تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

چٽا ڀيٽي ۽ مقابلي وارو سوال … عذير عابد

روزمرھ جي زندگي ۾ ھر ماڻھو ٻي ماڻھو سان مقابلي ۾ ھجي ٿو ,ڪو ڪم ڪرڻ وقت ھن جي ذھن ۾ ٻيا شخص ھوندا آھن ,ٻيا ڇا ٿا ڪن ؟ ٻيا ڪٿي پھتا آھن ؟ اھو سڀ ڪجھ سوچڻ کانپوءِ ھو پاڻ کي ڏسي ٿو ,منهنجي ڀيٽ ۾ ٻيا ماڻھو ڪٿي بيٺا آھن , ھر ماڻھو وٽ ڪنهن ماڻھو بابت سوچڻ جو ايڪو(Measuring Unit ) پنهنجو پاڻ ھجي ٿو ,ڪو ڏاھو آھي يا نه ؟ ان جي ڀيٽ به پاڻ سان ڪئي ويندي آھي، جيڪڏھن ڪو ماڻھو ھن (مخصوص ماڻھو )کان گھڻو ڄاڻي ,بھتر ڳالھائي سگھي ته اھو ڏاھو آھي  نه ته ٻي صورت ۾  ايڏو وڏو ڏاھو نه آھي ـ  نفسياتي طرح ذھن تي بار رھڻ، خوش نه ھجڻ، اندر جي پيڙا يا عذاب جو اھم سبب به ھر وقت مقابلي واري حالت ۾ رھڻ آھي ـ 
اسانجو معاشرو وک وک تي اسانکي پنھنجو پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ واري  موذي مرض ۾ مبتلا ڪري ٿو ـ چيو وڃي ٿو ته جڏھن توھان پنهنجي منھن مختلف پيچرن تي ھلندا رھندا ته توھان کي خبر نه پوندي ته توھان ڪيترو مفاصلو طئي  ڪري آيا آھيو ۽ ڪيترو مفاصلو اڃا رھيل آھي ـ تنھنڪري ڪو نه ڪو standard unit (ماپ ڪرڻ وارو ايڪو )رکو جيڪو توھانجي اھليت کي توري  ڪري ٻڌائي ـ توھانکي جي سھي ڪٿ ڪري ـ  مقابلي جي ڄار ۾ ڦاسڻ کانپوءِ توھان جيڪي کرڙيون ھڻون ٿا اھي توھانجي وجود جي بقا لاءِ تمام ضروري آھن ـ يعني  اھو چيو وڃي ٿو ته ھڪ ئي وقت جيڪڏهن توھان ڪافي سارن ماڻھن  سا مقابلي ۾ آھيو ته تمام بھترين جي نه ته گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي لاءِ ڪو ھڪڙو ته معيار ۽ ماپو ڪو S.I unit ته مقرر ڪيو ـ پاڻ کي بي ترتيب نه بڻايو ۽ پنھنجي لاءِ ھڪڙو رستو جيڪڏهن طئي ڪرڻو آھي ته ھميشه  مقابلي  واري حالت ۾ رھو ـ  ھاڻي ھنن  ماڻھن کي ڪير ٻڌائي ته ڪنھن به شي جي ڀيٽ ڪنھن ٻي شي سان فطرت جي اصولن جي خلاف آھي ـ ھڪڙي ماڻھو ھڪڙين حالتن ۽ ماحول ۾ جنم ورتو آهي تنھـڪري ھي انھن  حالتن ۽ ڪيفيتن  جي پيداوار  آھي جڏھن ته ٻي ماڻهو مڪمل طرح مختلف حالتن ۾ جنم ورتو آهي ۽ ھي انھن حالتن ۽ ماحول جي پيداوار آھن ـ تنهنڪري ڪن به ٻن ڳالهين يا ماڻھن کي ڪڏهن به ڀيٽڻ نه کپي ـ مغربي ڏاھي برٽينڊ رسل چيو آهي ته :competion is totally  fatal يعني مقابلو مڪمل طرح موتمار آھي ۽ win/win وارو اصول به اسانکي مقابلي يا ڀيٽ کان مڪمل طرح منع ڪري ٿو، يعني ڪو ماڻھو شڪست نه کائي، ھر ماڻھو فاتح ھجي، ھر ماڻھو خوشحال ھجي، ھڪڙي ماڻھو جي جيت ٻي جي ھار تي بيٺل ۽ اڏيل نه ھجي ـ 
افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ زندگي جي ھر شعبي ۾ ھر ماڻھو  عجيب قسم جي مقابلن  ۾ رھن ٿا، اھي مقابلا انهن کي مختلف قسمن جي نفسياتي  بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿا، سماج ۾ پکڙجندڙ اڻسھپ، ڪرپشن ۽ ٻين ھزارين بيمارين جڳ  root causes(بنيادي سببن)مان  ھڪڙو اھم  ھر وقت مقابلي واري حالت ۾ رھڻ  به آھي ـ اھڙن ماڻھن کي ڪڏھن به psycological peace (نفسياتي طور مليل سڪون ) نٿو ملي ـ مقابلو ڪن حالتن ۾ اڳتي ھلي ھڪ مرحلي کان پوءِ نفسياتي بيمارين ۽ مايوسي کي به جنمي ٿو، جيڪي پوءِ سڄي عمر لاءِ عذاب بڻجي ٿي، حقيقتن مقابلو جوا وانگر آھي توھان کٽيو تڏھن به نقصان، ھارايو تڏھن به نقصان، ھڪڙو فرد سڄي دنيا کان کٽي ته نٿو سگھي، اھو ڪٿي نه ڪٿي ته شڪست کائيندو ۔ 
شيون ھميشه  تبديلي واري حالت ۾ رھن ٿيون ۽ بھتري ڏانهن سفر ڪن ٿيون ـ تنھنڪري ماڻهوَ کي پنهنجي پاڻ سان مقابلي واري حالت ۾ رھڻ کپي ۽ ھن کي پـھنجو  پاڻ ۾ روزبروز بھتري آڻن گھرجي پر ڪڏھن به پنهنجو پاڻ کي قطعي طور ڪنھن ٻي شخص سان ڀيٽڻ   نه گھرجي ـ  منهنجي خيال ۾ ٻن شخصن کي ڀيٽڻ ايئن آھي جو ھڪڙي شيءَ کي ڪلوگرام ۾ تورجي ۽ ٻي کي ملي ميٽر ۾ ڇو ته ھر ماڻھو ڪافي حوالن کان ٻين کان مختلف آھي، جيڪڏھن ھڪڙو شخص ڪنهن ھڪڙي ھنر جو ماھر آھي ته ٻيو وري ڪنھن ٻي ڳالهھ ۾ ڀڙ ھوندو ـ مقابلي  واري ڪيفيت ۾ رھندڙ ماڻھو self centered(يعني انجي سوچ جو محور صرف پنھنجو وجود ھجي ٿو ) ٿي وڃن ٿا ۽ صرف پنهنجي ڳالهه ڪن ٿا، پاڻ کي عقل ڪل سمجھن ٿا ۽ بھتري جي گنجائش نٿا رکن ـ اھي شخص جيڪي ھميشه  مقابلي واري حالت ۾ رھن ٿا اھي جڏھن مقابلو ھارائن  ٿا ته پھرين ته مايوس ٿين ٿا پوءِ اڳتي ھلي ذھني ۽ نفسياتي مريض ٿي وڃن ٿاـ  تنهنڪري پاڻ کي پوري عالم جي ڀلائي لاءِ سوچڻ گھرجي ۽ win/win واري اصول تي عمل ڪري بھتري  ڏانھن سفر ڪجي ـ  ان سموري سفر ۾ سڀني انسانن کي گڏ کڻن گھرجي ـ ڪنھن سان به ڪھڙي به قسم جو بغض  نه رکڻ گھرجي ـ سوال ھي آھي ته مقابلو آخر ڪنھن به ماڻھو سان ڪجي ڇو ؟ڪنھن ماڻھو کي آخرڪار گھٽ ڏسجي به ته ڇو ؟ اوچ نيچ واري ڳالهھ جي ته پاڻ ظاھري طرح مخالفت ڪندا آھيون ان کي سماجي اڻ برابري سمجھـندا آھيون پاڻ چوندا آھيون ته سڀ انسان برابر آھن پر ٻي طرف مقابلي ۾ ھوندا آھيون ته ڪنھن کي گھٽ ڪجي ۽ پاڻ اڳتي نڪري وڃجي ـ
سماج اندر وٺ وٺان ۽ ڄنڊا پٽ جو سبب به مقابلو ٿو بڻجي ـ پاڻ کي بھتر ضرور ڪجي ۽ اھو پڻ ڏسجي ته ڇا اسين بھتري طرف ٿا وڃون يا بدتري طرف پر ڇا انجو اندازو ۽ پيمانو اھو ئي آھي ته اسين ڪٿي پھتا آھيون انجي خبر تڏھن پوندي جڏھن اسين ڏسندا سين ته ٻيا ڪٿي بيٺا آھن ـاسان ڪيترو اڳتي نڪري ويا آھيون انجو اندازو ان ڳالهھ مان ٿيندو ته ٻيا ڪيترو پوئتي آھن ھڪڙي پاسي انسانيت جي واويلا ڪبي، ماڻھن جي ڀلائي لاءِ تقريرون ڪبيون ۽ پوءِ وري غور ان ڳالهھ تي ڪبو تقرير ڪنھن سٺي ڪئي ۽ گھڻو وقت ڪنھن ڳالھايو، ايئن به چئبو ته ماڻھن جو احترام ڪرڻ گھرجي ۽ انساني احساسن کي مقدس سمجھجي پر سماجي رتبو ان کي وڌيڪ ڏبو جنھن مارڪون وڌيڪ کنيون جنھن گھڻو وقت تقرير ڪئي ۽ اھڙن ٻين ھنڌن تي اسانجو رويو  شعوري يا لاشعوري طور ماڻھن جي احساسن کي مجروح ڪندو آهي، انھن کي ھڪ اھڙي مقابلي ۽ امتحان طرف ڌڪيندو آهي جنھن ۾ پنج  ٻين کي پوئتي ڌڪو ڏيڻ کان پوءِ ڪنھن منزل تي پھچبو آهي ـ پاڻ کي ان روايتن کي ٽوڙيندي ھڪ اھڙي سماج کي اڏڻ ڏانھن وک وڌائڻ گھرجي جٿي سڀئي انسان بھتري طرف وڌن ۽ ڪنھن به قسم جو ڪو فضول مقابلو نه ھجي، ان روايت کي ٽوڙڻ لاءِ سڀ کان پھرين پنهنجي پاڻ کي ان مرض مان ڪڍڻ گھرجي پوءِ سماج ۽ آسپاس جي سار لھجي پنهنجي وڏڙن، پوڙھن ۽ ڪراڙن کي به ان روايت مان ڪڍڻو پوندو جيڪي ھر وقت پوٽن، ڏھوٽن جي ڀيٽ ڪندا رھندا آھن ھر شعبي، رشتي ۽ ڪاروبار مان مقابلي واري وبا نڪتي ته اسان ذھني طرح خوشحال بڻباسين، ڪو ماڻھو ايئن نه چوندو ته منهنجو خيال نٿو ڪيو وڃي، منهنجو قدر نٿو ڪيو وڃي، اسان جو اولين مقصد خلقت جي ڀلائي ۽ بھتري  ھئڻ گھرجن، ماڻھن جي احساسن، جذبن ۽ ولولن جو قدر ڪرڻ گھرجي نه ڪي انھن کي مقابلي ۾ وڙھائي پوءِ کٽندڙ تي فخر ۽ ھاريندڙ کي طعنا ۽ مھڻا ڏجن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *