تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ڇا موهن جي دڙي جو نالو ميلُوها هو؟……عزيز ڪنگراڻي

ميلوها ڪٿي هو؟ انهي سوال تي تاريخدانن، محققن ۽ ماهرن وڏا بحث ڪيا آهن. ماهرن جو سميري ۽ ميسوپوٽيميا جي تهذيبن ۽ انهن جي لکتن ۾ ملندڙ ميلوها سان واپاري لاڳاپن جي ذڪر جي روشني ۾ بحث ٿيل ۽ راءِ قائم ڪيل آهي پر ڪوبه ڪا حتمي راءِ قائم ڪري نه سگهيو آهي. ان مونجهاري جو اهم ڪارڻ لفظ هند ۽ سنڌ ئي لڳي ٿو. ماهر ميلوها جي محل وقوع بابت مغالطي جو شڪار نظر اچن ٿا. سميري لکتن ۾ ڄاڻايل آهي ته ميلوها سنڌ جي علائقي ۾ هو، جنهن جي وچ ۾ بحرين جو ڊلمن ماڳ ۽ مڪران هئا. ميسوپوٽيميا جي لکتن ۾ ميلوها وري هند ۾ ڄاڻايل آهي پر ميسوپوٽيميا لکتن ۾ جيڪو تذڪرو آهي، سو يقيني طور موهن جي دڙي ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو.
ميگا ايئر (سال) بوڪ 2019ع جي صفحي جي-2 تي لکيل آهي ته “سميري لکتن ۾ آهي ته ميلوها سنڌ جي علائقي ۾ هو ۽ ان سان سميرين جي واپار جو ذڪر ڪيل آهي جنهن جي وچ ۾ ٻه ماڳ ڊلمن (بحرين) ۽ ساحلي ماڳ مڪران (هاڻ بلوچستان ۾) هئا.
مارشل گيوينڊش جي 2006ع ۾ ڇپيل ڪتاب “دي ورلڊ اينڊ اٽس پِيپل” ۾ صفحي 312 تي بيان ڪيل آهي ته “ميسوپوٽيميا جون لکتون ميلوها ۽ مڪران سان واپار جي ڪٿا بيان ڪن ٿيون جيڪي هند (سنڌ) ۾ هئا. ميلوها شهر يا ماڳ هڙاپا يا موهن جو دڙو ٿي سگهن ٿا. ميسوپوٽيميا جون لکتون وڌيڪ ٻڌائين ٿيون ته ميلوها هڪ تهذيب يا ثقافت جو نالو هو جنهن ۾ پاڻي ۽ وهنجڻ خانا ضروري هئا يا وهنجڻ خانا جام هئا. اتي وڏو مرڪزي تلاءُ(Pool) هو ۽ هر گهر ۾ وهنجڻ خانو هو. موهن جي دڙي جي کوٽائي ظاهر ڪري ٿي ته ان مان به مرڪزي تلاءُ مليو آهي ۽ هر گهر سان گڏ وهنجڻ خانو آهي. هيءُ ڳالهه موهن جي دڙي کي ميلوها ظاهر ڪري ٿي پر اهو حوالو ڪافي ناهي.“
احمد حسن داني پنهنجي ڪتاب“ هسٽري آف پاڪستان ٿرو ايجز” جي صفحي 22 تي لکي ٿو ته “يقيني طور ميلوها ملاح يا مهاڻو آهي” جيڪي سامونڊي يا درياهي ماڻهو آهن. داني صاحب ميلوها جي حوالي سان ملاح يا مهاڻي جو ذڪر ڪري ٿو سو قياس قرين آهي ڇو ته ملاح يا مهاڻو سنڌ جو اصل ۽ قديم ٻيڙا هلائيندڙ ۽ وڻجارو قبيلو آهي. انهن جا ٻيڙا وڻج واپار جي سلسلي ۾ قديم زماني کان پرڏيهه تائين مصروف رهيا پر هتي ڪنهن شخص يا قبيلي جو نه پر ماڳ ميلوها جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته انهيءَ ماڳ جو تڏهن نالو ملاح يا مهاڻي جي نسبت سان ملاحو، ملاحين يا مهاڻين يا مهاڻائو هجي. موهن جو دڙو کي مهين جو دڙو به سڏجي ٿو. ملاح، مهاڻي يا مهين جا آچار به ٿوري گهڻي ڦير گهير سان هڪٻئي جي قريب آهن. سميري ۽ ميسوپوٽيميا تهذيب وارن پنهنجي لب لهجي ۽ اچارن جي نسبت ميلوها (Meluha) اچاريو هجي.
ڪن محققن ته ميلوها جي حوالي سان ڪوٽڏيجي جي قديم ترين بستي کي به بحث هيٺ آندو آهي. آسڪو پارپولا به پنهنجي ڪتاب “دي روٽس آف هندوازم” ۾ ميلوها بابت اڻ چٽو بحث ڪيو آهي. بهرحال، هن وقت موهن جي دڙي جو نالو ميلوها رکي نه ٿو سگهجي ڇو ته ڪو خاطر خواهه حوالو به نه آهي ٻيو ته دنيا ۾ سنڌو تهذيب جي وڌيڪ سڃاڻپ موهن جي دڙي جي نالي سان ئي آهي پر ميلوها نالو موهن جي دڙي مان مليل تهذيب ۽ تمدن ڏانهن ئي اشارو آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

One Response to ڇا موهن جي دڙي جو نالو ميلُوها هو؟……عزيز ڪنگراڻي

  1. عبدالوهاب سهتو صاحب توهان ميلوها جي پسمنظر ۾ لکيل ناول جي وڪيپيڊيا واري لنڪ ڏني آهي. مهرباني ڪري اوهان گوگل بوڪس ۾ وڃي انگريزي ۾” ميلوها موهن جو دڙو“ يا” ميلوها سنڌ“ ڳوليو ته مواد ملي ويندو. مطلب ڪتاب ملندا جن ۾ ميلوها ( Meluha) ججهو مواد ملي ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *