تازا ترين
  • *ڊگهڙي ويجهو ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: موٽرسائيڪل تي سوار نوجوان منگل پٽ پارو ڀيل، شريمتي هستو ڀيل، سندس ٻن سالن جي نياڻي منگلي ۽ نينگر دليپ فوت *
  • *ورڪشاپ کان حيدرآباد ويندي گم ٿي ويل نوجوان جي اغوا جي تصديق، عورتاڻي آواز تي هرجکي اغوا ٿيڻ جا چوٻول * ورڪشاپ: نوجوان مختيار شر جو پيءُ راجا خان شر کي فون، اغوا ٿيڻ جي تصديق * ورڪشاپ: پٽ فون ڪري ٻڌايو ته ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي: راجا خان *
  • *ڪريم بخش کوسو واسي بون ميرو جي مرض ۾ مبتلا 13 سالن جو نينگر امتياز بروهي پٽ جاني بروهي سبب فوت *
  • *قاضي احمد ويجهو ڪچي جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو سن ۾ جرڳو، 2 خون ثابت ٿيڻ بعد ڌرين تي 60 لک رپيا ڏنڊ * قاضي احمد: ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنچي ۾ جرڳو ٿيو، جلال محمود شاهه به شريڪ * قاضي احمد: لاکا ڌر تي اڳرائي جو 10لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، تڪراري زميني ڇڇر واري ڌر حوالي *
  • لکي غلام شاهه ويجهو هٿياربندن هٿان ڳوٺاڻو قربان ڪلوڙ اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
  • *شھدادڪوٽ: ٻن موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر: 2 نوجوان ڳوٺ غلام قادر کوسو جو رھواسي صدام حسين کوسو ۽ ڳوٺ ميران خان مگسي جو رھواسي پيربخش مگسي فوت ٿي ويا، نينگري بختاور زخمي*
  • *ڪراچي: قاضي عبدالڪبير سڀاڻي رٽائر ٿيندو، عثمان چاچڙ گهرو سيڪريٽري جي چارج سنڀاليندو*
  • *فريدآباد واسي 22 ورھين جو نوجوان پورهيت قاسم شاهه پٽ حسين شاهه موٽرسائيڪل هلائيندي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر کڏ ۾ ڪري پوڻ ڪري ڊرائيور ڄام سولنگي هيٺان اچي فوت ٿي ويو*
  • *غوثپور لڳ ٽريڪٽر ٽرالي 9 ورھين جي نينگري اوبيعه ڌيءُ محمد علي اوڳاهي کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو*
  • *حيدرآباد: ميرپورخاص ۾ هاءِ ڪورٽ جي بينچ قائم ڪئي وڃي: درخواست تي چيف سيڪريٽري سنڌ سميت لاڳاپيل ڌرين کان 4 ڊسمبر تائين جواب * حيدرآباد: ڏورانهن وارن ضلعن جي ماڻهن کي ٻڌڻين لاءِ هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد اچڻو پوي ٿو: درخواستگذار * حيدرآباد: مان پاڻ صبح 5 وڳي ميرپورخاص مان نڪرندو آهيان، واپس ويندي شام ٿي ويندي آهي: وڪيل *
  • * تلهار ويجهو خوفناڪ حادثو: هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي فوت * تلهار: ڪار رڪشا کي بچائيندي کاهي ۾ ڪري پئي، فوتي ڀاتين ۾ 2 ٻاررڙيون، 3 عورتون ۽ هڪ نوجوان شامل * تلهار: فوتين مان هڪ عورت ۽ تازي ڄاول ٻارڙِي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، ٻين فوتين جي سڃاڻپ تازي ڄاول ٻارڙي جي ماءُ مسمات ميران چانڊيو، مسمات شهناز، سندس معصوم 10 سالن جي ڌيءُ مائزه، نوجوان عبدالستار چانڊيو جي نالن سان ٿي *
  • *بدين ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو: 3 معصوم ٻار سڙي فوت * بدين :ڳوٺ مامون نوحاڻي ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ تباهي مچائي ڇڏي، ڪکاوان گهر سڙي رک، 3 معصومڙا ۾ هڪ سال جو پوَن پٽ هرچند ڪولهي، ٻن سالن جي ريشما ڌيءُ نانجي ڪولهي ۽ ڌرمي ڌيءُ ڪاجو ڪولهي به اجل جو شڪار *
  • *جيڪب آباد ۾ اجتماعي لڄالٽ جو شڪار نينگري ۽ سندس ڌيءُ جي ڪيس پوليس کي مُنجهائي ڇڏيو: ٻارڙي جي ڊي اين اي رپورٽ اچڻ جو انتظار * جيڪب آباد :ڪيس ۾ 2 اڻڄاتل جوابدارن مان به ڪنهن هڪ سان ڊي اين اي ميچ ٿيو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ پوليس لاءِ ڪيس جا قانوني پاسا به چئلينج بڻيل: ذريعا * جيڪب آباد :ڪيس کي گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون، هفتي اندر ڊي اين اي رپورٽ اچي ويندي، اُن کانپوءِ ئي جاچ جو رُخ طئه ڪنداسين: ايس ايس پي جيڪب آباد *
  • اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيارحڪومت کي آهي: نيب جو جواب*نيب طرفان وفاقي گهرو وزات ڏانهن جواب موڪليو ويو (ذريعا) اڳوڻي وزيراعظم لاءِ ايئر ايمبولينس جو انتظام ڪيو ويو*

ڇا رابي پيرزادا وارو معاملو هڪ سازش آهي؟…..علي وقاص سنديلو

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستاني ڳائڻي ۽ اداڪارا رابي پيرزاده جون ذاتي وڊيوز ۽ تصويرون ليڪ ٿيون هيون، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچي ويو. رابي پيرزاده پريشاني ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار پڻ رهي. ايستائين جو هن جو چوڻ هو ته هوءَ ايتري مايوس آهي جو مرڻ چاهي ٿي. سندس چوڻ هو ته هاڻي مونکي اندازو ٿيو آهي ته جنسي زيادتي کانپوءِ ڇوڪريون آپگهات ڇو ڪن ٿيو، هي سماج مونکي به مارڻ چاهي ٿو.
رابي پيرزادا #Saveasoul هيش ٽيگ سان هڪ ٽوئيٽ به ڪيو هو ته “جيڪو بندو دنيا ۾ ڪنهن بندي جي پرده پوشي ڪندو، الله عزوجل قيامت جي ڏينهن ان جي پرده پوشي فرمائيندو”. جنهن تي اڪثر ماڻهن ساڻس همدردي جو اظهار ڪيو ۽ حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاح ڏني. گهڻن کيس ميڊيا ڇڏڻ جي به صلاح ڏني ۽ ڪن کيس ٻيهر تنقيد جو به نشانو بڻايو.
رابي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ شوبز ڇڏڻ جو اعلان ڪندي لکيو هو ته “مان شوبز ڇڏي رهي آهيان، الله منهنجي گناهن کي معاف ڪري ۽ منهنجي حق ۾ ماڻهن جي دل نرم ڪري”. پاڪستاني ڳائڻي ميشا شفيع ٽوئيٽر تي رابي پيرزاده جي حمايت ۾ وڊيوز ليڪ ٿيڻ جي مذمت ڪئي.
ان معاملي تي رابي پيرزاده ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ کي درخواست ڏني ته سندس تصويرون ۽ وڊيوز روڪڻ لاءِ اهڙين ويب سائيٽس ۽ اڪائونٽس کي بلاڪ ڪيو وڃي. جنهن پي ٽي اي کي ان ڏس ۾ خط لکيو به آهي ۽ سائبر ڪرائيم ونگ ڪيترن ئي جاين تان تصويرن ۽ وڊيوز کي هٽائي چڪو آهي ۽ ڪجهه اڪائونٽس بلاڪ به ڪرايا آهن.
رابي پيرزاده هن سموري معاملي کي سوچيل سمجهيل قرار ڏنو آهي. هن جو چوڻ آهي ته ڪشمير مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ سندس وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ڪيون ويون. رابي پيرزاده دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڀارت جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي فوج جي جارحيت خلاف آواز اٿاريو هو، ان ڪري کيس سازش تحت نشانو بڻايو ويو آهي. هن چيو ته سندس خلاف هي مهم گهڻو اڳ شروع ٿي، جڏهن هڪ ننڍي خبر پکيڙي وئي هئي ته فيڊرل بيورو آف روينيو هن کي نوٽيس موڪليو. جڏهن ته ايف بي آر کيس ڪو نوٽيس نه موڪليو هو. ان کانپوءِ مان لنڊن هيٿرو ايئرپورٽ کان سفر ڪري رهي هيس ته اتي موجود انتظاميا بنا ڪنهن سبب جي 4 ڪلاڪ منهنجي تلاشي ورتي ۽ چيو ته تون وٽ ڌماڪيدار مادو آهي. ان کانپوءِ مون کي وائلڊ لائيف (نانگن ۽ بلائن سان تصويرن) تي چالان موڪليو، جيتوڻيڪ، مان وائلڊ لائيف سان تصويرون 5 سالن کان پوسٽ ڪري رهي هيس.
ڳائڻي موجب انهن سڀني واقعن کانپوءِ جڏهن هن هڪ ٽوئيٽر پوسٽ لاءِ آپگهاتي جيڪيٽ پهري ته سازش ڪندڙ ٽولي کيس دنيا ۾ دهشتگرد طور مشهور ڪري ڇڏيو. جڏهن اهي ان ۾ به ڪامياب نه ٿيا ته هنن تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ڪرڻ جي خراب حرڪت ڪئي. هن دعويٰ ڪئي ته سازشي ٽولي سندس موبائيل ڊيٽا هيڪ ڪئي. شايد منهنجي اڳوڻي مئنيجر يا منهنجي ڪنهن ويجهي سڃاڻ واري کي خريد ڪيو ويو. رابي جي هاڻوڪي مئنيجر جو چوڻ آهي ته اڳوڻي مئنيجر ان واقعي کان اڳ نوڪري ڇڏي هلي وئي هئي، نه پنهنجي پگهار وٺڻ آئي، نه ئي رابطو ڪيو. سندس فون نمبر به ڊگهي وقت کان بند آهي.
رابي پيرزاده چيو آهي ته کيس ايف آءِ اي وٽان خبر پئي آهي ته ان سموري معاملي پٺيان طاقتور ماڻهن جو ٽولو آهي. رپورٽن موجب رابي چيو ته ڪابه شئي اهڙي ريت وائرل ناهي ٿيندي، اهي ان کي وائرل ڪرڻ لاءِ پئسا ڏئي رهيا آهن. هن الزام لڳايو ته سندس وڊيو وائرل ڪرڻ لاءِ 6 مختلف ملڪن ۾ پئسا ڏنا ويا جن مان رڳو دبئي ۾ 13 هزار درهم ڏنا ويا. ماڻهو ڏسي وٺن ته جڏهن کان منهنجي وڊيوز جو معاملو سامهون آيو آهي تڏهن کان ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ناهي ٿي. سندس چوڻ هو ته هوءَ واحد هئي جنهن ڪشمير جي حوالي سان ڳالهايو هو. هن مودي خلاف سڄي دنيا ۾ آواز اٿاريو. هاڻ ماڻهو مون کي غلط چئي رهيا آهن پر اهو نه پيا ڏسن ته گذريل 6 مهينن کان منهنجي زندگي جهنم بڻيل آهي. هڪ کانپوءِ ٻيو واقعو ٿي رهيو آهي، منهنجي خلاف محاذ کوليو ويو آهي. ڳائڻي موجب گرفتاري وارنٽ تائين سڀ برداشت ڪري رهي هيس پر ذاتي تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ڪرڻ واري حرڪت تي همت جواب ڏئي چڪي آهي.
واضح رهي ته رابي پيرزاده چيو هو ته مون آءِ فون ايڪس هڪ مقامي ڪمپني کان ورتو هو، جيڪو خراب ٿيڻ تي ان ڪمپني کي واپس ڪري نئون فون حاصل ڪيو. هن خدشو ظاهر ڪيو هو ته شايد پراڻي فون ۾ موجود ڊيٽا چوري ڪري وائرل ڪئي وئي آهي.
رابي پيرزاده جي مئنيجر ساريا جو چوڻ آهي ته رابي شايد جلد ئي صوفي ازم ڏانهن ويندي پر في الحال هو ذهني طور تي ايتري پريشان آهي جو سندس مستقبل بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *