تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ڇا دولهه دريا خان جي مزار مڪليءَ ۾ آهي؟ … عزيز ڪنگراڻي

دولھه دريا خان سنڌ جي سمن سلطانن جي دور ۾ ڄام نظام الدين عرف عام ڄام نندي جي پوئين دور جو اهم سپهه سالار، اهم منصب تي فائز ۽ محب وطن تاريخي ڪردار آهي جنهن سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ ارغوني وار ۽ يلغار کي منهن ڏيندي ڄام نندي جي چوڻ تي کوٽايل (موجوده وقت ۾ ٺٽي ۾) خان واھه ڀرسان لڙندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. شاھه بيگ ارغون سبي کان ڪاهيندو، علائقا تاراج ڪندو، باغبان ۾ قتل عام ڪندو، ڳوٺ ڳاها (جوهي لڳ) جو رت منڇر ۾ وهائيندو ٽلٽي ڏانهن وڌيو جتي درياھه خان جي پٽن محمود ۽ مٺڻ سان گڏ راڻي رڻمل ۽ ٻين سوڍن، سهتن سپھه سالارن ٽلٽي قلعي ۾ شورش پرپا ڪيو ۽ شايد سيوهڻ قلعي ۾ به اول مزاحمت سبب اتان کان ٽارو ڪندو جابلو علائقي (موجوده ڪوهستان) منجهان ٿيندو ٺٽي نگر تي ڪڙڪيو هو. ۽ دولھه دريا خان دليري سان لڙندي ساھه ڏئي ويساھه وتو.
ٺٽي فتح ٿيڻ کان پوءِ شاھه بيگ ارغون سيوهڻ قلعي کي آساني سان فتح ڪيو جنهن ۾ سندس سهڪاري قاضي قاضن هو. ٽلٽي جي قلعي ۾ دولھه جي پٽن مقابلي جا سانباها ڪيا ۽ باغبان ۾ محب وطن عالم شهيد مخدوم بلاول ارغوني يلغار خلاف مزاحمت جو جهنڊو بلند ڪيو. قاضي قاضن دريا خان جي پٽن کي روڪڻ ٽلٽي ويو هو ته ٽلٽي جي گهٽين ۾ سندس خلاف نعرا لڳا هئا. شاھه بيگ ارغون سيوهڻ قلعي کان ٽلٽي تي يزيدي حملو ڪيو هو ۽ ٽلٽي رت ۾ ٻڏي وئي هئي. مخدوم بلاول به شهيد ڪيو ويو هو ته باغبان (موجوده مخدوم بلاول) به رت جون الٽيون ڪيون هيون. سنڌ ارغونن جي ور چڙهي تقسيم ٿي وئي.هڪ عجيب بيان تاريخن ورجايو آهي ته شاھه بيگ ارغون کي مدينه ماڇياڻي سنڌ تي ڪاھه ڪرڻ لاءِ هرات، افغانستان وئي هئي؟! نه سمجھه ۾ ايندڙ غير منطقي جواز درج ڪيو ويو آهي. مورخن ان ڳالھه تي خبر ناهي ڇو پردو وڌو آهي ته مهدوي تحريڪ جو باني ميران محمد جونپوري شاھه بيگ جو مرشد هو جنهن جي مزار اڄ به فرح شهر افغانستان ۾ آهي. جونپوري ڄام نظام الدين ۽ مخدوم بلاول هٿان سنڌ ۾ رسوا ٿيو هو. شاھه بيگ ارغون جي سنڌ تي ڪاھه جا ٻيا ڪارڻ به آهن پر اهو ڪارڻ ڪنهن به تاريخ نه ڄاڻايو آهي ته جونپوري ۽ سنڌ ۾ سندس حامين جي چوڻ تي شاھه بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو!! ڳڙو وڃي مدينه ماڇياڻي تي ڪريو؟! سا به ڪهڙي خاطري آهي ته مدينه ماڇياڻي ڄام نندي جي گهر واري هئي؟ يا ڪنهن سان گڏجي قنڌار وئي هئي؟! بھرحال اسان جو هت دولهھ دريا خان جي مدفن کي تلاش ڪرڻ موضوع آهي جنهن کي آڳاٽين تاريخن جي حوالن کي پوئين تاريخن پنهنجي رنگ ڍنگ ۾ پيش ڪيو جنهن ڪري سوال اڀري ٿو ته ڇا دولهھ دريا خان واقعي مڪلي ۾ دفن آهي؟ مڪلي ۾ جنهن مزار تي اردو ۾ بورڊ هنيو ويو آهي ته”ڄام مبارڪ خان عرف دولهھ دريا خان (895ھ-1490ع)” يا سنڌي ۾ بورڊ آهي ته”مبارڪ خان (دولهھ دريا خان) جو مقبرو 895ھ – 1490ع، 1521ع”. ڇا واقعي اهو مقبرو دولهھ دريا خان جو مقبرو آهي؟ جي ها ته پوءِ ڪجھه اهم سوال جوابن جي تلاش ۾ هميشه رهندا.
جڏهن دولھه دريا خان پنهنجي وطن جي دفاع ۾ لڙندي ارغونن هٿان شهيد ٿيو هو ته ڇا ارغون پنهنجي دشمن جو اهڙي شايانه شان انداز سان مقبرو ٺهرائي کيس دفن ڪري سگهيا پئي؟ مزار جي ڪتبن ۾ مبارڪ خان جي پاران تعمير يا بنياد جي حڪم جو سن 895ھ جماد الاول بمطاق 1489ع /1490ع آهي. ڇا دولھه دريا خان ان سن کان اڳ ڄام نندي وٽ آيو هو؟ جي ها ته ڪڏهن؟ ڇا دولھه دريا خان 30 يا31 سال اڳ مقبري ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو هو يا بنياد رکرايو؟ يا اهو سندس پيدائش جو سن آهي؟ جي اهو سندس پيدائش جو سن ناهي ته سندس پيدائش جو سن ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ ڇا ارغون سندس خواهش يا وصيت موجب سندس ئي جوڙايل مقبري جي چوديواري ۾ کيس دفن ڪري سگهيا پئي؟ ڇا مزار جا ڪتبا پهريان لڳايا ويا هئا يا 1521ع ۾ سندس شهادت وقت لڳايا ويا؟ سندس شهادت کان پوءِ لڳايا ويا ته ڪتبي ۾ ڪٿي به 1521ع يا هجري جو سن ڇو نه لڳل آهي؟ يا ڪتبي ۾ ڪٿي به دولهھ يا دريا خان لکيل ڇو ناهي؟ هڪ هنڌ ڪاتب قطب الدين بن محمود احمد بن دريا خان آهي سو دريا خان ڪاتب جو ڏاڏو لڳي ٿو پر مڪلي نامي ۾ شڪ ظاهر ڪيل آهي ته دريا خان جو پٽ احمد به هو جيڪو مونکي درست نه ٿو لڳي. تاريخن ۾ دولھه دريا خان کي وزير اعظم لکيو ويو آهي. ڇا ڪنهن به تاريخ دولهھ دريا خان کي خان الاعظم لکيو آهي؟
آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، بمبئي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان 1921ع ۾ ڇپايل ڪتاب”آرڪيالاجي پراگريس رپورٽ” جي صفحي 59 تي لکيل آهي ته”جيئن ته خان الاعظم مبارڪ خان 895ھه بمطاق 1489ع (1490ع) ۾ مغلن (ارغونن) سان وڙهندي شهيد ٿيو هو. هي اهم ٿاريخ ڄام نظام الدين جي پوئين دور ۾ ضرور هئڻ گهرجي ۽ تنهنڪري ڄام نظام الدين جي تخت نشيني واري تاريخ بابت مرزا قليچ بيگ جي “سنڌ جي تاريخ” ۾ نقل ٿيل “تاريخ معصومي” جو بيان درست نه آهي. هن بيان موجب ڄام سنجر 895 ھه ۾ وفات ڪئي ۽ ساڳي سال ربيع الاول جي 25 تاريخ تي ڄام نظام الدين سنڌ ۾ تخت نشين ٿيو. ” هاڻ سوال پيدا ٿو ٿئي ته مڪلي ۾ دفن ٿيل خان الاعظم دولھه دريا خان آهي ته هيءَ قنڌارين سان لڙندي خان الاعظم مبارڪ خان 895ھ بمطاق 1489ع /1490ع ۾ شهيد ٿيندڙ ڪير آهي؟ جڏهن ته ڪتبن ۾ به خان الاعظم ميان مبارڪ خان يا مبارڪ خان ۽ سن به 895ھ بمطاق 1489ع /1490ع لکيل آهي؟ هن مان صاف ظاهر لڳي ٿو ته هيءَ الڳ جرنيل آهي جنهن 1487ع/1485ع ۾ شاھه بيگ ارغون جي ڀاءُ سان جنگ ڪئي. ان جنگ ۾ ۾ دريا خان نه پر ڄام مبارڪ فتح حاصل ڪئي جنهن ۾ شاھه بيگ ارغون جو ڀاءُ محمود/محمد قتل ٿيو ۽ 1489ع /1490ع ۾ ارغونن يا ترخانن سان لڙندي شهيد ٿيو.
ايم ايڇ صديقي پنهنجي پي اي ڊي مقالي” ارغونن ترخانن جي تاريخ” ۾ به بحث ڪيو آهي ته دولهھ دريا خان ۽ مبارڪ خان ٻه الڳ شخص آهن. هي مقالو 1972ع ۾ سنڌالاجي پاران شايع ٿيل آهي. ايم ايڇ صديقي جي راءِ کي ڊاڪٽر لاکي پنهنجي ڪتاب”سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو” ۾ رد ڪرڻ جي نهايت ڪمزور ڪوشش ڪئي آهي. اسين هڪ نظر مڪلي واري دولهھ دريا خان جي ڄاڻايل مزار جي ڪتبن تي به وجهون ته جيئن هن معمي تي غور ڪري سمجهي سگهون.
ڪتبا: مبارڪ خان جي مزار جي تعمير وارو ڪتبو: هٰذا المقام في زمان خان الاعظم ميان مبارک خان بن سلطان نظام الدين شاهه سخي حبيب الله. آغاز بنياد من جمادي الاول سنه خمس وتسعين وثمان مائة.
ترجمو: ھيءُ مقبرو خان اعظم ميان مبارڪ خان پٽ سلطان نظام الدين شاھه ، سخي جي دوست (حبيب الله) جي دور ۾ تعمير ڪيو ويو۔ ھن جي تعمير جي شروعات جمادی الاول سن 895 ھ ۾ ڪئي وئي ( ھن جو بنياد جمادی الاول سن 895 ھه ۾ رکيو)
ڪاتب:کتبه قطب الدين بن محمود – احمد بن دريا خان غفر الله
ترجمو: هي ڪتبو قطب الدين پٽ محمود احمد پٽ دريا خان لکيو آهي ۔الله تعالي سندس مغفرت فرمائي
ڏکڻ واري دروازي جي ٻاهران پيشانيءَ تي ڪتبو: قال النبي ﷺ اذتحيرتم في الامور والستعينو من اهل القبور صدق يارسول الله. هذا المقام بامر خان الاعظم مبارڪ خان بن سلطان نظام الدين شاهه بن صدرالدين شاهه بن صلاح الدين شاهه بن سلطان رکن الدين شاهه. وهو المظفر علي مغلان الهري والقندهار.
ترجمو: نبي اڪرم صلي الله عليحه وسلم جن فرمايو: ”جڏھن توھان ديناوي مامرن ۾ حيران ۽ پريشان ٿي وڃو ته پوءِ الله وارن جي مزارن ذريعي مدد حاصل ڪريو. اي الله جا رسول تو سچ فريمايو آهي. ھيءُ مزار (مقبرو، روضو) تعمير ڪئي وئي آهي بحڪم خان الاعظم مبارڪ خان پٽ سلطان نظام الدين شاھ پٽ صدر الدين شاھه پٽ صلاح الدين شاھه پٽ سلطان رڪن الدين شاھه
هي اها شخصيت آهي جنهن (هرات) ۽ قنڌار جي مغل بادشاھن تي فتح حاصل ڪئي هئي۔
مبارڪ خان جي مزار جي سيراندي وارو ڪتبو: يا ﷲهذا مرقد المعطرللخان الاعظم شهيد مبارکٻن سلطان نظام الدين.
ترجمو: هيءَ سُرهي مزارخان الاعظم شهيد مبارڪ خان بن سلطان نظام الدين جي آهي.
هاڻ چڱي ريت معلوم ٿي ويو ته ڪتبن ۾ ڪٿي به دولهھ دريا خان لکيل نه آهي. مبارڪ خان ئي لکيل آهي جيڪو ڄام نظام الدين جو پُٽ ڄاڻايل آهي. جيڪڏهن مڪليءَ جي قبرستان ۾ هيءُ مزار دولھه دريا خان جي آهي ته اسانکي ڄام مبارڪ خان جي مزار ڳولڻي پوندي. جيڪڏهن هيءُ مزار خان الاعظم مبارڪ خان جي آهي ۽ لڳي به ٿي ته اسان کي دولهھ دريا خان جي مزار ڳولڻي پوندي نه ته صدين تائين سوال جواب جي تلاش ۾ ڀٽڪندو ته ڇا واقعي دولھه دريا خان جي مزار مڪلي ۾ آهي؟ منهنجي خيال موجب شهيد دولهھ دريا خان يا ته مڪلي ۾ دفن ٿيل نه آهي يا آهي ته گمنام نموني دفن آهي. هن سورمي جي سامي يا مزار تلاش ڪرڻي پوندي ۽ خان الاعظم مبارڪ خان جي مزار کي سندس ئي مزار ڄاڻائڻو پوندو.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

One Response to ڇا دولهه دريا خان جي مزار مڪليءَ ۾ آهي؟ … عزيز ڪنگراڻي

  1. دليپ ڪُمار ڪوٺارِي says:

    عزيز ڪِنگراڻي صاحب پنهنجي گهڻ رُخي تحقيق جي وسيلي هن ليک ۾ سنڌُ جي تاريخ جي هڪ اِنتهائي اهم ۽ اَڻ حل ٿيل سوال طرف دليلن سان ڌيان ڇڪرايو آهن جن تي سنڌ جي ٻين حال حيات محقن کي ضرُور ڌيان ڌري قلم آزمائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن شهيد دُولهه دريا خان جي مدفن کي ڳولهڻ توڙي مُبارڪ خان ۽
    دولهه دريا خان جي شخصيتن جي جُدا جُدا هُئڻ وارو مُنجهيل سُٽ سُلجهائي سگهجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *