تازا ترين
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

ڇا ٻولي جي بنياد تي قوم جي جوڙجڪ ممڪن آهي؟ ….ڊاڪٽر مبارڪ علي/ طفيل مگسي

طفيل مگسي

قوم ۽ قومپرستي نه صرف يورپ بلڪه ايشيا ۽ آفريڪا جي نون آزاد ٿيل ملڪن ۾ به وڏي اهميت وارو مسئلو آھي. يورپ ۾ قومپرستي ۽ فوجي رياستن جو عروج ڪيترن ئي مرحلن ۾ ٿيو. مگر خاص طور سان فرانسيسي انقلاب کانپوءِ قومن جي جوڙجڪ ۽ قومي علائقن بنجڻ جو عمل نهايت تيز ٿي ويو. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جڏھن ايشيا ۽ آفريڪا بيٺڪيتي نظام جي خلاف قومي تحريڪون شروع ٿيون ته انهن ملڪن ۾ به قومپرستي جا جذبا اڀرڻ شروع ٿيا، ۽ آزادي کانپوءِ خاص طور سان انهن ملڪن ۾ اهي مسئلا سامهون آيا ته قوم جي جوڙجڪ ڪهڙن بنيادن تي ڪئي وڃي ۽ ڪهڙي طرح سان مختلف نسلي ۽ سماجي پارٽين کي، جيڪي مذھبي ۽ نسلي طور تي الڳ الڳ آھن، انهن کي هڪ ڪجي. ڪجهه اهڙي ئي صورتحال کان پاڪستان به متاثر ٿيو. هتي به پاڪستاني قوم جي تعمير ۽ جوڙجڪ هينئر تائين نه ٿي سگهي آهي. انهن سمورن سوالن جو حل تاريخ جي ان عمل ۾ آھي ته جنهن مان قومپرستي ۽ قوم گذري ٿي. ان سوال کي حل ڪرڻ جي لاءِ اي جي هابس بام جي ڪتاب“ قومون ۽ قومپرستي 1770ع کان” نهايت اهم آھي. ڇو ته اهو ڪتاب ڪيترن ئي تاريخي مفروضن کي ختم ڪري ٿو ۽ قومپرستي جي جوڙجڪ ۾ ڪهڙا مقصد ڪم ڪري رهيا هئا، انهن کي اسان جي سامهون آڻي ٿو.
قوم جي جوڙجڪ جي باري ۾ جيڪي به نظريا اڀري آيا، انهن جي شروعات يورپ کان ٿي. ان ڪري انهن نظرين جي سامهون جيڪي ماڊل هيا اهي يورپ جي ملڪن ۽ انهن جي تاريخ جا هئا. انهن ۾ ٻولي، نسل ۽ جاگرافيائي حدن کان وٺي، اهي سمورا سامراجي نظريا به هئا ته جيڪي ان وقت بيٺڪيتي ملڪن جي مفادن کي پورو ڪري رهيا هئا. مثلاََ فرانس جي مفڪر رنيان جو خيال آهي ته جيڪو شخص جتي به رهي ٿو اهو ان ملڪ يا ان علائقي جو رهواسي يا شھري آھي. ان ڪري سندس قوميت به ان جي رهائش سان لاڳاپيل هوندي.
يورپ ۾ قومپرستي جي عروج ۾ جن عوامل حصو ورتو انهن ۾ جنگيون انهن جي نتيجن ۾ ٿيندڙ فتحون، اچ وڃ جون سهولتون ۽ تعليم جي پکيڙ اهم هئا. هابس بام اوڀر يورپ جي هڪ مفڪر هروش جي ان ماڊل کي پيش ڪيو آھي، جيڪو هن يورپ جي تاريخ کي سامهون رکندي ٺاھيو آھي. هن جو چوڻ آھي ته معاشري ۾ قومي شعور جي ارتقا اڻ برابري طور ٿئي ٿي ۽ ان ۾ ڪجهه علائقا ۽ پارٽيون وڌيڪ باشعور ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪجهه ھوريان انهن جو ساٿ ڏين ٿيون. قومي شعور حاصل ڪرڻ وارن ۾ طبقن ۾ هاري مزدور ۽ ملازم شامل ٿين ٿا. اهي سڀ کانپوءِ اچن ٿا. مثلاََ يورپ ۾ اڻويهين صدي ۾ جيڪو قومي شعور اڀرڻ شروع ٿيو، ان جا ٽي مرحلا هئا. پهريون مرحلو نج ثقافتي ادبي ۽ لوڪ ورثي تي مبني هو، ان ۾ ڪي قومي يا سياسي مفاد شامل نه هئا. ٻئي مرحلي ۾ سياست داخل ٿئي ٿي ۽ پرتشدد قومپرست وجود ۾ اچن ٿا. ۽ ٽئين دور ۾ عوام جي حمايت ڪئي وڃي ٿي.
هابس بام انهن عنصرن جي نشاندهي ڪئي آھي جن قوم جي تعمير ۽ جوڙجڪ ۾ مدد ڏني. مثلاََ جرمن ۽ فرانسيسين ٻولي جي بنياد تي قومي نظريي کي فروغ ڏنو ۽ بنيادي طور تي هن اصول کي صحيح تسليم ڪيو ته جيڪڏھن قومي نظريي جي بنياد تي مختلف پارٽيون متحد ٿين ٿيون ته اهو جائز آھي. ليڪن جيڪڏھن اهو متحد ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي ورهائي ٿو ته ان صورت ۾ اهو ناجائز آھي. ان ڪري قومي تحريڪن جو مقصد اتحاد هئڻ گهرجي. ان ڪري اڻويهين صدي ۾ قومي تحريڪ جو مقصد هئو ته ڪيترين ئي ٻولين، نسلن ۽ قوميتن کي گڏ ڪجي. ڇو ته اسٽورٽ مل جي بقول ننڍيون قوميتون جيڪڏھن وڏين قوميتن ۾ ضم ٿي وينديون ته اهي ان صورت ۾ ڪجهه حاصل ڪري سگهنديون. اهائي ڳالھه جرمن مصنف لسٽ چئي ته جنهن قوم ۾ گهڻي آبادي هجي ۽ جيڪا وسيع ذريعن جي مالڪ هجي ته اها ترقي ڪندي. ليڪن جنهن قوم جي آبادي گهٽ ھوندي ۽ جنهن جو علائقو محدود هوندو ۽ ان جي الڳ ٻولي هوندي ته اها قوم تنگ، محدود ۽ مفلوج قسم جي ادب، آرٽ ۽ ادارن کي پيدا ڪندي.
ان ڪري اڻويهين صدي جي يورپ ۾ قومپرستي کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو ته ان جي ذريعي ڪيترين ٻولين ڳالهائڻ وارا نسلي، مذھبي گروهن ۽ مختلف قوميتن کي هڪ ڪري انهن کي هڪ بڻايو وڃي.
ڪنهن هڪ قوم جون ڪهڙيون خاصيتون ٿين ٿيون، ان تي روشني وجهندي، هابس بام ان جي ٽن پهلوئن جي نشاندهي ڪئي آھي. پهرين ڪنهن رياست سان تاريخي وابستگي اها وابستگي ڊگهي به ٿي سگهي ٿي ۽ گهٽ عرصي جي به. ٻيو هڪ تعليم يافته ۽ ثقافتي طبقي جي موجودگي ۽ تحريري ادب جو هئڻ. ٽيون ان ۾ ان اهليت جو هئڻ ته اها مختلف پارٽين کي متحد ڪري سگهي .
قومن جي جوڙجڪ ۾ ھڪ وڏو عنصر ٻولي رهيو آھي. ان متعلق هابس بام جو چوڻ آھي ته جن ٻولين تي قوميت جي تعمير ٿيندي آھي، اهي نقلي ۽ مصنوعي ٿين ٿيون. ڇاڪاڻ ته ٿيندو ائين آھي ته جيڪا ٻولي ڳالهائي ويندي آھي ان جي لمحن مان هڪ کي چونڊيو ويندو آھي ۽ ان کي ثقافت ۽ معاشري جي ذھن کي بنائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. اها ٻولي سدائين حڪمران طبقن ۽ تعليم يافتا طبقي جي مفادن کي فروغ ڏيندي آھي. اهي ٻولي کي معياري بنائين ٿا ۽ ان طرح عوام ۾ فرق کي قائم رکن ٿا، جيئن ته 1789ع ۾ فرانس ۾ پنجاهه سيڪڙو آبادي فرانسيسي نه ڳالهائيندي هئي ۽ جڏھن اٽلي جو اتحاد ٿيو ته ان وقت اڍائي سيڪڙو ماڻھو اطالوي ٻولي کي روزمره جي استعمال جي لاءِ ڳالهائيندا هئا ۽ ستم ظريفي اها هئي ته اها ننڍڙي اقليت پاڻ کي “اطالوي عوام“ چوندي هئي. ماڻھو هڪ ٻولي ڳالهائڻ تي اصرار ڪندا هئا. ثقافتي طور تي پٺتي پئجي ويا. يورپ جي ننڍن ننڍن ملڪن ۾ جيئن بيلجيم، هالينڊ ۽ اسڪنڊينيويا جا ٻيا ملڪ آھن اهي مادري ٻولين سان گڏ، ٻيون بين الاقوامي ٻوليون سکن ٿا جنهن جي ڪري انهن جو رابطو وسيع ثقافت سان ٿي وڃي ٿو.
پهرين عالمي جنگ جي نتيجي ۾ به 2 اهڙيون وڏيون سلطنتون ختم ٿيون جيڪي بين الاقوامي هيون يعني هنسبرگ ۽ عثمانيا. انهن جي ٽٽڻ سان جيڪي رياستون وجود ۾ آيون اهي قومي هيون. اهي سائيز ۾ ننڍيون هيون ۽ انهن مان اڪثر اها ڪوشش ڪئي ته هڪ قوم جي جوڙجڪ جي لاءِ اهڙن گروپن کي جن جو انهن سان نسلي تعلق نه هو انهن کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. جيتوڻيڪ ترڪي آرمينين ۽ يونانين کي ڪڍيو ته پولينڊ ۽ چيڪوسلواڪيا جرمنن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙن سمورن گروپن کي جيڪي اتحاد ۾رڪاوٽ آھن انهن کي بلڪل ختم ئي ڪري ڇڏجي.
قومي رياستن جي استحصال ۾ ھڪ ٻيو اهم عنصر روسي انقلاب هو ۽ اتحادين ان انقلاب کي روڪڻ جي خاطر آمريڪا جي صدر ولسن جي اصول جو سهارو ورتو جنهن ۾ ھر قوم کي خودمختياري جو حق ڏنو ويو هو ۽ يورپ جي رياستن کي قوميت جي بنيادن تي مضبوط ڪيو ويو ته جيئن روسي انقلاب جي بين الاقواميت کي روڪيو وڃي ۽ ان جي نتيجي ۾ جرمني ۽ اٽلي ۾ پرتشدد قومپرستي اڀري.
ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ايشيا ۽ آفريڪا ۾ بيٺڪيتي نظام جي خاتمي، انقلابن ۽ عالمي طاقتن جي دخل اندازي جي ڪري نيون قومي رياستون وجود ۾ آيون. مگر انهن جي خاصيت پهرين عالمي جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل رياستن کان الڳ هئي، ڇو ته انهن جون سرحدون ۽ قومن جي ورهاست بيٺڪيتي نظام پنهنجي مرضي سان ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ قومون، نسلي، لساني ۽ سماجي طور ورهايل هيون ۽ ان ڪري انهن رياستن ۾ ھڪ قوم جي جوڙجڪ مشڪل ٿي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *