تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ڇا آيا صوفيا وارو ترڪيءَ جو فيصلو درست آھي؟ … اعجاز احمد ڀيو

ڪجھ مهينا پهريان دنيا جي وڏي ڊيموڪريسي (جمهوريت) ۽ سيڪيولر اسٽيٽ جو اعزاز رکندڙ اسانجي پاڙيسڙيءَ ملڪ ڀارت طرفان اتان جي اقليت مسلمانن جي عبادتگاھ بابري مسجد اهو چئي مسمار ڪئي وئي ته اُن جي جڳهھ تي پهريان مندر ھو جيڪو ڊاھي مسلمانن بابري مسجد اڏي هئي.اھڙي ڀارتي عدالت عظميٰ جي فيصليءَ کي نه صرف مسلمانن پر سَموري دنيا جي شعور وندن پڻ تنقيد جو نشانو بَڻايو ۽ ڀارت کي عالمي سطح تي پڻ رسوائي ۽ خواريءَ کي منهن ڏيڻو پيو ڇو ته اھڙو فيصلو هڪ ته ڪنهن سيڪيولر اسٽيٽ کي جڳائي ڪو نه پيو ٻيو ته وري اهڙيون جوڳيون شاهديون به ميسر ڪو نه آھن جو چئجي ته ها بابري مسجد واري جڳھه مندر جي جڳهھ هئي. بحرالحال، ساڳئي ريت تازو اھڙو هڪڙو فيصلو ترڪيءَ جي عدالت طرفان به جاري ڪيو ويو آھي جنهن موجب پراڻو گرجا گهر، وري پوءِ مسجد ۽ هاڻي عجائب گهر آيا صوفيه کي وري مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو آھي. جنهن کي ترڪي جي فيصليءَ نه صرف خود اتان جي اپوزيشن جماعت ريپبلڪن پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ ترڪي جي اقليت اڳواڻن رد ڪيو آھي بلڪ عالمي ادارن ۽ مشھور عالمي شخصيتن طرفان به ان عمل جي سخت لفظن ۾ پڻ مذمت ڪئي وئي آھي.
آيا صوفيا جي ماضيءَ تي جيڪڏھن نظر وجهون ٿا ته سڀ کان پهريان آيا صوفيه تقريباً اڄ کان پندره سال پهريان اتان جي (اقليتن) عيسائين جي عبادتگاھ ”گرجا گهر“ تحت جوڙي وئي ھئي-جنهن بعد وري 1453ع ۾ جيئن قسطنطنيه(هاڻي استنبول) سلطنت عثمانيه جي دور ۾ فتح ٿيو ته ان گرجا گهر کي مسلمان فاتحن مسجد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جنهن تي پڻ مذھبي ڪٽرپڻي رهندو پئي آيو ۽ اقليتن پاران به مذمت ڪئي وئي پر ترڪيءَ جي ڪل آباديءَ جي ڀيٽ ۾ 2 ٻه سيڪڙو رهندڙ اقليت عيسائي آبادي مذمت کان علاوه ڪجھ ٻيو ڪري ئي نٿي سگھي. وقت گذرندو ويو جيئن ئي ڪمال اتا ترڪ (ماڊرن ترڪيءَ جو باني) سيڪيولر ترڪيءَ جو بنياد وڌو ته هن سڀ کان پهريان ان مذھبي ڪٽرپڻي (ڪنٽرورسي) جي خاتميءَ لاءِ آيا صوفيا کي ڪنهن مذھب جي حوالي ڪرڻ بجاءِ 1934ع ڌاري عجائب گهر (ميوزيم) قرار ڏئي ڇڏيو. جنهن بعد عالمي ثقافت ۽ ڪلچر واري اداري يونيسڪو طرفان به هن کي عالمي سياحت جي جڳھ قرار ڏنو نه صرف ايترو پر آيا صوفيه ۾ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ گهمي ويندڙ عجائب گهر (ميوزيم) پڻ رهيو آھي.
ڏِٺو وڃي ته اهڙي مذھبي ڪٽرپڻيءَ جي ور چڙھيل عالمي سياحت جي جڳھه کي مسجد ۾ تبديل ڪرڻ ترڪيءَ جهڙي سيڪيولر اسٽيٽ کي ڪو نه پيو جڳائي ۽ نه صرف اهو فيصلو ترڪيءَ ۾ مذھبي آزادي ۽ اقليتن جي حَقن تي سوال اٿاري رهيو آھي پر اهو ترڪيءَ جو فيصلو آئنده لاءِ ٻين يورپ وغيره جي ملڪن ۾ رهندڙ اقليتن جي صورت ۾ مسلمانن لاءِ اهڙا سوين مذھبي آزاديءَ وارا مسئلا پڻ پيدا ڪندو ڇو ته هاڻي ٻيا ملڪ به ان ترڪيءَ جي فيصليءَ کي جواز بڻائي اتان جي اقليتن لاءِ پڻ سويب ڏکيائون پيدا ڪندا. ٻيو ته اھو فيصلو نه صرف ترڪيءَ جي سيڪيولر اسٽيٽ تي سوال اٿاري رهيو آھي پر اهو فيصلو ترڪيءَ ۾ وڌنڌڙ مذھبي قوم پرستيءَ جي پڻ نشاندهي ڪري رهيو آھي ۽ رجب طيب اردگان کي به اهو سوچڻ گهرجي ته هو صرف اتان جي اڪثريتي آبادي سني مسلمانن جو صدر نه پر سَڄي ترڪيءَ جو صدر آھي ڀلي هو اهڙا ڪم ڪري مسلمانن کي خوش ڪرڻ ۽ مذھبي ڪارڊ استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي پر اهڙن مذھبي ڪٽرپڻي وارن فيصلن کي ترڪيءَ جو مظبوط سيڪولر ڪڏھن به ڪو نه قبوليندو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *