تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

ڊاڪٽر مبارڪ علي جا قول

تاريخ سان دلچسپي انهن معاشرن ۾ ٿيندي آهي جن ۾ تاريخ جڙي رهي هوندي آهي.
جڏهن عقلمند خاموش هجن ته بيوقوف ٻيڻ جي حساب سان وڌندا آهن: نيلسن منڊيلا
ليکڪ ٻن قسمن جا آهن هڪڙا اهي جيڪي موجوده نظام جي حمايت ڪندي ان کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ لکندا آهن ۽ ٻيا جيڪي سماج جو تنقيدي جائزو وٺي ان جي نون نظرين جي بنياد تي نئين سر جوڙجڪ ۽ ان ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
جيڪڏهن تاريخ اڻ ڌري رهي ۽ ظلم کي غيراخلاقي قرار نه ڏئي ته اها ان شيطاني عملن بابت ڪابه تبديلي آڻڻ ۾ ناڪام ويندي آهي.
سمورا پاڪستاني شاگرد تاريخ جو مطالعو ڪن ته جيئن هو اصل حقيقتن کان آگاهه ٿي سگهن.
بدترين بيماري جيڪا ڪنهن انسان کي ٿي سگهي ٿي اها هي آهي ته کيس دليلن کان نفرت ٿي وڃي (سقراط)
جنهن پاڪستان جي اڀياس (سبجيڪٽ ) ۾ 93 هزار قيدين جو ذڪر نه هجي ان ۾ سچائي لکيل هوندي ان جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي
آمريڪا جو اڳوڻو صدر هربرٽ هوور جيڪو 1929ع کان 1933ع تائين آمريڪا جو صدر رهيو. کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته کيس دنيا جي مختلف يونيورسٽين مان 90 اعزازي ڊگريون مليون. ان لحاظ کان هو سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ اعزازي ڊگريون حاصل ڪندڙ فرد آهي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *