تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

ڇا توهانکي بلڊ شگر جي ڄاڻ آهي؟ … ڊاڪٽرشمائلا ميمڻ

انسان، کاڌي پيتي جي شين کي چشڪيدار ۽ مزيدار بنائڻ لاءِ هزارين سالن کان کنڊ جو استعمال ڪندو رهيو آهي. اصل ۾ اسان جنهنکي کنڊ سڏيون ٿا اهو هڪ قسم جي اهڙي مٺاڻ جو قسم آهي جنهنکي سڪروز (sucrose) سڏجي ٿو جنهن جي هر ماليڪيول ۾ ڪاربان جا 12، هيڊروجن جا 22 ۽ آڪسيجن جا 11 ائٽم ٿين ٿا. هر اهو مرڪب جنهن ۾ هن قسم جا ٽئي عنصر موجود هجن ان کي نشاستو (carbohydrate) چئجي ٿو جيڪو عام طور تي اناج، ميوي ۽ سبزين ۾ ته خاص طور تي ڪمند ۽ چقندر ۾ جام ٿئي ٿو. جسم جي وڌ ۾ وڌ عام شگر، گلوڪوس جي صورت ۾ ٿئي ٿي، جنهن کي ‘بلڊشگر’ به سڏجي ٿو رت ۾ گردش ڪندي رهي ٿي جنهن رستي دماغ، سڀ رئيس عضوا ۽ مشڪون ڀرپور سان ڪم ڪري سگهن ٿا. کنڊ يا سڪروز کي انگريزيءَ ۾ ‘ٽيبل شگر’ به سڏجي ٿو جيڪو بنيادي طور تي گلوڪوس ۽ فرڪٽوز جو جڙيل ٿئي ٿو. اصل ۾ کنڊ، شيري جي موجودگيءَ سبب ناسي رنگ جي ٿئي ٿي پر پوءِ جڏهن ڪمند پيڙي ان جي رس ۾ گندرف ملايو وڃي ٿو ته ان جو رنگ سفيد ٿي وڃي ٿو ته ورلي منجهس ڪيلشم هيڊروآڪسائيڊ (يا گندرف جو تيزاب يا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ) به ملائي وڃي ٿي.
بلڊ شگر ڇا آهي؟
اسان جڏهن بلڊشگر (رت ۾ موجود کنڊ) جي ڳالهه ڪريون ٿا تڏهن ڪهڙي قسم جي شگر يا کنڊ جي ڳالهه ڪريون ٿا فرڪٽوز (ميوي يا ماکيءَ)، گلوڪوس (نشاستي ۾ موجود) يا لئڪٽوز (کير جي) جي؟ اصل ۾ اسان گلوڪوس يا کاڌي ۾ موجود نشاستي جي ڳالهه ڪريون ٿا. جنهن جي سادي کنڊ اسانجي جسم کي توانائي پهچائڻ جو مک وسيلو ٿئي ٿي. توهانجو جسم جيئن ئي کاڌو هضم ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته گلوڪوس رت ۾ جذب ٿي جسم جي سيلن کي غذا جي لاڳيتي رسد طور ملڻ شروع ٿئي ٿي. جنهن لاءِ اسان عام طور تي ‘بلڊ گلوز ليول’ جو اصطلاح به استعمال ڪندا آهيون. جنهن جو مقصد اهو چوڻ هوندو آهي ته توهانجي رت جي گردشي سرشتي ۾ ڪيترو گلوڪوس موجود آهي (ان جي ماپ ملي گرام في ڊيسيلٽر mg/dl جي حساب سان ڪئي وڃي ٿي). جڏهن رت ۾ گهڻي کنڊ موجود هجي تڏهن ان لاءِ ‘هائپرگلائيسيميا’ (hyperglycemia) جو اصطلاح استعمال ڪندا آهيون. ‘هائپر’ معني ‘گهڻي’ ‘وڌيڪ’ يا ‘حد کان وڌيڪ’ ته ‘گلائيسيميا’ جي معنيٰ ‘رت ۾ گلوڪوز هجڻ’ آهي. جڏهن توهانجو لبلبه جهجهي انسولن پيدا ڪري نٿو سگهي (اهو هارمون جيڪو توهانجي سيلن کي گلوڪوس استعمال ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو)، يا جڏهن انسولن جسم ۾ ان طرح سان ڪم ڪري نٿي سگهي جيئن ڪرڻ گهرجيس تڏهن رت ۾ گلوڪوس گڏ ٿيڻ شروع ٿئي ٿو. جڏهن ته ‘هائپوگلائيسيميا’ جي معنيٰ آهي ‘کنڊ جي کوٽ يا گھٽتائي.’
اڻپوري ننڊ توهانجي بلڊ شگر خارج ڪري ڇڏي ٿي:
توهان ننڊ جي ڪن حصن دوران، گلوڪوس جو تيزيءَ سان استعمال ڪريو ٿا ته ڪن حصن دوران گهڻو آهستي. جيڪڏهن سٺي ننڊ ڪري نه سگهجي ته تيز ـ آهستي ٿيندڙ توازن ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو. ڪن اڀياسن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهڙين حالتن جي ڪري ذيابيطس2 جي پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا.صبح جو ننڊ مان اٿڻ وقت توهانجي بلڊشگرڪيتري هجڻ گهرجي؟ صبح جو نيراني حالتن ۾ توهانجي بلڊ شگر ڪيتري هجڻ گهرجي اهو به هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن مان ڊاڪٽر اندازو لڳائي سگهي ٿو ته توهانجو جسم ڪيتري سٺي طريقي سان گلوڪوس استعمال ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن سڄي رات دوران ڪجهه به نه کاڌو هجي ۽ صبح جو گلوس جي سطح 100ـ 125 جي وچ ۾ هجي تڏهن ممڪن آهي ته اها ذيابيطس جي شروعاتي (پري ذائبيٽيس) حالت هجي پر جي اها 125 ملي گرام في ڊيسيلٽر هجي ته ممڪن آهي توهانکي ذيابيطس هجي. جڏهن توهانجي بلڊشگر گهڻي گهٽجي وڃي ٿي تڏهن سڀ کان اڳ ۾ جسم جو ڪهڙو حصو اها ڳالهه محسوس ڪري ٿو ؟ سڀ کان اڳ ۾ اهڙي ڳالهه مغز محسوس ڪري ٿو. جيئن ته توهان گلوڪوس کانسواءِ ڪا به ڳالهه سولائي سان سوچي نٿا سگهو ان سبب رت ۾ بلڊ شگر جي سطح گهٽجي وڃي ٿي ان جي نشانيءَ طور مٿي جو سور، اوچتو بک جو چڪ لڳڻ، ديد جا مسئلا ۽ ڪمزوريءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿين ٿيون. جنهن سبب اهڙو مسئلو تيزيءَ سان بگڙي سگهي ٿو. جيڪڏهن بلڊشگر کي ٽُڪر نه ڏجي ته توهانکي وائڙائپ ٿي، ڳڍڙيون پئجي سگهن ٿيون ته سڪتي ۾ به وڃي سگهو ٿا.
اهڙين حالتن ۾ ڪهڙي شئي کائڻ سان بلڊشگر تيزيءَ سان وڌي سگهي ٿي؟
اهڙين حالتن ۾ نشاستا (ڪاربوهئڊريٽس) تيزيءَ سان بلڊ شگر وڌائي ڇڏين ٿا ته پروٽين، سڻڀ ۽ تاندورو ان جي اثر کي متوازن ڪري ڇڏين ٿا. جڏهن ته، جي آءِ يا گلائيسيمڪ انڊيڪس (glycaemic index) مان مراد ورتي وڃي ٿي ته نشاستي وارا کاڌا رت ۾ گلوڪوس جي سطح ڪيتري وڌائي سگهن ٿا. مثال طور ڪنهن رڌل پٽاٽي جي، جِي آءِ ان جي چپس جي ڀيٽ ۾ جڏهن چڱڙي مقدار ۾ کائجي ته اٽڪل ٻيڻي ٿئي ٿي. جڏهن ته هڪ ڪوپ نارنگيءَ جي رس يا نارنگي کائڻ سان به ٿلهي ليکي اوتري ئي ٿئي ٿي، ڪنهن ڪچي ميوي جو توهانجي بلڊشگر تي گهڻو گهٽ اثر پوي ٿو.
رت ۾ گلوڪوس جي گهڻي سطح هجڻ سان توهانکي گهڻو پيشاب ڇو ٿو اچي ؟
ان جو سبب هي آهي ته توهانجي بڪين کي واڌو گلوڪوس نيڪال ڪرڻ جي ڪم ۾ جنبي وڃڻو پوي ٿو. جنهن لاءِ بڪين کي گهڻو پيشاب پيدا ڪرڻو پوي ٿو ته توهانکي به هر هر مثانو خالي ڪرڻو پوي ٿو. گهڻي پاڻياٺ نيڪال ٿيڻ سبب موٽ ۾ ممڪن آهي ته توهان اڃ محسوس ڪريو. تمام گهڻي بلڊشگر هجڻ توهانجي وزن گهٽائڻ جو به سبب ٿي سگهي ٿي پوءِ چاهي کائيندا به ڇو نه هجو يا ممڪن آهي ته سدائين ٿڪ محسوس ڪريو ڇاڪاڻ ته توهانجي سيلن کي ٻارڻ ملي نه ٿو سگهي.
ڇا ذيابيطس واري فرد کي روازانو پنهنجي بلڊشگر تپاسڻ گهرجي؟
توهانکي پنهنجي بلڊ شگر ڪيتري جلد تپاسڻ گهرجي ان جو مدار ڪيترين ڳالهين تي ٿئي ٿو جهڙوڪ توهانکي ذيابيطس ڪهڙي قسم جي آهي، ان لاءِ توهان ڪهڙي قسم جون دوائون کائو ٿا ۽ ويجهڙ ۾ توهان ڪيتري ڪسرت ڪئي آهي. عام طور تي جنکي ذيابيطس1 ٿئي ٿي اهي روزانو چار دفعا تپاسين ٿا يا گلوڪوس مانيٽر استعمال ڪن ٿا. جڏهن ته ذيابيطس2 جي حالت ۾ ٻه دفعا تپاسڻو پوي ٿو.
تماڪ ڇڪڻ جو بلڊشگر تي ڪيئن اثر پوي ٿو ؟
تماڪ جي نڪوٽين اسانجي سيلن جي ڪيميائي عملن ۾ ڪي اهڙيون تبديليون آڻي ٿي جنهن سبب اهي انسولن جي موٽ ڏئي نٿا سگهن. ٻين لفظن ۾ توهانجا سيل، توهانجي رت مان گلوڪوس حاصل ڪري نٿا سگهن جنهن سبب بلڊشگر وڌي وڃي ٿي. جيڪڏهن توهان ذيابيطس لاءِ انسولن استعمال ڪندڙ آهيو ته نڪوٽين وري بلڊشگر کي انتهائي گهٽائڻ جو ڪارڻ بڻجي ٿي جنهن جي سائنسدانن کي به پوري ڄاڻ پئجي نه سگهي آهي. بهرحال، ڪنهن به صورت ۾ ذيابيطس جي حالت ۾ تماڪ ڇڪڻ سٺي ڳالهه ناهي.
توهانجو جسم گلوڪوس ڪٿي گڏ ڪري ٿو ؟
توهانجو جسم ماني کائڻ کانپوءِ جڏهن ضرورت آهر گلوڪوس استعمال ڪري ڇڏي ٿو ته توهانجو جيرو، رت مان بچيل گلوڪوس حاصل ڪري ان کي گلائيڪوجن (glycogen) جي صورت ۾ سانڍي ڇڏي ٿو. جڏهن توهانجي بلڊشگر جي سطح گهٽجي وڃي ٿي جهڙوڪ ويلن جي وچ ۾ يا ڪسرت ڪرڻ کانپوءِ تڏهن توهانجو جيرو گلائيڪوجن کي گلوڪوس ۾ مٽائي رت ۾ وهائي ڇڏي ٿو ته جيئن توهان پنهنجو ڪم روان دوان رکي سگهو.
جڏهن توهانکي ڊپ هجي ته بلڊشگر گهٽجي نه وڃي ؟
جڏهن پريشاني ۽ دٻاءَ توهانجي جسم کي محسوس ڪرائي ٿو ته توهان ڪنهن حملي هيٺ آهيو تڏهن توهانکي هڪ اهڙيءَ صورتحال لاءِ تيار ڪري ٿو ته جيئن توهان يا ته، “مڙس ٿي منهن ڏيو يا ڀڄي جان ڇڏايو” ان لاءِ رت ۾ هارمونن جو درياءُ وهائي ڇڏي ٿو. جڏهن اهڙو خطرو گهٽجي وڃي ٿو ته صورتحال وري پنهنجي عام رواجي حالت ڏانهن موٽ کائي ٿي پر جيڪڏهن اهڙو ڇڪ ڇڪان يا دٻاءَ وارو ماحول گهٽجي نٿو سگهي تڏهن ممڪن ٿئي ٿو ته جسم گلوڪوس جي مٿاهين مقدار سان ٽمٽار رهي، رڳو ان اميد سان ته ممڪن آهي ته ان کي اڳتي هلي اهڙيءَ حالت سان منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ توانائيءَ جي ضرورت پئجي سگهي ٿي.
ڇا وڌيل رهندڙ بلڊشگر مهارن جا مسئلا پيدا ڪري وجهي ٿي ؟
جن فردن جي بلڊشگر جي سطح ناقص رهي ٿي ممڪن آهي ته انهن کي مهارن ۽ ڏندن جا مسئلا پيدا ٿي پون ته مهارن جي سنگين بيماري، بلڊشگر به وڌائي سگهي ٿي. گهڻي وقت کان رهندڙ مٿاهين بلڊشگر جي پيدا ٿيندڙن پيچيدگين ۾ بڪي ۽ اعصابي نقص، موتيوپاڻي، اکين جا وڌيڪ، هڏن ۽ سنڌن جا مسئلا، دل جي بيماري، رت نلين جون تڪليفون ۽ چمڙيءَ جا روڳ پيدا ٿي سگهن ٿا.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *