تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ڇوڪري جي صورت نه پر سيرت ڏسو اسان جو سماجي ڏک جنهنڪري گهڻيون ئي نياڻيون پرڻجڻ کان رهجي وڃن ٿيون … پون ڪمار منڌاڻ

سهڻي ننهن جي ڳولا اسان جي سماج جو اهڙو الميو آهي جنهنڪري ڪيتريون ئي نياڻيون شادي ڪرڻ بنا رهجي وڃن ٿيون اهو الميو بيشمار حياتيون ڳڙڪائي چڪو آهي . ڏک ته اهو به آهي ته ان مصيبت کي عورت ذات پاڻ پيدا ڪيو آهي، پنهنجي ڌيءُ جو معاملو هجي ته مائرون دانهون پيون ڪن ته ماڻهن جو دماغ خراب ٿي ويو آهي انهن کي ڇوڪري نه پر حور گهرجي، وري ٻئي طرف جڏهن هو پنهنجي پٽ لاءِ ڪنوار ڏسڻ وينديون آهن ته پوءِ پنهنجي لاءِ اهو معيار مقرر ڪنديون آهن، انهن جا پنهنجا پٽ ڀلي ڪوجها ڇونه هجن پر ننهن انهن کي وڏي قد واري ۽ پري گهرجي، سونهن سان گڏوگڏ وار ، هلڻ جو نمونو، رنگ ، اکيون، وزن هر شي کي غور سان جاچينديون آهن، ڄڻ ڇوڪري نه ٿي ڪو قرباني جو جانور ٿي، ويچاري ۾ ٿوري به گهٽتائي نظر آئي ته هڪدم کيس رد ڪيو ويندو آهي، ڪنهن زماني ۾ رشتو ڳولڻ وقت رڳوڇوڪري جو خاندان ۽ ان جو نسل ڏٺو ويندو هيو ان جي تربيت ۽ قابليت ڏسبي هئي ڇوڪر جا مائٽ خوشي سان سٺي خاندان ن ۾ ڇوڪري کي ڏسڻ کانسواءِ ئي رشتو پڪو ڪري ڇڏيندا هئا، پر اڄ جي زماني ۾ ڇوڪري جي تربيت يا گهراڻو ڪهڙو به هجي انهن سڀني ڳالهين کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي، سهڻين ۽ حسن سان ڀرپور ڇوڪرين جي ڳولا ۾ گهڻين ئي قبول صورت يا عام شڪل جي ڇوڪرين کي بنا سوچي سمجهي نامنظور ڪيو ويندو آهي.
شڪل و صورت ته خدا ٺاهيندو آهي پوءِ اسان يا توهان ڪير ٿيندا آهيون جو سندس مخلوق ۾ عيب پيا ڳوليون توهان ڪنهن ڇوڪري کي ڏسڻ وڃو ، فروٽ ۽ لذيذ کاڌن جي ميز منجهان خوب کائڻ پيئڻ کانپوءِ جيئن ئي ڇوڪري جي ماءُ جون اميد ڀريل اکيون توهان کان پڇن ته توهان نهايت بيدردي سان هي چئي انڪار ڪيو ته توهان جي ڇوڪري پسند ڪونهي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ پاڻ کي يا پنهنجي ڌيءُ کي انهي ڇوڪري جي جاءِ تي رکي ڪري سوچيو ته جيڪڏهن توهان سان ڪو ائين ڪري يا توهان جي ڌيءُ کي ڌڪاري ته توهان جي ڪهڙي حالت ٿيندي؟ توهان جي اهڙي هلت سان گهٽ سونهن هجڻ هڪ گناهه ٿي پوي ٿو توهان جي ڪجهه ٽوڪ طور چيل جملن جي ڪري ڇوڪري پنهنجي مائٽن جي اڳيان ئي مجرم بڻجي پوندي،ڌيئرون بار ڪونه هونديون آهن پر توهان ائين ڪري ڌيئرن کي بار سمجهڻ تي مجبور ٿا ڪريو، چڙ ، ڊپريشن رد ٿيڻ جو ڀو انهن کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏي ٿو ڪڏهن سوچيو ته توهان جو هڪ انڪار انهن کي ڪهڙي عذاب، ڏک ۽ ذلت جو شڪار بڻائي ڇڏي ٿو، گهڻو ڪري ڇٺي، مڱڻي يا اهڙين ٻين گڏجاڻين ۾ ڪجهه عورتون ملي ويهن ته ٻين جي ڌيئرن تي خراب، تبصرا ڪنديون آهن ته فلاڻي جي ڌيءُ هيئن ۽ فلاڻي جي ڌيءُ هوئن آهي، ٽوڪ، کل، ٽهڪڙا ۽ گلا وغيره گهڻين ئي ڇوڪرين ۽ انهن جي مائرن جي دل ڏکائڻ جو سبب ٿين ٿا،
اسان روزانو اخبارن ۾ نوجوان ڇوڪرين جي خودڪشين جي باري ۾ پڙهندا آهيون، انهن مان گهڻيون ئي ڇوڪريون ضرور بار بار ٺڪرائجڻ جي ڪري دل ٽٽڻ سبب ان آخري قدم کڻڻ تي مجبور ٿينديون هونديون ۽ موت کي سولي منزل سمجهي مائٽن کي پنهنجي بار کان آزاد ڪري وينديون هونديون ۽ پنهنجي پويان اهڙا بيشمار سوال ڇڏي وينديون هونديون جن جو جواب ڏيڻ وارو ڪوبه ناهي هوندو، ائين ڇو؟ خدا جي واسطي ڇوڪرين کي شو پيس سمجهڻ ڇڏي ڏيو، هي ڏاڍيون نازڪ ٿين ٿيون ڪنهن ڇوڪري کي ڏسڻ وڃو ته چڱي طرح سوچي سمجهي پوءِ وڃو ڇوڪري جي عام شڪل کي ان لاءِ سزا نه بڻايو ، هي گناهه آهي ڇوڪري جي صورت نه پر سيرت ڏسو ان جا لڇڻ ڏسو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *