تازا ترين
  • *اڳوڻو آسٽريلين بيٽسمين ڊين جونز دل جو دورو پوڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز 59 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو *ڊين جونز پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائٽيڊ جو ڪوچ رهيو هو*
  • *بدين ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ميونسپل عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري آفيس آڏو معصوم ٻارڙن سميت احتجاج *نااهل ۽ ڪرپٽ سي ايم او کي هٽائي فوري طور تي پگهارون جاري ڪيون وڃن: احتجاج ڪندڙ ملازم *
  • *بدين: ڪڍڻ رورل ھيلٿ سينٽر جو ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا ڪورونا وائرس جو شڪار *ايم ايس ڊاڪٽر شجاعت خواجا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد رورل هيلٿ سينٽر سيل ڪيو ويو *
  • *ڀٽ شاھه: شاھ لطيف فائونڊيشن پاران عالمي مشائخ ڪانفرنس ملتوي ڪرڻ جو اعلان *درگاھ ڀٽائي جي سجاده نشين پاران ميلي جون غيرسرڪاري تقريبون ملتوي ڪرڻ جو اعلان *ڪورونا سبب سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪريون ٿا: سجاده نشين *رڳو عرس جون رسمون ايس او پيز تحت ادا ڪيون وينديون*
  • *ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان جي قتل خلاف جروار ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي: مظاهرين *عبدالحميد گبول جي قتل ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي: مظاهرين*
  • *سيوهڻ ويجهو ڪارنهن جي مبينا الزام هيٺ سهري هٿان ناري قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش *ڳوٺ بچل چنا ۾ جوابدار گلشير چنا پنهنجي ننهن 25 ورھين جي فائزا چنا کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار قتل ڪرڻ بعد پسٽل سميت گرفتاري ڏيئي ڇڏي، غيرت ۾ اچي قتل ڪيو: گلشير چنا جو اعتراف *پوليس پاران مقتولا ناري جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سيوھڻ اسپتال پھچايو ويو*
  • رائونتي جي ڪچي ۾ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڏوهاري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *رات دير سان بچاءَ بند وٽ مقابلي دوران ڏوهاري محمد نواز سيال کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو هو: پوليس *زخمي ڏوهاري کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي فوت ٿي ويو:پوليس *جوابدار محمد نواز سيال تي سنگين قسم جا ڪيس داخل آهن: پوليس*
  • *دادو ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر، يعقوب پٽ ڦوٽو فوت ٿي ويو *
  • *ڪشمور: عدالت پاران3ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ تي ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم *ڪشمور جي عدالت ٽن ڄڻن کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي *ڪشمور: عدالت سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوسميت ٽن اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف توشه خانه ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني احتساب عدالت ۾ پيش *عدالت ٻڌڻي پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا * ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي
  • *نوري آباد ويجهو مزدا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت *موٽر وي تي حادثي ۾ مزدا ڊرائيور پنجاب واسي محمد اسلم راجپوت فوت ٿي ويو *
  • *ڪنري ويجهو واپاري کان ڦر دوران هڪ ڦورو سوگهو، مارڪٽ *ڳوٺ شاھ بيگ چانڊيو وٽان ڦورو واپاري کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻا پهچي ويا *ڳوٺاڻن هڪ ڦورو کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي ويهاري ڇڏيو، پوليس نه پهتي*
  • *نواب ولي محمد ڀرسان ملواهه شاخ وٽ نوجوان جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي*لاش جي نِڪ ۽ وات مان رت وهي رهيو هو، لڳي ٿو هڪ ڏينهن پُراڻو آهي: پوليس *
  • *مورو: داد بئراج ۾ ٻڏي ويل ملير واسي محمد فاروق جٽ جو لاش هٿ *ٻڏي ويل ڊرائيور مزدا کي ڌوئي رهيو هو ته پير ترڪڻ سبب داد بئراج ۾ ڪري پيو*

چي گويرا جو فيڊل ڪاسترو ڏانهن خط … طفيل مگسي

پيارا فيڊل ڪاسترو
هن وقت مون کي توسان پنهنجي دوستي جي باري ۾ ڪافي شيون ياد اچي رهيون آھن.۽ مون کي اهو ڏينهن چڱي ريت ياد آھي.جڏھن ماريا انتونيا جي گهر ۾ پنهنجي پهرين ملاقات ٿي هئي.جڏھن تو مون کي انقلاب ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني هئي. ۽ انقلاب جي تياري ۾ اسان کي جيڪي مشڪلاتون ڏسڻيون پيون هيون سي اکر به اکر مون کي ياد اچن ٿيون.هڪ اهڙو دور هو جڏھن هي سوال ڪيو ويندو هئو ت جڏھن هي سوال ڪيو ويندو هو ت “موت اچڻ تي ڪنهن کي ٻڌائجي .ڇاڪاڻ ت انهن ڏينهين انقلاب جي رستي ۾ موت اچڻ جو سڀني کي خطرو هو پر بعد ۾ اسان کي احساس ٿيو ته انقلاب آڻڻ وارا يا ته ڪامياب ٿي ڪري فتح وڪامراني سان سرشار ٿين ٿا يا موت کي ڀاڪر پائين ٿا( جيڪڏھن اهو انقلاب هڪ سچو انقلاب هجي) ۽ اسان جا ڪافي دوست موت سان وڃي مليا.هن وقت جڏھن ته اسان ڪافي اڳتي نڪري چڪا آھيون ۽ حالتون به بهتر ٿيون آھن پر اها حقيقت آھي ته مون انهن سڀني فرضن کي احسن نموني سان نڀايو.جيڪي ڪيوبا ۽ ان جي انقلاب مون تي لاڳو ڪيا هئا.هاڻي مان توکي پنهنجن ڪامريڊ ساٿين ۽ ڪيوبا جي عوام کان موڪلائي رهيو آھيان.مان ڄاڻان ٿو ته مان ۽ ڪيوبا جو عوام انقلاب جي رستي ۾ سفر جا ساٿي هئاسين.
اڄ مان پارٽي جي اڳواڻي .وزارت خارجا .فوج ۾ ميجر جي رتبي ۽ ڪيوبن شھريت کان استيعفي ڏيان ٿو.هاڻي قانوني طور تي منهنجو ڪيوبا سان ڪو رشتو ناهي رهيو.پر اهي رشتا سدائين رهندا جيڪي ڪڏھن ٽٽي به نه ٿا سگهن.جڏھن مان ماضي ڏانهن نظر ڪريان ٿو ته مون کي احساس ٿيئي ٿو ته مون انقلاب جي ڪاميابي ۽ ڪامراني جي لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي.منهنجي صرف اها غلطي هئي ته مون شروعات ۾ توتي ڀروسو نه ڪيو هو.مون کي تنهنجي انقلاب ۽ سپه سالاري وارين صلاحتين کي سمجهڻ ۾ ڪجهه دير لڳي هئي.مون توسان ۽ ڪيوبا جي عوام سان ڪجهه يادگار ڏينهن گهاريا آھن.مون کي انقلاب جي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ تي فخر آھي.اها الڳ ڳالهه آھي ته لريبين بحران جي وقت اسان کي ڪجهه تڪليف وارا ڏينهن به ڏسڻا پيا هئا۽ انهن مشڪلاتن ۾ به تو عوام جي دل وٽان اڳواڻي ڪئي ۽ مون نهايت خلوص سان تنهنجي پيروري ڪئي ۽ تنهنجي ايول کي دل سان لڳايو.هاڻي مان سمجهان ٿو ته دنيا جي ٻين ملڪن کي منهنجي خدمت جي ضرورت آھي. ۽ تون ان سفر ۾ منهنجو ساٿي نٿو ٿي سگهين.ڇوته تنهنجن ڪلهن تي تنهنجي قوم جي “مستقبل جون ڪافي ذميواريون آھن.ان ڪري هينئر مان انهن کان آزاد آھيان ۽ توکان موڪليان ٿو.
مان هن حقيقت جو اقرار ڪريان ٿو ته مان اهو قدم خوشي وچان کڻان ٿو ۽ ڏک به بي انتها ٿئي ٿو، ڇوته مان پنهنجي پٺيان پنهنجا خواب.آدرشون ۽ پنهنجا رشتيدار ڇڏي رهيو آھيان.مان هن ڌرتي جي انهن ماڻھن کان الڳ ٿي رهيو آھيان .جن مون کي پنهنجو پٽ ڪوٺيو.مون کي هن ڳالهه جو ڏک آھي ته تو مون کي جنهن جنگ جا ادب سيکاريا آھن.مان انهن کي نون محاذن ڏانهن کڻي وڃان ٿو.مان اهو روح ٻين قومن جي عوام منجهه ڦوڪڻ چاهيان ٿو.مان سامراج ۽ سندن آقائن جي خلاف جنگ کي پنهنجو مقدس ترين فرض سمجهان ٿو.جڏھن مان ان جدوجهد ۾ شريڪ ٿيان ٿو ته منهنجا زخم ڇٽي وڃن ٿا ۽ منهنجو انگ انگ ٺري پوي ٿو.مان هن حقيقت جو هڪ ڀيرو وري اعتراف ڪيان ٿو ته هاڻي ڪيوبا منهنجن عملن جو ذميوار ناهي .جيڪڏھن هن دنيا کان موڪلائڻ وقت مان ڪنهن ٻئي آسمان جي هيٺان ٿيان ته منهنجي دل ۾ ڪيوبا جي ڌرتي ۽ ان جي عوام سان بي انتها چاهت رهندي.مان تنهنجو نهايت ٿورائتو آھيان ڇوته مون توکان گهڻو ڪجهه سکيو.مان آخري دم تائين تنهنجو وفادار رهندس.مان ڪيوبا جي خارجا پاليسي سان سدائين متفق آھيان.مان جتي به ويندس پنهنجو پاڻ کي ڪيوبا جو انقلابي سمجهندس.مون کي هن ڳالهه جو افسوس ناهي ته مون پنهنجن ٻارڙن ٻچڙن جي لاءِ ڪا مالي ۽ مادي شي نٿو ڇڏي وڃان مان انهي حال ۾ خوش آھيان مان انهن جي لاءِ توکان ڪجهه به نٿو گهران مون کي يقين آھي ته ڪيوبا جي حڪومت انهن جو خيال رکندي ۽ انهن جي کاڌ خوراڪ ۽تعليم جو بندوبست ڪندي.
مان توکي ۽ ڪيوبا جي عوام کي گهڻو ڪجهه چوڻ آچاهيان ٿو پر اهو سڀ ڪجهه چوڻ ضروري ناهي.منهنجا لفظ منهنجن جذبن جي مڪمل ترجماني نٿا ڪري سگهن ۽ لفظن جي بازيگري جي به حق ۾ ناهيان.اسان سدائين انقلاب ڏانهن وکون وڌائيندا رهنداسين ۽ مان پنهنجي انقلابي جوش سان گڏ توکي ڀاڪر پايان ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *