تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

چنگيز خان کي سياسي مامرن ۾سندس زال مشورا ڏيندي هئي …ڊاڪٽر مبارڪ علي/صدام ساگر

چنگيز خان منگول قبيلي کي متحد ڪري فتح ذريعي هڪ وڏي سلطنت قائم ڪئي هئي، روايتي تاريخ ۾سمورا ڪارناما هڪ فرد سان ڳنڍي ان کي عظيم بڻايو ويندو آهي، جڏهن ته ان سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن ۽ اُن جي محنت ۽ قرباني کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي پر منگول سلطنت جي قيام ۾جتي منگول جرنلز ۽ امرا شامل هئا اُتي ان جي تشڪيل ۾منگول عورتن جو وڏو حصو رهيو. خاص طور تي چنگيز خان جي ابتدائي ڪردار ۾اُن جي ماءُ هيلوئن ۽ ان جي پهرين زال بورته خاتون ان کي سياسي مامرن ۾مشورا ڏينديون رهنديون هيون.اين ايف براڊ برج پنهنجي ڪتاب “عورت ۽ تاريخ سازي” ۾اهڙين منگول عورتن جو ذڪر ڪيو آهي جنهن منگول سلطنت جي تشڪيل ۾حصو ورتو هو. چنگيز خان کان پهرين منگول خاندان وکريل هو ۽ عورتون غير محفوظ هيون، ڇو ته انهن کي اغوا ڪيو ويندو هو ۽ انهن جي عصمت دري ڪئي ويندي هئي. غير محفوظ هئڻ جي باوجود هُو آزاد هيون ۽ هڪ حد تائين پنهنجي مرضي سان زندگيءَ گذاري سگهنديون هيون. چنگيز خان جڏهن منگولين کي متحد ڪيو ته ان جي خاندان جي عورتن جي عزت وڌي وئي ۽ هُو سياسي ۽ سماجي مامرن ۾حصو وٺڻ لڳيون.
منگول معاشري ۾عورت جي اُن وقت اهميت هوندي هئي جڏهن هُو شادي شده هجي، ٻارن جي ماءُ هجي يا بيواهه هجي، اِنهن ٽنهي صورتن ۾گهريلو انتظام جي ذميداري اُن جي ٿيندي هئي. مال جي سار سنڀال، ڪئمپ جو انتظام ڪرڻ، ٻارن جي پرورش ڪرڻ، سياسي مامرن ۾پنهنجي مڙس کي مشورا ڏيڻ، ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي شادين جا سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو هو يعني شاديون سياسي خاندانن ۾ڪيون وينديون هيون. عورتن کي به اعليٰ ۽ سياسي خاندانن جي بنياد تي ڏٺو ويندو هو، يعني اُهي عورتون شاهوڪار خاندانن سان تعلق رکندڙ هيون، اُنهن جو سماجي رتبو به اعليٰ هوندو هو. حالانڪه چنگيزي مرد به ان ڳالهه جو خيال رکندا هئا جو ڪيئي ڪيئي شاديون ڪندا هئا پر پهرين گهرواري جي عزت وڌيڪ هوندي هئي. شادي جي وقت ڇوڪريءَ جي قيمت ادا ڪئي ويندي هئي، ڇوڪري ڏاج وٺي ايندي هئي جنهن ۾سون، چاندي، مال مويشي وغيره هوندو هو ۽ ڏاج ۾ملازم به هوندا هئا، پر ڏاج عورتن جي جائيداد هوندي هئي، ان کانپوءِ مال ڇوڪرن کي ملندو هو جڏهن ته زيور ۽ ڪپڙا ڇوڪرين جي وراثت طور ڏنو ويندو هو، جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو ڇوڪريءَ جي قيمت ادا ڪري نه سگهندو هو ته هو سُهري جي ملازمت ڪري رقم جي ادائيگي ڪندو هو. چنگيز خان جي دور کان پهرين نوجوان جڏهن عورت يعني ڪنوار جي قيمت ادا ڪري سگهندا هئا ته هو اُن عورت کي اغوا ڪري ويندا هئا، جيئن چنگيز خان جي پيءُ ڪيو، هو پنهنجي زال هيلوئن اغوا ڪري وٺي آيو هو، جنهن کانپوءِ چنگيز خان پيدا ٿيو. ٻي ڳالهه ته شادي پنهنجي قبيلي ۾نه ڪئي ويندي هئي پر پري جي قبيلن ۾ڪئي ويندي هئي، شادي جي سلسلي ۾ماءُ جو ڪردار وڌيڪ متحرڪ هوندو هو ۽ رشتو به هُو پاڻ ڳوليندي هئي. جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس مري ويندو هو ته ان صورتحال ۾هو اُن مڙس جي ڀاءُ يا خاندان جي ڪنهن ويجهي مرد سان شادي ڪندي هئي، اهڙي طرح عورت کي خاندان ۾ئي مڙس ملي ويندو هو ۽ هُو پنهنجي لاءِ ڪنهن مرد جي تلاش جي زحمت کان بچي ويندي هئي ۽ هُو محفوظ به ٿي ويندي هئي پر شاهي خاندان جون عورتون بيواهه ٿيڻ کانپوءِ ٻي شادي نه ڪنديون هيون. عام طور تي منگول خاندان ۾امرا 4 زالون رکندا هئا ۽ ان جا الڳ الڳ خيما هوندا هئا جتي هو رهنديون هيون پر سينيئر زال جا حڪم مڃڻ سڀني لاءِ ضروري هو. ان 4 زالن کان سواءِ خدمت لاءِ ٻيون به عورتون ۽ ٻانهيون هونديون هيون. چنگيز خان پنهنجي زالن جي خيمن ۾وڃي ڪري الڳ الڳ انهن کان حال احوال معلوم ڪندو هو. خيمن جي حفاظت لاءِ شاهي گارڊ هوندا هئا ۽ ڪجهه زالون الڳ سان پنهنجا محافظ رکنديون هيون. چنگيز خان جي سينيئر زال ساڻس گڏ هوندي هئي جنهن مان 7 کان 9 ٻار هوندا هئا، جڏهن ته جونيئر زالن جا ٻه کان ٽي ٻار هوندا هئا. سينيئر زال دعوتن ۾خان سان گڏ ويندي ۽ ويهندي هئي جڏهن ته جونيئرز جي جڳهه الڳ هوندي هئي ۽ مهمان نوازي ۾به سينيئر زال اڳيان اڳيان هوندي هئي، مڙس جي مرڻ کانپوءِ بيواهه جي عزت ڪئي ويندي هئي. عورتن ۽ ٻانهين جا گلا دٻائي ماريو ويندو هو.
13هين صديءَ ۾جڏهن ٻه عيسائي تبليغي منگوليه آيا ته انهن مردن ۽ عورتن جي فرضن جو ذڪر ڪيو، مثال طور تي گرمي ۽ سردي ۾منگول پنهنجي ڪئمپ تبديل ڪندا هئا، ته عورتون گاڏي ۾سامان ڏيڻ ۽ لاهڻ جو ڪم ڪنديون هيون ۽ گاڏيون پڻ پاڻ هلائينديون هيون، عورتون مال جي سار سنڀال ڪنديون هيون ته مرد گهوڙن جي. مرد گهوڙي جي کير مان شراب تيار ڪندا هئا جڏهن ته عورتون مکڻ ٺاهينديون هيون ۽ کلن سان لباس تيار ڪنديون هيون، جڏهن مرد شڪار يا مهم تي ويندا هئا ته زالون فورن ڪئمپ جو انتظام سنڀالينديون هيون، جڏهن ته چنگيز خان مهم تي ويندو هو ته هڪ زال کي وٺي ويندو هو باقي زالون ڪئمپ ۾رهنديون هيون. جڏهن ابن بطوطه منگوليه جو سفر ڪيو ته ازبڪ خان جي سينيئر زال ان جو استقبال ڪيو ۽ ان جي کائڻ لاءِ ڦل پيش ڪيا، زال سان گڏ 19 ٻيون ملازم عورتون هيون جيڪو هُن جي ڪم ۾مدد ڪري رهيون هيون. چنگيز خان کانپوءِ ان جي جان نشينن جي زماني ۾شاهي محافظن جي اهميت ٿي وئي. اهي گهڻو ڪري گهريلو ڪم ڪارن ۾حصو وٺڻ لڳا هئا، بورچي خاني جي سار سنڀال ۽ کاڌي جي ورهاست ڪرڻ لڳا هئا. هر زال لاءِ الڳ ملازم هوندا هئا، ڪچن جو خرچو الڳ ڪيو ويندو هو، لباس ۽ زيورن جو رواج هو ۽ سواري جي لاءِ اُٺ يا گاڏيون هونديون هيون، هر هڪ لاءِ خرچو ان جي حيثيت جي مطابق ڪيو ويندو هو. هڪ مشنري عيسائي جي مطابق هڪ زال جي خدمت لاءِ ٻه سئو گاڏيون هونديون هيون ۽ ٻانهيون گهريلو ڪم ڪار ڪنديون هيون.
چنگيز خان کانپوءِ منگول ايمپائر جي دولت بي پناهه اضافو ٿي ويو هو، ان لاءِ شاهي خاندان جي ملازمن جو انگ وڌي ويو هو، جن ۾عورتون ۽ مرد شامل هئا، ان جي زير استعمال گاڏين جو انگ به ڪيئي سئو وڌايو ويو هو ۽ هي شاهي خاندانن ۾شاديون ڪندا هئا. طاقتور ٿيڻ کان پوءِ منگولن اغوا ڪري شادي ڪرڻ وارو سلسلو ختم ڪري ڇڏيو هو، جهيز/ڏاج جو بهرحال رواج هو، عورتون واپار ۾پئسو لڳائينديون هيون پر چائينيز، ترڪ ۽ مسلم واپارين جي ذريعي واپار به ڪنديون هيون. منگول سلطنت جي مستحڪم ٿيڻ کان پوءِ حڪمران شاهي عورتن کي تحفا وغيره ڏيندا هئا، انهن کي جاگيرون به ڏنيون وينديون هيون، انهن جا ملازم ڪاريگر ۽ هُنرمند هوندا هئا جيڪو مختلف شيون تيار ڪري وڪرو ڪندا هئا جنهن جو منافعو شاهي عورتن کي ملندو هو، ان لاءِ انهن وٽ مالي وسيلا وڌيڪ هوندا هئا ۽ ان کانسواءِ مال، زمين، تحفا ۽ مال غنيمت جو به ڍير ٿي ويندو هو. عورتون مذهبي مامرن ۾آزاد هيون، سندس جو پراڻو مذهب شاماني هو، نسطوريت، ٻڌمت، عيسائيت ۽ اسلام کي مڃڻ ۾هُو آزاد هيون، ڪجهه عورتون پنهنجا عبادت خانه گڏ کڻي هلنديون هيون ۽ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ ۾به آزاد هيون.
چنگيز خان جي وفات کانپوءِ سندس بيواهون سياست ۾حصو وٺڻ لڳيون هيون ۽ جڏهن خان جي چونڊ ٿيندي هئي ته ڪرولتائي يا اسيمبلي گهرايون وينديون هيون، جنهن ۾خاندان کان سواءِ تمام منگول امرا شريڪ ٿيندا هئا، ان موقعي تي حمايت حاصل ڪرائڻ جي پوري ڪوشش ڪنديون هيون، ان ڪري هر چونڊ جي موقعي تي اڪثر جهيڙا ٿيندا هئا، آخرڪار انهن جهيڙن جي ڪري خانه جنگي به ٿي جنهن ڪري منگول سلطنت جو سربراهه وکري ويو. هن سموري تفصيل ۾حڪمران خاندان سان تعلق رکندڙ عورتن جو ذڪر آهي عام ۽ هيٺين درجي جي عورتن کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جي باري ۾اهو نه ٻڌايو ويو ته منگول سلطنت جي ٺاهڻ ۾انهن ڪهڙو حصو ۽ ڪردار ادا ڪيو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *