تازا ترين
  • *وزير اعظم جي درخواست تي وفاق جي نمائندگي جو فيصلو ڪيو: فروغ نسيم *جسٽس فائز عيسيٰ ريفرنس ڪيس ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندس: فروغ نسيم *بطور وزير قانون مون عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي: فروغ نسيم *منهنجي دل ۾ عدليا جي لاءِ عزت ۽ قانون جي پاسداري آهي: فروغ نسيم*
  • *ڀرياسٽي ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ڪتن 8 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *ٽن عورتن سميت 8 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *دادو ۾ نوجوان ناري جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڊاڪٽر رشيد قريشي جي پنجن گهرڀاتين سميت 16 ڄڻن جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي *
  • * وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات *ملاقات دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، پرنسپال سيڪريٽري ۽ ٻيا به شريڪ *اسان وٽ ڪورونا جي حوالي سان روزانو 6600 ٽيسٽ ڪرڻ جي گنجائش آهي: وڏو وزير *شهري ٽيسٽ ڪرائڻ ۾ ايترو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، جيترو ڪرڻ گهرجي: مراد علي شاهه *
  • ڪوٽڙي ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻي کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن جو انگ 24 ٿي ويو *22مان هڪ ڄڻي جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي * ڪورونا متاثر کي گهر ۾ ئي آئيسولٽ ڪيو ويندو: ڊي ايڇ او *
  • *قاضي احمد ۾ ڌارين کي جعلي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي *
  • *سنجهورو: ڪشمير بارڊر تي دل جي دوري سبب فوت ٿيل فوجي جوان جو مڙهه ڳوٺ پهچايو ويو *فوجي جوان ڪاشف جٽ جو مڙھ مظفر آباد کان سندس اباڻي ڳوٺ 23 چڪ پهچايو ويو *
  • *سانگهڙ ۾ ڪورونا متاثر فوڪل پرسن جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *ڪورونا متاثر ڊاڪٽر شبير چنا جي ٻيهر ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *
  • *ڪنڊيارو شهر جي محبت ديرو ناڪي وٽ پئٽرول ڀرائڻ دوران چنگچي کي باهه لڳي وئي *مالڪ ٽپو ڏئي پاڻ کي بچايو، شهرين پهچي باهه وسائي ورتي، چنگچي سڙي وئي*
  • *ڊکڻ ويجهو پوليس جي ٽن مقتولن جا جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ ڳوٺن تي چڙهائي، 2 گهر ۽ اوطاق ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ: مسمات بشرا خاصخيلي کي تذليل ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ وارو معاملو *عمرڪوٽ: پوليس گذريل ڏينهن 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ اڄ ميڊيڪل لاءِ اسپتال آندو *جوابدارن عرس کاڙت، قيوم کاڙت ۽ ربنواز کوسي جو ڊي اين اي ڪرايو ويو: پوليس *عورت ٿاڻي تي پهچي جوابدارن تي تشدد ۽ زيادتي ڪرڻ جو الزام هنيو هو: پوليس *
  • * اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ راجا پرويز اشرف جي نيب ريفرنس ۾ بريت واري درخواست *رينٽل پاور ڪرپشن ڪيس جي فيصلي جي لاءِ 25 جون جي تاريخ مقرر *
  • *لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل 70 ورهين جو مريض فوت *لاڙڪاڻو : گذريل ٽن ڏينهن کان سيد گلزار شاھ آءِ سي يو وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو*
  • *سکر: سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي هاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ *ميرپور ماٿيلو ۾ وڪيل گل فيروز ڪلوڙ کي گرفتار ڪرڻ خلاف وڪيل برادري طرفان مظاهرا *
  • *ڪراچي جهاز سانحو: سڙي زخمي ٿيل نينگري سول اسپتال ۾ زخمن جا تاب نه سهندي فوت، 84 لاش سڃاڻپ بعد وارثن حوالي*

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي شخصيت ۽ ڪم تي ھڪ نظر…….خادم رند

سنڌ جي کاھوڙي ڪردار ڊاڪٽر محبت ٻرڙي 25 مارچ 1952ع تي قمبر شھر ۾ شوڪت علي ٻرڙي جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ 9 اپريل 1997ع تي پنهنجي مثالي زندگي جا ڏينهن پورا ڪري قمبر جي ئي مٽي ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سموري حياتيءَ جو عرصو رڳو 45 سالن تي مشتمل ھو جيڪو ڏٺو وڃي ته تمام ٿورڙو آھي. پر سنڌ جي ھن بي مثال ۽ اڻٿڪ ڪردار ان مختصر ڄمار ۾ سياسي، سماجي ۽ علمي حوالن سان جيڪو شاندار ڪم ڪيو، تنهن کيس سموري سنڌ ۾ وڏي مڃتا ۽ مان ڏياريو. 
ڊاڪٽر محبت سان منهنجي پهرين مکا ميل 1989ع دوران لطيف ڪلينڪ قمبر تي سندس ننڍي ڀاءُ ۽ رياضت ٻرڙي ۽ ستار ھڪڙي معرفت ٿي. انهن ڏينهن ۾ اسان ڪجهه دوستن گڏجي “موھن جو دڙو سائنس ڪلب” جو بنياد وڌو ھو. ڊاڪٽر محبت جيئن ته سائنسي ۽ جديد سوچ رکندڙ ماڻهو ھو تنهنڪري اھڙين مڙني تنظيمن سان ھر قسم جو سهڪار ڪندو ھو، جن جو مقصد سماج ۾ سائنسي سوچ جو ڦھلاءُ ھجي. تنهنڪري ڊاڪٽر محبت اسان سان ھر حوالي سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. 
مون ڊاڪٽر محبت کي جڏهن پهريون ڀيرو ڏٺو ته مون ترت محسوس ڪري ورتو ته سندس طبيعت ۽ رويو ٻين روايتي قسم جي ڊاڪٽرن جهڙو نه پر انتهائي سادگي ۽ پنهنجائپ وارو آھي. پهرين ملاقات کانپوءِ ڊاڪٽر محبت سان ميل جول وارو سلسلو سندس جيءُ جهوريندڙ وڇوڙي تائين لڳاتار جاري رھيو. لطيف ڪلينڪ تي ڊاڪٽر محبت جي ڪرسي آڏو پيل وڏي ٽيبل گهڻي ڀاڱي مختلف موضوعن جي ڪتابن سان ڀريل ھوندي ھئي. کاٻي پاسي ڪاٺ جي ھڪ بينچ رکيل ھوندي ھئي جنهن تي چانهه ٺاھڻ جو سامان ۽ چلهو رکيل هئا. ان جي ڀرسان ۽ سامهون واري پاسي دوستن ۽ مريضن جي ويهڻ لاءِ ڪجهه ڪاٺ جون بينچون رکيل ھيون. ڪچهرين ۽ بحثن ۾ سائين عظيم سومرو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر نظير شيخ، جامي چانڊيو، ڊاڪٽر علي گل ميتلو، صحبت ٻرڙو، الطاف رند، ڊاڪٽر بخت جمال، سرمد چانڊيو، نثار ٻرڙو، قربان رند، علي انور گوپانگ، ڀائو درمحمد ٻرڙو، علي آڪاش، ستار ھڪڙو، امتياز تنيو، رياضت ٻرڙو ۽ مون سميت ٻيا ڪيترائي حصو وٺندا هئا. قمبر ۽ ڀرپاسي جي سياسي، سماجي ۽ علمي فردن کانسواءِ سنڌ جون ڪيترين ئي نامور شخصيتن جو پڻ ڪڏھن ڪڏهن لطيف ڪلينڪ تي اچڻ ٿيندو ھو. جن م رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر ارباب کھاوڙ، حسين بخش ناريجو، غفار قاضي، خادم ٽالپر، آڪاش انصاري، حمزو ھاري، حريف چانڊيو ۽ ٻيا شامل آھن. ڪلينڪ ۾ ھر وقت ڪچهري ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث مباحثا جاري رھڻ ڪري اتي ھڪ ڪلينڪ وارو ماحول پيدا نه ٿي سگهيو، جنهن جو نتيجو اھو نڪتو ته ڪلينڪ اڪثر ڪري مريضن کان خالي رھڻ لڳي. 
ڊاڪٽر محبت هونئن ته ھڪ گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ ھو پر منهنجي خيال ۾ ھن سياسي ۽ علمي حوالي سان گهڻو اھم ۽ بنيادي قسم جو ڪم ڪيو آھي. نظرياتي طور ڊاڪٽر محبت سوشلسٽ ۽ سيڪيولر خيالن جو ماڻهو ھو ۽ سنڌي ماڻهن جي حقيقي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ به انهن نظرين کي ضروري سمجهندو ھو. ھو پنهنجي نظرياتي پرچار ۾ ڪنهن رک رکاءُ جو قائل نه ھو. پنهنجي اھڙي رويي سبب ئي ھو فوج ۾ ھلي نه سگهيو ۽ ڪيپٽن ڊاڪٽر جهڙي نوڪري ڇڏي قمبر آيو ۽ باگيديري محلي ۾ ڪلينڪ کولي ويھي رهيو. 
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي عملي سياست جي شروعات عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان ڪئي. ھن سنڌي شاگرد تحريڪ ٺاهڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو جنهن ڪري کيس تحريڪ جو پهريون صدر چونديو ويو. 
ڊاڪٽر محبت جو جيئن ته سياست سميت مختلف سائنسي علمن جو گهرائي سان مطالعو ٿيل ھو، تنهنڪري ھو جيستائين عوامي تحريڪ ۾ شامل ھو، تيستائين پارٽي جي علمي مورچي جو سرواڻ رھيو. پارٽي پروگرام ۽ سوشلسٽ نظريي جي پرچار ۽ ڦهلاءَ لاءِ ھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي موضوعن تي اڻ ڳڻيا ليڪچر ڏنا. ان کانسواءِ لکڻ جي ميدان ۾ به ھن پاڻ ملھائيندي ڪيترائي پمفليٽ، مضمون، آرٽيڪل، ڪالم، چوپڙيون ۽ ڪتاب لکيا. 1988ع ۾ ڊاڪٽر محبت سياسي تنقيد تي ٻڌل ڪتاب “جيڪو سچ چوي” سڄڻ ۽ لطيف جي نالي سان لکيو. ھن ڪتاب سنڌ جي سياسي ۽ تنقيدي حلقن ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو. اھڙي ڪتاب لکڻ تي عوامي تحريڪ پاران ڊاڪٽر محبت کي “علمي محاذ جو سپهه سالار” قرار ڏنو ويو. واضح رھي ته انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر پنهنجي اصل نالي جي جاءِ تي ساجد، سجاد قمبروي، م. ع، لطيف، سڄڻ، مھراڻ مگسي وغيره جهڙن فرضي نالن سان لکندو ھو. جيڪو سچ چوي کانسواءِ ڊاڪٽر محبت ھٿ وڌايو، سنڌ بچايو، شھيد فاضل راھو ۽ سندس پارٽي، ڄاڻي سڃاڻي ويھان ڪيئن ماٺ ڪري، سنڌي عوام جو سياسي اتحاد ۽ ڪي سازشي، سنڌيو سجاڳ ٿيو، سنڌ دشمن سازشن کان ھر گهڙي خبردار رھو ۽ سنڌي مار سورما، جهڙا ڪارائتا ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن جي سياسي شعور ۾ واڌاري لاءِ ڪوششون ڪيون. 
اڳتي ھلي ڪن تنظيمي ضابطن جي ڀڃڪڙي وارن معاملن تي پارٽي سربراهه سان اختلافن سبب ڊاڪٽر محبت عوامي تحريڪ کان پاسيرو ٿي ويو. جيتوڻيڪ پارٽي سان جذباتي وابستگي ڪري ڊاڪٽر محبت کي پارٽي ڇڏڻ تي سخت صدمو رسيو پر لڳي ٿو وٽس ان حوالي سان ڪي مضبوط سبب هئا. ڊاڪٽر محبت ڪهڙين به حالتن ۾ ماٺ ڪري ويهڻ وارن مان نه ھو ان ڪري ھن پنهنجون سموريون صلاحيتون علمي ۽ تحقيقي ڪم ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيون. خاص طور سنڌي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد ۽ سنڌي ٻولي جو گرامر سندس من پسند موضوع بڻيا، جن تي ھن تمام سٺي کوجنا ڪئي. ڊاڪٽر محبت ڏينهن رات تحقيقي ڪم سان لاڳاپيل رھي ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا پر انتهائي محدود مالي وسيلن ڪري پنهنجو ڪوبه ڪتاب نه ڇپائي سگهيو. باقي سندس مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن، رسالن ۽ تحقيقي مخزنن جي زينب بڻبا رھيا. 
1997ع ۾ دل جي دوري سبب ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اسان کان جلد موڪلائي ويو. اھڙي ڏکوئيندڙ حادثي کي ڪنهن قوت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر محبت جي ڪجهه دوستن ۽ شاگردن گڏجي قمبر ۾ “ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي” جو بنياد وڌو. پنهنجي طئه ڪيل مقصدن موجب ھي اڪيڊمي ڊاڪٽر محبت جي فڪري ۽ تحقيقي ڪم کي ڇپائڻ، ڦهلائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ لاءِ 1997ع کان پاڻ پتوڙيندي رھي آھي. پنهنجي قيام جي شروع ۾ ئي اڪيڊميءَ جي ساٿين رٿي ڇڏيو ھو ته ڊاڪٽر محبت جي ھر ورسيءَ تي سندس لکيل يا ترجمو ڪيل ھڪ ڪتاب ضرور ڇپايو ويندو. جيئن ته مان پاڻ به ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جو منڍ کان حصو رھندو ٿو، اچان انڪري اھا ڳالهه ڪندي سرھائي محسوس ٿي رھي آھي ته اڪيڊمي پنهنجي واعدي کي عمل ھيٺ آڻڻ ۾ هينئر تائين ڪامياب رھي آھي. 
ھر سال ورسيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر محبت جا هيستائين 20 کان 22 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. اڃا به ڪيترو ئي مواد قلمي صورت ۾ موجود آھي، جيڪو اميد ته ايندڙ وقت ۾ اڪيڊمي پڙهندڙن تائين پهچائيندي.
 [email protected]

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *