تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

ڇا ھن ڌرتيء تي پکين جو حق ناھي!!؟…جعفر شنباڻي

ٻين جاندارن سان گڏ تترن جي نسل کي ختم ڪرڻ لاءِ ماڻھو ھٿ ڌوئي ڪڍ پيا آھن جيئن طوطن جي نسل کي تقريبن ماڻھن ختم ڪري ڇڏيو آھي, ھاڻي ھي موسم تترن جي ٻچن ڦوڙڻ جي موسم آھي, ٻچن ڦوڙڻ کان اڳ ۾ آنن جي موسم ۾ شوقينن تترن سان ظلم ڪيو, اھو ته خدا جي ڪاغذن ۾ لکيل آھي, وڏا ڊگھا ڄارا وڇائي انھن کي پڪڙڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي وئي ڪجھه تتريون بچي ويون انھن آري تي ويھي ٻچن کي ڦوڙيو ۽ ھاڻي وري ماڻھو تترن جي ٻچن جي ڪڍ پيا آھن, ھڪ ته لابارو ڪرڻ واري ريپر مشين تتر ۽ انھن جي ٻچن کي ڪٽي چيڀاٽي ماري ٿي ڇڏي. جيڪڏهن مشين جي موت کان بچي ٿا وڃن ته ماڻھن جي ھٿن ۾ اچي ٿا وڃن. ڪجھه پڪڙي پڃرن ۾ قيد ڪري ٿا ڇڏين, جڏهن تتر جي ٻچن کي پڪڙيو ٿو وڃي ان وقت جيڪڏهن شوقينن کان علاوه نرم دل انسان ماحول کي ڏسي ته ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا تري ايندا. تتر جي ٻچن جون چيھاٽون ۽ تتري جون دانھون آسمان سان ٽڪرائبيون آھن. تتري جون داھون ٻچن جون دانھون جڏهن گڏ ٿين ته اھو وقت ۽ ڏينهن ڪيئن ۽ ڪھڙو ھوندو.
جيئن ماءُ پنهنجي ٻچي کي پاليندي آھي تيئن ٻين کان شايد پلجي. شوقين ته شوقين آھن پر ھن موسم ۾ عام ماڻھو به شوقين ٿي ٿا وڃن, ڇاڪاڻ ته عام ماڻھو وٽ به تترن جا ٻچا گفٽ طور پھچي ويندا آھن ۽ ڪجھه ماڻھو تترن جي ٻچڙن کي پڪڙي ٿورڙن پيسن خاطر وڪرو ڪندا آھن. سوچڻ جھڙي ڳالھه آھي جيڪڏهن الله نه ڪري اسان جي سامھون اسان جي ٻچن کي ماريو پڪڙيو وڃي ۽ انھن کي پڃرن ۾ قيد ڪري ٻين ڏي گفٽ طور موڪليو وڃي ته ان وقت اسان جي ڪھڙي ڪيفيت ھوندي ۽ اسان دانھون ۽ ڪوڪون ڪنداسين. اھا خبر ته انھن کي آھي جنهن جا ٻچا اغوا ڪيا ويا آھن, ماريا ويا آھن, قيد ڪيا ويا آھن. خدا جي خلقيل ھر شيءَ جو ھن ڌرتي تي رھڻ جو حق آھي. ھوا, پاڻي, داڻي ۾ جاندارن جو به حق آھي. خدارا! جاندارن جي نسل ڪشي بند ڪيو, انھن کي به دل آھي, انھن کي به زبان آھي, اھي به ڳالھائين ٿا, اھي به بد دعا ڏئي سگھن ٿا, خوش ٿي دعا به ڏئي سگھن ٿا, انھن جي دانھن ۽ ڪوڪن کي ٻڌڻ وارو به آھي, انھن کي انصاف ڏيڻ وارو به موجود آھي, جنھن ھنن کي پيدا ڪيو آھي انھيء جي سامھون ته ظلم نه ڪريو. اسان کان به پڇڻ وارو موجود آھي اسان کي به ان انصاف جي ڪٽھڙي ۾ بيھڻو آھي, جڏهن جاندارن جي لاءِ پچيو وڃي ته ان ڪٽھڙي ۾ بيھي اسان ڪھڙو جواب ڏينداسين? اسان انهن کي ماريو يا اسان انھن لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪيو, اسان انھن جي ٻچڙن کي پڪڙيو يا انھن جي ٻچن جي حفاظت ڪئي, انھن سڀني سوالن جو اسان ڪھڙو جواب ڏينداسين!!?

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *