تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

ڇا توهان کي پنھنجي اولاد تي اعتماد آهي..؟؟ …..سنڌيڪار: حبيب مرکنڊ

اولاد جي لاءِ والدين کان وڌيڪ ڪوبه سٺو دوست نٿو ٿي سگهي انڪري ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي کي گھرجي ته هو پنھنجي اولاد تي ڀروسو ڪن ۽ انھيءَ سان گڏ دوستاڻي لاڳاپي کي به ترجيح ڏين ته جيئن ٻار پنھنجون وڏيون پريشانيون ۽ مسئلا کولي ڪري گھر ۾ ٻڌائي سگهي. ان سان صحت مند گھر جو بنياد اڳتي وڌندو آهي. جيڪڏهن توهان به جوان ٻار آهيو  يا خود توهان هڪ نوجوان اولاد آهيو ته ڄاڻو اهي رهنمائي جون ڳالهيون جن تي عمل پيرا ٿي گھرن ۾ هڪ ٻئي سان اتحاد ۽ اتفاق قائم ڪري سگهو ٿا.
1: هر ڳالهه ٻڌڻ : والدين ۽ اولاد ٻنهي کي گھرجي ته هو  پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ پنھنجي پنھنجي دلين ۾ مقام ٺاهين ۽ گھر وارن جي هر ڳالهه کي سڪون سان ٻڌن ته جيئن اولاد کي والدين جي ۽ والدين پنھنجي  اولاد جي جذبن کان، خيالن کان مڪمل آگاهه هجن ته جيئن پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪن ۽ زندگي سڪون سان گذاري سگھن. 
2: سٺو ڳالهائڻ : سٺو ڳالهائڻ به لازمي آهي ڇاڪاڻ ته جيستائين توهان ڳالهائيندو ئي نه، ڳالهه ٻولهه ڪندو ئي نه ته سامهون واري کي توهان جي ڪيفيتن جو اندازو ڪيئن ٿي سگهندو. پنھنجي اعتماد کي بلند ڪيو ۽ گھر ۾ اهي ماڻهو جيڪي صحيح نموني سان ڪلام نه ڪندا آھن، گھٻرائڻ محسوس ڪندا آهن انهن جو اعتماد وڌايو، ته جيئن هو ڪنھن مزاحمت کان بچي سگهن. 
3: ٻارن جي فيصلن کي عزت ڏيڻ: گھر جي معاملن ۾ ٻارن جي فيصلن کي به ايترو هي وڌايو جيترو توهان چاهيو ٿا ته توهان جي ڳالهه کي عزت ڏني وڃي ٿي. ان سان ٻارن جي حوصله افزائي ۾ به اضافو ٿيندو آهي ۽ ٻار هر ڳالهه گھر وارن جي سامهون کولي ڪري ٻڌائڻ ۾ دلچسپي وٺندو آهي.
4: معاف ڪرڻ جي عادت اپنائڻ : هي سڀ کان وڏي نگھباني آهي ماءُ پيءُ جي لاءِ ته پنھنجي اولاد جي غلطين کي جائز مقام تائين نظر انداز به ڪن ۽ جتي ضروري هجي ته هڪ محدود حد تائين ڪن مهٽ به ڪن، ان سان ٻار ذهني مسئلن جي شڪار ٿيڻ کان بچي ويندو آهي
5: شڪ ۽ تنقيد نه ڪرڻ : بنا سبب تنقيد ۽ هر ڳالهه تي شڪ ڪرڻ سان اولاد پنھنجي والدين کان ذهني ۽ جسماني طور تي پري ٿيڻ لڳندي آھي، لهذا ٻارن کي سمجهائجي، اُنھن جي ضرورتن کي سمجهڻ ڪوشش ڪجي، اُنھن جي هر عمل تي نظر رکجي پر شڪ ڪڏهن به نه ڪجي ۽ نه وري ڳالهه ڳالهه تي تنقيدي جواب ڏنو وڃي ان سان ٻار جي دل برداشت ٿي ويندي آهي. انھن عملن جي وجهه سان ماءُ پيءُ پنھنجي اولاد کي پاڻ کان ايترو پري ڪري ڇڏيندا آهن، جو اُنھن کي اندازو ئي نه هوندو آهي ته ٻار ننڍي، وڏي ڳالهه کي ڪهڙي حد تائين دل تي وٺندو آھي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *