تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

چنگيز خان جي مقبري جي 8 سئو سالن کانپوءِ دريافت … سنڌيڪار: طفيل مگسي

8سئو سالن کان ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل هڪ ڳجهارت.جيڪا اڄ تائين ڀڃي نه سگهي آھي.اها آھي ته دنيا جي سڀ کان طاقتور ۽ منگول نسل جي حڪمران چينگيز جو مقبرو.جنهن جي ڳولا لاءِ سالن کان نيشنل جيوگرافڪ .ڊسڪوري ۽ ٻين بيشمار ادارن پنهنجيون ڪافي ٽيمون ان مقبري جي جاچ لاءِ موڪليون پرکين ڪابه ڪاميابي نه ملي سگهي پر چون ٿا ته چين جي مهم جوئي جي ماهرن چنگيز خان جي ان پراسرار بڻيل مقبري کي ڳولڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. هڪ چيني ماهر موجب ڪجهه عرصو اڳ آئون هڪ بلاگ جوجائزو وٺي رهيو هئس، جنهن ۾ دنيا جي مختلف عجائباتن ۽ پراسرار مقامن بابت تاريخدانن ۽ جيولوجيڪل جي ڪمنٽس ۽ رسرچ جي باري ۾ تفصيل سان وضاحت ٿيل هئي، هڪ فرنچ جيولوجسٽ لکيو هو ته هن جي زندگي جي سڀ کان وڏي خواهش آھي ته چنگيز خان جو مقبرو دريافت ڪري سگهي ته 8 سو سال گذري وڃڻ باوجود هينئر تائين چنگيز خان جي قبر دريافت نٿي سگهي ۽ نه ڄاڻ منگولن پنهنجي ان عظيم حڪمران کي ڪيئن ۽ ڪٿي ايتري رازداري سان دفن ڪيو ته ڪافي ماڻھو ان جي ڳولا ۾ نڪتا.وڏيون وڏيون دعوائون ڪيون ويون، بيشمارتاريخ دان ۽ جيولوجسٽ ان تي تحقيق ڪئي پر نتيجو ڪوبه نه نڪتو.چنگيز خان جي مقبري جو اهو اسرار اهرام مصر جي پراسراريت کان به وڌيڪ نڪتو.ويجهڙائي ۾ چين جي ڪجهه تحقيقي ادارن چنگيز خان جي مقبري کي دريافت ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي.
چنگيز خان (چار ڪروڙ ماڻھن جو قاتل) دنيا جي لاءِ ھڪ ظالم حڪمران هو.جنهن تلوار جي زور تي دنيا کي فتح ڪرڻ واري جنون ۾ انڌو ٿي بيشمار انسانن جي رت جون نديون وهائي ڇڏيون هيون سندس فوجيون جنهن علائقي کان گذرنديون هيون پنهنجي پٺيان بربادي جا داستان ڇڏي وينديون هيون. اندازي موجب چنگيز خان جي فوج چار ڪروڙ ماڻھن کي قتل ڪيو هو.چوڻ ۾ ھو منگول حڪمران هو پر هن پنهنجي تلوار جي زور تي ايشيا جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو هو.تاريخ ۾ ايتري وڏي حصي تي اڄ تائين ڪنهن به قبضو ناهي ڪيو. چنگيز خان سينٽرل ايشيا ۾ قائم خوارزم شاهي اسلامي سلطنت کي تباهه وبرباد ڪري ڇڏيو. ۽ انهي جي نقش قدم تي هلندي هن جي پوٽي هلاڪو خان مسلم عظمت جي شاھڪار بغداد کي خاڪ جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.منگوليا کان اٿيل طوفان بيشڪ اسلام جي وچ اوڀر ۽ مرڪز ۽ ايشيا ۾زوال جو سبب بڻيو ۽ ان جو سڄو بار منگول سلطنت جي حڪمران چنگيز خان تي ٿئي ٿو. جنهن جي دهشت کان ايشيا.افريقا ۽ يورپ ڊنل هئا پر منگوليائي ماڻھن جي ويجهو چنگيز خان هڪ عظيم هيرو جي حيثيت رکي ٿو.منگوليائي ماڻھو وڏي بيڪار خيال جا رهيا آھن.اهي پنهنجن بزرگن جي گذري وڃڻ کانپوءِ به ساڳئي ريت احترام ڪن ٿاجيئن سندن زندگي ۾ ڪندا هئا.اڄ به جيڪي ماڻھو چنگيز خان جي نسل کي مڃين ٿا.اهي پنهنجن گهرن ۾ چنگيز خان جي تصوير رکن ٿا.منگوليائي ماڻھن لاءِ اهو عظيم هيرو آھي.جنهن منگوليا کي مشرقي ۽ مغربي ملڪن سا ڳنڍيو.شاھراهه ريشم کي پنهنجو ڪيو.منگوليا جي ماڻھن کي مذھبي آزادي جو احساس ڏياريو.سندس جي ئي دور حڪومت ۾ منگوليائي ماڻھو ڪاغذ جي ڪرنسي جي شروعات ڪئي ۽ ڊاڪ سروس جي به شروعات ٿي.چنگيز خان منگوليا کي مهذب معاشرو ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.
چنگيز خان جي عجيب وغريب وصيت:
دنيا ۾ جيترا به وڏا بادشاهه.سلطان.مهاراجا ۽ حڪمران ٿي گذريا آھن.اهي پنهنجي پٺيان پنهنجا عظيم مقبرا ڇڏي ويا ته جيئن انهن جي ياد هن دنيا ۾ نه مٽجي سگهي پر چنگيز خان جهڙو مشھور حڪمران جنهن جي نان کان دنيا جو ٻچو ٻچو واقف آھي ۽ جنهن کانسواءِ دنيا جي تاريخ اڻپوري آھي.مرڻ کان اڳ عجيب وصيت ڪئي ته هن جي قبر جو ڪو نانءُ ونشان باقي نه رهي، وصيت موجب ائين ئي ڪيو ويو. فوجين ان کي دفنائڻ کانپوءِ ھن جي قبر تي اٽڪل هڪ هزار گهوڙن کي ڊوڙائي زمين کي ان ريت سان برابر ڪري ڇڏيو ته قبر جو نشان بڻجي ويو.ڪجهه ماڻھو ته هن کي اهرام مصر کان به وڏي عجوبي جو درجو ڏين ٿا.چنگيز خان جي موت کي 8 صديون گذرڻ باوجود اهو راز حل نه ٿي سگهيو.انهن 8 صدين ۾ان مقبري جي ڳولا لاءِ ڪافي مهم جو نڪتا.ڪيترا مشن موڪليا ويا پر ان جي قبر جو پتو نه پئجي سگهيو.
ويلي آف خان
نيشنل جيو گرافڪ تي سيٽلائيٽ وسيلي ان قبر تلاش ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي هئي.جنهن جو نالو ويلي آف خان پراجيڪٽ ھو.دلچسپ ڳالھه اها آھي ته چنگيز خان جي قبر تلاش ڪرڻ ۾ غير ملڪي ماڻھن جي ئي دلچسپي هئي.منگوليا جا ماڻھو چنگيزخان جي قبر جو پتو لڳائڻ ۾ دلچسپي نٿا رکن.ان جو سبب شايد خوف به هجي. چيو ويندو رهيو آھي ته جيڪڏھن چنگيز خان جي قبر کي کوٽيو ويو ته دنيا تباهه ٿي ويندي.ماڻھو ان تباهي جا مثال ڏسي به چڪا آھن. ان سبب کان به انهن جي دلين ۾ وهم ويهي رهيو آھي.چيو وڃي ٿو ته 1971ع ۾ جڏھن سوويت يونين ۾ 16هين صدي جي ترڪ منگول حڪمران تيمور لنڪ جي قبر کي کوٽيو ويو ته نازي فوجين، سوويت يونين کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو.جيڪي ماڻھو چنگيز خان جي قبر تلاش ڪرڻ جا خواهشمند هئا.انهن لاءِ اهو ڪم سولو نه هو. چنگيزخان جي تصوير يا ته پراڻن سڪن تي ملي ٿي يا شراب جي بوتلن تي باقي ٻيو ڪو اهڙو نشان ناهي جنهن سان انهن کي مدد ملي سگهي.پکيڙ جي لحاظ کان منگولياايترو وڏو آھي ته برطانيا جهڙا 7 ملڪ اچي وڃن.ايتري وڏي ملڪ ۾ ھڪ اڻڄاڻ قبر کي تلاش ڪرڻ سمنڊ منجهان هڪ مڇي کي تلاش ڪرڻ جي برابر آھي.منگوليا هڪ پٺتي پيل ملڪ آھي.جتي ڪيترن علائقن ۾ پڪا روڊ ناهن .آبادي به نهايت گهٽ اٿس.
گروان گول
90جي ڏھاڪي ۾ جاپان ۽ منگوليا گڏيل طور تي چنگيز خان جي قبر تلاش ڪرڻ جي لاءِ گڏجي پراجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.جنهن جو نالو هو گروان گول.ان پراجيڪٽ تحت چنگيز خان جي پيدائش جي جڳھه مڃڻ واري شھر کينتي ۾ تحقيق جو ڪم شروع ٿيو پر انهي دوران منگوليا ۾ جمهوري انقلاب اچي ويو.جنهن کانپوءِ ڪميونسٽ حڪومت ختم ٿي وئي ۽ جمهوري نظام قائم ٿي ويو.نئين حڪومت ۾ گروان گول پراجيڪٽ کي به روڪرايو ويو. منگوليا جي الان بٽور يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ديما جائو ايردي نتيار 2001ع کان جنگجو بادشاھن جي قبرن جي کوٽائي ڪري انهن جي باري ۾ معلومات کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي.
چنگيز خان جي مقبري جي دريافت
چين جا تاريخدان ۽ ٻيا تحقيقي ادارا مسقل چنگيز خان جي مقبري جي جاچ ۾ لڳل هئا ۽ انهن دعويٰ ڪئي آھي ته هنن چنگيز خان جي مقبري ڳولڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي.
2016جي دريافت:
بيجنگ يونيورسٽي جي آثار قديما جي ماهرن مطابق آنون جي ويجهو مزدورن کي رستي ٺاھڻ جي وقت مختلف ڍانچا مليا.جنهن کان ان دور جي دريافت جي شروعات ٿي.دريا اونون منگوليا ۽ روس ۾ ھڪ دريا آھي.جنهن جي ڊيگهه 818ڪلوميٽر ۽ وهڪرو 94.010 ڪلوميٽر آھي.مقبري کان ٽٽل 68 ڍانچا مليا آھن.انهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهي مقبري کي تعمير ڪرڻ وارن مزدورن جا آھن.جن کي ان مقام کي ڳجهو رکڻ جي لاءِ زندهه دفن ڪيو ويو هو.سموريون قبرون پٿر جي ڀتين سان ڍڪيل هيون.مقبري کان سون جي سڪن ۽ چاندي جي شين جي هڪ ڍير سان گڏ ھڪ ڊگهي باڊي جي مرد جو ڍانچو مليو آھي.جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهو چنگيز خان آھي.مقبري کان ٻارهن گهوڙن جي باقيات جڏھن سورنهن عورتن جا ڍانچا مليا آھن.جن جي باري ۾ يقين ڪيو.وڃي ٿو ته اهي خان جي زالن ۽ ٻانهين جا ڍانچا آھن جن کي قتل ڪري خان سان ئي گڏ دفن ڪيو ويو .انهن ڍانچن جي چئني پاسي ڪاشي جا سڪا، مهرون ۽ ٻيون ڪافي قيمتي شيون وکريل هيون.
آثار قديما جي ماهرن ڪيترن ئي قسمن جي تجربن کانپوءِ ھن ڳالهھ جي تصديق ڪئي آھي ته مقبري کان ملڻ واري ڊگهي قد آوار شخص جي عمر 60کان 75 سال جي وچ ۾ آھي.هن جو موت 1215 کان1235 جي وچ ۾ ٿيو هو ۽ اهو چنگيز خان آھي.مقبرو سوين سالن تائين دريا جي هيٺان رهيو هو.ايستائين ته دريا آنون پنهنجو رستو تبديل ڪيو ۽ مقبري واري جاءِ پاڻي کان ٻاهر اچي وئي.سوين سالن تائين پاڻي هيٺ رهڻ واري ان مقبري جي حالت نهايت رحم جوڳي آھي.ڪيترين سلطنتن کي عبرت جو نشان بنائڻ وارو .لکين انسانن کي ڍانچن ۽ جنگجو بادشاهن مقبرا زمين کان اٽڪل 20ميٽر اندر ۾ ھڪ وڏي ڪمري جي شڪل ۾ ھونديون آھن.جنهن َ۾ ڪافي قيمتي شيون رکيون وينديون هيون.انهن ۾ چيني شيون.قيمتي زيور ۽ روم کان حاصل ڪيل شيشي جون ڪافي شيون شامل آھن.چيو وڃي ٿو ته چنگيز خان جي قبر به اهڙين ئي قيمتي شين سان ڀريل هوندي جيڪي هن پنهنجي اقتدار واري دور ۾ گڏ ڪيون هونديون.
مقدس کينتي پهاڙ
منگوليا ۾ مقبول قصن جي مطابق چنگيز خان کينتي پهاڙين ۾ برخان خالدون نالي جي چوٽي تي دفن ڪيو ويو هو.مقامي قصن جي مطابق پنهنجن دشمنن کان بچڻ جي لاءِ چنگيز خان هتي لڪل هوندو ۽ مرڻ کانپوءِ ان کي هتي دفن ڪيو ويو هوندو.جيتوڻيڪ ڪافي ماهر ان ڳالهھ سان متفق ناهن. الان بٽور يونورسٽي جي تاريخ جي استاد سوڊنم سولمان چوي ٿو ته منگوليائي ماڻھو انهن پهاڙن کي مقدس مڃين ٿا پر ان جو اهو مطلب ناهي ته چنگيز خان کي هتي دفن ڪيو ويو هوندو.انهن پهاڙن تي شاهي خاندانن کانسواءِ ڪنهن ٻئي شخص کي وڃڻ جي اجازت ناهي.ان علائقي ۾ منگولن جي حڪومت جي طرف کان محفوظ رکيو ويو آھي.يونيسيڪو به ان کي عالمي ثقافتي ورثي جو درجو ڏئي ڇڏيو آھي پر ڪنهن به تحقيق سان اڄ تائين اهو ثابت ناهي ٿيو ته واقعي چنگيز خان جي قبر هتي ئي آھي.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *