تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 67 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، 20 کان وڌيڪ ٻاڙن ۽ عورتن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو*لاڙڪاڻي ۾ ڪتن ٻن ٻارڙن سميت 4 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، متاثرن ۾ 6 ورهين جي خوشبو شيخ، 13 سالن جو ناصر، 50 سالن جو اختيار ۽ ٻيا شامل*موري ۾ راند ڪندڙ نينگر کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي نينگر کي سندس والد کڻي اسپتال پهتو جتي وئڪسين نه ملڻ ڪري واپس گهر روانو ٿي ويو*

ڇا مان سمورو سچ لکي سگهان ٿي.؟ ……شاعره: تانيه ھونگيز (آمريڪا) سنڌيڪار: حامد گبول

هدايتڪارن هدايت ڪئي
گهر وڃ ۽ ھڪ صفحو لک
۽ جيڪو لکين
اهو تنهنجي اندر جو آواز هجي
اها تون آھين
تڏھن ان ليک ۾ سچائي هوندي
مان حيران آھيان
ڇا سچ لکڻ ايترو سولو آھي؟
ڇا منهنجو سمورو سچ
منهنجو هدايتڪار برداشت ڪري سگهندو؟
منهنجي اندر پنهنجي تاريخ جا ڪارا صفحا رقم آھن
مان پنهنجو سمورو سچ لکڻ چاهيان ٿي.
لکي سگهان ٿي
پر
سچ ته اهو آھي ھو
مون کي سچ لکڻ جي هدايت ڪري
منهنجو ڪوڙ لکڻ پسند ڪري ٿو
مان تنهنجي ڪاري ھدايت تي
اڇو ڪوڙ لکي رھي آھيان
مونکي امتحان پاس ڪرڻو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *