تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

ڇا چين ۾  ڪورونا وائرس آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي ڦھلايو آهي ؟؟….امر شر

ڪورونا وائرس جيڪو چين جي شھر ووھان کان شروع ٿي پوري دنيا ۾ ڦھلجي چڪو آھي ان لاءِ چين جي ھڪ ڳجهي ايجنسي ھڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آھي ـ جنھن موجب ڪورونا آمريڪا جي ڳجھي ايجنسي سي آءِ اي ھڪ ڳجهي جگھه تي ٺاھي چين موڪليو آھي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته آمريڪا جي سي آءِ اي جا عملدار پنھنجي عام فوج سان گڏجي چين آيا ھئا جيڪي پاڻ سان گڏ اھو خطرناڪ وائرس پڻ کڻي آيا ھئا ۽ پو ڏسندي ڏسندي اھو وائرس پوري دنيا ۾ ڦھلجي ويو ـ چيني ايجنسين جي رپورٽ موجب ھي ھڪ بايو حملو آھي ھي وائرس ھڪ آمريڪا جي ليباريٽري ۾ آمريڪا جي شھر ميري لين ويجھو فورڊ بيڪڊ شھر ۾ واقعي ان ليباريٽري ۾ تيار ڪيو ويو جنھن ليبارٽري ۾ ٻي عظيم  جنگ ۾ آمريڪا پنھنجي دشمن  ملڪن لا ڪيميائي ھٿيار ٺاھيندو ھو ـ آمريڪا جي صدر ٽرمپ جي  اجازت کان پو آمريڪي ڳجهي اينجنسي اھو ڪم تڪميل تائين پھچايو ـ
آڪٽوبر 2019 چين جي شھر ووھان ۾ ملٽري گيمز جو اھتمام ڪيو ويو ھو جنھن ۾ پوري دنيا جي فوج شموليت ڪئي هئي رپورٽ موجب آمريڪا مان جيڪي فوجي آيا ھئا انھن ۾ آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي جا فوجي به شامل ھئا جيڪي ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان چين جي سي فيڊ ۔  مارڪيٽ تائين پھچي ويا ھئا جتي انھن اتي موجود جانورن ۾ ڪورونا ويڪسين وسيلي انجڪيٽ ڪيو ـ   وائرس کان متاثر   اھي جانور انسانن کي به متاثر ڪندا ويا ۽ وائرس ھڪ مان ٻئي ماڻھو ۾ تيزي سان منتقل ٿيندو رھيو ۽ پوري ووھان شھر کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ـ جڏھن وائرس ووھان شھر ۾ ظاھر ٿيو ته ماڻھن اھو سمھجيو ته اھو وائرس چمڙي يا نانگن مان ڦھليو آھي پر حقيقٿ ھاڻ کلي رھي آھي ته ھي وائرس داراصل آمريڪا جو چين مٿان بايو حملو آھي ـ جيڪو آمريڪا پنھنجي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي ذريعي چين ۾ ڦھلايو آھي.
آمريڪا چين تي بايو حملو ان ڪري ڪرايو آھي جو جيئن ان جي اھا معيشت تباھ ڪري سگھجي جيڪا يورپ سميت پوري دنياتي قبضو ڪرڻ وڃي رھي هئي ـ توڙي جو آمريڪا جي پنھنجي بازارن ۾ چين جي شين جي ڀرمار ٿي رھي آھي ـ آمريڪا وقتي طور تي شايد ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيو به ھجي ڇوجو ڪورونا ھن وقت تائين لا علاج مرض آھي جنھن جي ويڪسين پڻ تيار ناھي ٿي سگھي ـ ڪورونا جي سبب چين جي معيشت جي چيلھه چٻي ضرور ٿي آھي پر اھا مڪمل ڀڳي ناھي ڇاڪاڻ ته لکين ماڻھو پنھنجن گھرن تائين محدود ٿي ويا آھن  ـ جڏھن ته چين آمريڪا کي سخت جواب ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آھي ـ چين ان حملي کي ھڪ زندھ قوم جيان منھن ڏئي پاڻ کي ھڪ بھترين قوم ھجڻ جو ثبوت ڏنو آھي پر ھن وقت ڪورونا صرف چين جو نه پر پوري دنيا جو ھڪ ٻرندڙ مسئلو بڻجي چڪو آھي ـ جيڪڏهن چين جي اھا رپورٽ درست کڻي ھجي به پراھو آمريڪا به ان مصيبت جي لپيٽ ۾ آھي جيڪو چين کي سبق سيکارڻ واري چڪر ۾ ھو ـ جيئن چيو ويو آھي ته جيڪو ٻين لا کڏ کڻندو سو ان کڏ ۾ پاڻ ڪرندو آمريڪا سان به ڪجھه اھڙو ٿيو آھي ـ بحرحال وري به چين آمريڪا سميت پوري دنيا جي ملڪن جي مدد ڪرڻ جي خواھش ڏيکاري انسانيت جو ڪنڌ اوچو ڪري ڇڏيو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *