تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

ڊانڊرس قيديءَ جي ڊائري … آڪاش عامر

جيل ڊائريون ڪٺن تجربن جو اھڙو مرحليوار روئداد ھونديون آھن جن ۾ آيل محبوبائن جا خواب ۽ تصور مينھن ۾ پسيل جھرڪين جھڙا ھوندا آھن.جن جي آلن کنڀن تي نفيس آڱرين جي لھس نظماڻو اثر لڳندي آھي ،،پسيل جھرڪيون،، ھي ڪنھن يورپي ليکڪ جو نظم آھي شايد مون ڪٿان پڙھيو ھو ھاڻي ياد ناھي پر تشبيھ عورتن سان ھئي ان ڪري مون کنئي آھي.
ٻي تشبيھ عورت جي لاءِ ڀٽائيءَ اھڙي ڏني آھي جو پڙھندي ئي ڇرڪ نڪري وڃي ٿو،، پکي ۾ پدمڻي ، وڄ وراڪا جيئن،،.جيل ڊائري لکڻ ،پڙھڻ ۽ ڇاپڻ يا ان تي مھاڳ لکڻ دراصل جيل جو سفر ئي ڪرڻو ھوندو آھي.وک وک محسوس ٿيندي آھي ، ھر چرپر ٻاھر جھڙي ئي ھوندي آھي پر ماحول تابوط جھڙو بند ۽ ٻوسٽ جھڙو ھوندو آھي. قيد ته ڪيترائي ماڻھو ڪاٽي ايندا آهن پر ڊائري اھي لکندا آهن جن کي لکڻ ايندو آھي .جن ڪڏھن ادب پڙھيو يا ٿورو گھڻو لکيو ھوندو . نه ته اڪثر وارڌاتون ۽ جيل جا واقعا پراسرار رھجي ويندا آھن.ڄڻ اھي جيل ويا ئي نه ھئا . جيل جا تجربا پھرين ڳالھ ته متيون منجھائيندڙ ھوندا آھن اھي ھرون ڀرون تفريحي ماحول مھيا ناھن ڪندا .پر ھڪ نظرياتي ماحول ضرور پيدا ڪندا آھن.
ڄام ساقيءَ جي تاش راند تي ڪاوڙيل لھجي کان وٺي سست ۽ شانت لھجي تائين نھايت ئي دلبرانه انداز۾بيان ڪري ٿو.اھائي خوبي شبير شر جي زبردست آھي ته پاڻ کي پڏائڻ يا ھيرو پيش ڪرڻ کان گريز ڪيو اٿائين.نه ته اڪثر جيل ياترائون پنھنجي ئي اردگرد ليکڪ ڦيرائي ڦيرائي ماري ڇڏيندو آھي.حالانڪه ڪمزور پھلو به انسان جو ھوندو آھي.ڀيانڪ خواب به بھادر ماڻھن کان رڙيون ڪڍرائي ڇڏيندا آهن..جيل جون صلاخون ڪافي نظرياتي موتن جون وڏيون اڏيون به ثابت ٿيون آھن ،ڪافي زندگين جا ڏيئا به صلاخن جي پويان گل ٿيا آھن پر ڪافي باضمير ۽ غيرتمند ماڻھن صلاخن کي به صحتمند تاريخ بخشي ڇڏي آهي
شھيد نظير عباسي جو ھي ٽولو جڏھن گرفتار ٿئي ٿو ته سرخ پرچم جي ڇپائيءَ کان ورھائڻ تائين واري وارتا ئي عجيب نموني ۾ لکيو وئي آھي عدالتن جون ٻڌڻيون مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جا ارادا ناڪام حوصلن جا لٿل منھن ڊانڊرس قيديءَ بنا ڪنھن دانشوراڻي ڪلابازين جي سچائيءَسان سادڙي اسلوب ۾ بيان ڪيا آھن.
جيل ڊائري اھڙي ئي ھوندي آھي.ان جا موڙ رستا ڪھاڻين کان وڌيڪ دلچسپ ھوندا آھن.رومانس يادگيرين۾ ئي ڀري سگھجي ٿو ،تصورن ۾ پرين جھڙيون ڇوڪريون انقلابي ذھنن جي زينت ناھن ٿينديون پر ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جا ماڻھو ئي ذھنن جا تاڪ کولي ھليا ايندا آھن. انقلابي ۽ نظرياتي ماڻھو پنھنجي عظيم مقصدن کي ئي فوڪس ڪندا آهن.جيئن شبير شر پنھنجي دل تي آڱر رکي ھر ڌڙڪندڙ لمحي کي فوڪس ڪيو آھي پوري ڊائريءَ۾ڪو اھڙو بحث يا تڪراري جمپ به ناھي جو ھن ڊائريءَ کي بوريت ڏانھن وٺي وڃي خاص ڪري ھن پنھنجو ئي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي خوامخواهه وڏن وڏن ليکڪن جي سوچن ۽ فڪر انگيز قولن کي ڪوٽ ناھي ڪيو.ھن پنھنجي مطالعي جو روعب به استعمال ناھي ڪيو جيئن اڪثر ليکڪ ڪندا آھنمون پنھنجي مطالعي جي عمر ۾ٻه اھڙا ڪتاب تمام تيزيءَ سان پڙھيا جو ماني کائڻ به وسري ٿي وئي ھڪ ،،سن فلاور،، ابدال بيلا جو ۽ ٻيو ھي ڪتاب ،،ڊانڊرس قيديءَ جي ڊائري،، توڙي جو ھي ڪتاب سن فلار جھڙو ناھي پر ھن جو ميٺاج سنڌڙي انب جھڙو آھي پڙھڻ ۾ ھن ڪتاب جو مزو به پنھنجو آھي .
مونکي ڪٿي ڪٿي خطرناڪ ڳالھيون به عام تاثر ۾ مليون حالانڪه انھن کي مرڪزيت ھئڻ گھرجي ھا ڇو ته جيل ۾ اھڙو واقعو لوڏي ڇڏيندڙ ھوندو آھي،، جيڪي پٺاڻ ڇوڪرا پٽڪو ٻڌي بجليءَ جي تار واري ڪليء۾ جيل مان ڀڄي ويندا آھن ۽ جڏھن پٽڪو کٽي پوندو آھي ته ھيٺ بيٺل ٽئين ڇوڪري کي مٿي پٽڪو اڇلڻ جي صلاح ليکڪ ئي ڏئي ٿو ،، ان جو تاثر ڀرپور نہ ھو بس ھڪ روايتي واقعو ھو ڄڻ ٿي سگھي ٿو اھو ٻارن جي ڪري اھم نه به ھجي يا شھيد نظير عباسي جو شھيدد ٿيڻ انھي ھيڏي وڏي حادثي کي به شدت سان محسوس نه ڪرايو ويو آهي. اھڙا اھڙا واقعا اھڙي قيامت خيز روئداد ۾ فوڪس ڪبا آهن جو ماڻھو پڙھڻ وقت اھڙو ئي درد محسوس ڪري جھڙو ليکڪ محسوس ڪري سگھي ٿو يا جيڪو ضياءُ واري ريفرنڊم تي جي اعلان تي بحث معمولي آھي ان تي بحث ٿيڻ گھرجي ھا پوري شد مد سان ھيڏن ڏاھن انقلابي سرڦرين پڙھيل لکيل قيدين دليلن سان واضع ڪري ڇڏڻو ھو .
مان سمجھان ٿو شبير شر ھن ڊائريءَ کي طويل ٿيڻ ڪافي بحث مباحثا لنوايا آھن جيڪي نه لنوائڻ گھرجن ھا انهن تي دل کولي لکڻو ھو
مون ھي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو ته مونکي اڪثر واقعن مھل لڳو ته مان ڄڻ جيل ۾آھيان ۽ ليکڪ سان گڏ آھيان . اذيتون به محسوس ٿيون پئي اھي ئي ڪامياب احساس۽ وارڌاتون ھونديون آھن جتان ليکڪ پاڻ سان گڏ وٺيون ھلندو آھي ھي ڪتاب پڙھڻ جھڙو آھي ھن ڪتاب مان ڪافي ڳالھيون سکڻ جھڙيون آھن ڪافي واقعا دل تي اثر ڪندڙ اھن ڪافي موڙ شاعراڻو به اٿس جن کي پڙھي شاعريءَ جھڙو لطف بہ ماڻيو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *