ڪڍي يا نالا لکي ضايع ڪيو آهي. مير ماڻڪ، مير سليمان ۽ مير الهيار خان اول جي مقبرن ۾ ٿيل فريسڪو چٽسالي مغل ۽ راجپوتانا آرٽ جو شاندار مثال ۽ امتزاج آهي. قبرستان ۾ مقبرن تي چٽساليءَ ۾ سماجي، ثقامتي، مذهبي ۽ ڏنڊ ڪٿائي سوچن ۽ روزمره جي زندگي جي وڏي پيماني تي عڪاسي ٿيل آهي. ڪٿي گهر ڌياڻيون هالا جي جنڊيءَ چڙهيل جهڙي منجيءَ تي کير ولوڙين ڏيکاريل آهن ته ڪٿي گلن جون مالهائون هت ۾ ڪيو بٺيون آهن. ڪٿي گهوڙي سواري جا منظر آهن ته ڪٿي ديوارن تي مينهن ڦر سان ڏيکاريل ۽ کير ڏڀندي ڏيکاريل آهي. مير ماڻڪ جي مقبري ۽ مير سليمان خان ڪڪو جي مقبري ۾ فريسڪو چٽسالي مغل آرٽ جو زنده مثال آهي. پينٽنگ ۾ گل ٻوٽن جون ڊزائنون. ميون ۽ ڀاڄين جون تصويرون، مڃين ۽ پکين جون تصويرون، ڍاڪون، صراحيون، تلوارون، ڍالون، تير ڪمان زرهون به چٽيل آهن ته جانور به نقش ٿيل آهن. مسجدون کان علاوه نبي ڪرم صلعم جي جُتي مبارڪ به چٽيل آهي ته خدا باڊي لکت به ديوارن تي نقش ٿيل آهي.
مير الهيار خان اول جي جي مقبري جي ديوارن تي ملھه جو منظر به آهي ته مرد توڙي منجيءَ تي ويهي ڪلام پاڪ جو درس ڏيندي ۽ نوڪر ۽ نوڪرياڻيون پکا هڻندي ڏيکاريل آهن. جن ۽ ڀُوت پاڻ ۾ وڙهندي ڏيکاريل آهن جن کي ڪن محققن غلطي سبب هندن جو اوتار ڀوليناٿ سمجهيو آهي. مير الهيار خان اول جي مقبري ۾ جنگ جو منظر ڏيکاريل آهي جيڪو شايد کوڙ جي جنگ جو عڪس آهي. جنگ جي هن منظر ۾ کاٻي پاسي مٿي ڪنڊ ۾ سهڻي ميهار جي ڪهاڻي نقش ٿيل آهي. سهڻي درياھ ۾ گهڙي سان گهڙندي ڏيکاريل آهي ۽ خواجه خضر سنڌو ڪناري ويٺل آهي ته سيسر به ندي ۾ ڏيکاريل آهي. درياھ جي ٻئي پاسي ميهار ۽ سهڻي مينهن سان گڏ بيٺل ڏيکاريل آهن. مير الهيارخان ٽالپور اول جي مقبري ۾ دروازي وٺان ليلا مجنون ۽ سسئي پنهون جو داستان چٽيل آهن. سسئيء جي ڪهاڻي ۾ ڦوڙ ندي به ڏيکاريل آهي جنهن ۾ سيسر به نظر اچن ٿا. مير سليمان ڪڪي جي مقبري جي ديوارن تي شينهن ۽ هاٿي جي ويڙھ به چٽيل آهي ته باندر جي شڪل چڊيون ا پهريل جنات ناريل جي وڻن ۾ چڙهندي ڪُڏندي ڏيکاريل آهن. قبرستان ۾ مقبرن جي ديوارن تي جنات جي ھيءُ منظر نگاري ايراني مينيو اسڪرپٽ واري آرٽ جي اثر هيٺ ٿيل چٽسالي ڀانئجي ٿي. مسلمانن جي مقبرن تي ماڻهن ۽ چانورن جون تصويرون اسلام جي لحاظ سان جائز نه آهن ته پوءِ ڇو ڇٽيون ويون؟ هن سلسلي ۾ مون پنهنجي ڪتاب هسٽري آن وال ۾ ڪيو آهي جيڪو پڌرو ٿيڻ وارو آهي.
حاصل مطلب ته مير الهيار خان ٽالپر اول جو قبرستان نه صرف ڪاڇي پر سنڌ جو تاريخي، سياحتي ۽ ثقافتي ورثو آهي جنهن کي مصر کان ڪهي آيل مصطفي ڪئنز به شاندار ماضيءَ جو شاندار يادگار ڪوٺيو سو سدائين گاج نديء جي وهڪري جي زد ۾ رهندو آيو آهي ۽ قبرستان جو ڳچ حصو غائب به ٿي ويو آهي. باقي بچيل قبرستان کي مستقل طور محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *