تازا ترين
  • *نواب شاهه: صحافي عزيز ميمڻ جو قتل ڪيس ڪئميرامين اويس قريشي سوڌو 5 جوابدارن خلاف داخل*
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

ڇا فيس بڪ کي ٽڪ ٽاڪ مان خطرو آهي؟

هي گهٽ وقت ۾ وڊيو شيئر ڪرڻ واري چيني ڪمپني آهي، جيڪڏهن توهان جي عمر 30 سالن کان مٿي آهي ته ٿي سگهي ٿو توهان ان جو نالو نه ٻڌو هجي. هڪ جائزي مطابق ٽڪ ٽاڪ فيس بڪ لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي. ٽڪ ٽاڪ بابت 2 اهم ڳالهيون هي آهن ته هڪ ته اها حيران ڪندڙ انداز ۾ پئسو ڪمائي رهي آهي، ٻي ڳالهه ته فيس بڪ جو مالڪ مارڪ زڪربرگ ٽڪ ٽاڪ کي سڀ کان وڏو حريف سمجهي ٿو. هڪ خابرو اداري مطابق ٽڪ ٽاڪ جي مالڪ ڪمپني بائٽ ڊانس هن سال جي شروعاتي 6 مهينن ۾ 7 کان ساڍا 7 ارب ڊالر منافعو ڪمايو. جڏهن ٻيون ٽيڪنالاجيءَ جون ڪمپنيون هن وقت پريشان ڪندڙ صورتحال مان گذري رهيون آهي ته ان وقت ڪنهن ڪمپني پاران ايترو منافعو ڪمائڻ حيران ڪندڙ ڳالهه آهي. مارڪ زڪربرگ به ان ڳالهه سان متفق نظر اچي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته “چين جي وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپني جي هي پهرين ڪنزيومر انٽرنيٽ پراڊڪٽ آهي، جيڪا پوري دنيا ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي، هاڻ ان آمريڪا ۾ خاص ڪري نوجوانن ۾ ڪامياب ٿيڻ شروع ڪيو آهي. منهنجي خيال ۾ انڊيا ۾ ان انسٽاگرام کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي”.
ٽڪ ٽاڪ نوجوانن ۾ مقبول ڇو آهي؟
موبائل اپليڪيشنز جي ڊائون لوڊنگ بابت تحقيق ڪندڙ ڪمپني “ايپ ايني” به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي. محقق ڪار پال بارنس جو چوڻ آهي ته موبائل صارفين رڳو آگسٽ مهيني ۾ ٽڪ ٽاڪ تي 1.1 ارب ڪلاڪ گذاريا، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 400 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه ٻين سماجي رابطن وارين ڪمپنين لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي. پر ٽڪ ٽاڪ جي ايتري تيزي سان وڌندڙ استعمال بابت ڪجهه ڳڻتي جو به اظهار ڪيو ويو آهي. هن ئي سال برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي جي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ٽڪ ٽاڪ پنهنجي اهڙن بالغ صارفين جا اڪائونٽ بند ڪرڻ ۾ ناڪام وئي، جيڪي ٻارن کي جنسي پيغام اماڻيندا هئا. ٻئي طرف ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته صارفين کي محفوظ ۽ مثبت ماحول فراهم ڪرڻ ان جي سڀ کان وڏي ترجيح آهي. هوڏانهن اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته چيني ڪمپني هئڻ ڪري ٽڪ ٽاڪ اهڙن موضوعن کي سينسر ڪري ٿي، جيڪي چين لاءِ حساس آهن. برطانوي اخبار گارڊين تازو انڪشاف ڪيو آهي ته ڪمپني کي مواد سينسر ڪرڻ بابت باقاعده هدايتون ڏنيون وينديون آهن.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *