تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

ڊاڪٽر ماها خودڪشي ڪئي يا قتل ٿي ؟

ڪراچي ۾ گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڌيءَ ڊاڪٽر ماها جي مبينا خودڪشي واري واقعي بابت سوشل ميڊيا تي جتي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي ته ان واقعي بابت سوال پڻ اٿاريا پيا وڃن ته واقعو خودڪشي آهي يا قتل؟ ان بابت جاچ ٿيڻ گهرجي. سوشل ميڊيا تي وڏي انگ ۾ ماڻهن ڊاڪٽر ماها جون تصويرون شيئر ڪندي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڄاڻايو ويو آهي ته ڊفينس فيز فور ۾ ڊاڪٽر ماها پاڻ مٿان پستول جو فائر ڪيو، ڊاڪٽر ماها شاهه جناح اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ماها گذريل رات پاڻ کي گهر جي واشروم ۾ بند ڪري پسٽل جو فائر ڪيو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هوءَ فوت ٿي وئي، وارثن جو چوڻ آهي ته اهڙو ڪوبه معاملو نه هو، جنهن جي ڪري ماها انتهائي قدم کنيو، ڊاڪٽر ماها گرهوڙ شريف جي گادي نشين جي ڌيءَ هئي ۽ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪندي هئي. سوشل ميڊيا تي ڄاڻايو ويو ته پير آصف شاهه هڪ غير روايتي ۽ غير معمولي انسان آهي. هن پنهنجي اولاد جي تربيت به شاندار نموني ڪئي آهي. ناري رات جي ڊيوٽي تان موٽي اچي خودڪشي ڪئي آهي. هن واقعي جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي ته قتل آھي يا خودڪشي؟ جيڪڏهن خودڪشي آھي ته ان جا ڪارڻ ڪهڙا آھن؟ خودڪشي ڪندڙ جو به ڪو نه ڪو قاتل هوندو آھي.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *