تازا ترين
  • حيدرآباد: اسپيشل برانچ جو انسپيڪٽر راڻا شفيق ڪورونا ۾ وٺجي ويو*
  • *جهاز سانحو: فوت ٿيل نينگري ناديا خاصخيلي جي ماءُ کي 10 لک رپيا ڏنا ويا *زخمي ٿيل مائره ۽ عزيزان کي پڻ پنج پنج لک روپيا ڏنا ويا آهن: حليم عادل شيخ *
  • *ڊکڻ: ڳوٺ ڇٽي ڊرٻ جي بس اسٽاپ وٽ ڪار جي ٽڪر ۾ 10 ورهين جو توفيق اوڍو فوت *
  • *دادو ۾ رولو ڪتن 6 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو *ٻن ڀائرن حفيظ ۽ ادريس جتوئي سميت 6 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *سنڌ هاءِ پاران لاڪ ڊائون دوران اسڪولن جي فيس ۾ 20 سيڪڙو رعايت برقرار *رعايت جو طريقيڪار واضح ڪرڻ جي لاءِ ڌرين کي مشاورت ڪرڻ جي هدايت *جيڪي 80 سيڪڙو فيس ادا ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ 20 سيڪڙو فيس مسئلو ناهي: عدالت *
  • *ميرپورخاص ۾ رولو ڪتن نينگر سميت 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *زخمي 7ورھين جي حاجي ۽ پيرسن ھاشم کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *جمال شاهه ۾ماڪڙ جا ڪٽڪ پهچي ويا، وڻ، فصل ۽ سبزيون کائي چٽ ڪري ڇڏيون *ماڪڙ جا جنتر، جوئر، وونئڻن جي فصلن، ليمن ۽ ڪيلن جي باغن تي حملا جاري *قرض کڻي فصل پوکيا، ماڪڙ سبب لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: آبادگار *
  • *صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجون جوابدار ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش *سڃاڻپ پريڊ کانپوءِ جوابدار ذوالفقار عرف بگو سهتو 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي *
  • *اخبارن ۽ ڪيبل ٽي وي چئنلز تي به قرضي آبادگارن جا اشتهار هلائڻ جي به هدايت*
  • *کدڙا فقير ڊفالٽرز جي گهرن ۾ وڃي سندن نالا وٺن: سمورين برانچز کي ليٽر جاري*
  • *زرعي ترقياتي بئنڪ ڪورونا باوجود ننڍن آبادگارن جي پويان پئجي وئي، آبادگارن کان قرض اوڳاڙي لاءِ کدڙن فقيرن کان خدمتون وٺڻ جو فيصلو*
  • *لاڙڪاڻو: تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ انڌي موري وٽ مبينا پوليس مقابلو *لاڙڪاڻو: پوليس پاران ٽن ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڪيل ڏوهارين وٽان 2 رپيٽر ۽ ھڪ ڊبل بيرل بندوق ھٿ *لاڙڪاڻو: گرفتار ڏوهاري سنگين ڪيسن ۾ گهربل ھئا: پوليس *
  • *پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ ٽئين ڏينهن به عوام کي رليف نه ملي سگهيو، ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول ناياب*
  • *پير وسڻ ڀرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، مختيار ميرجت فوت ٿي ويو*
  • *سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثا: 3 ڄڻا فوت، 8 ڄڻا زخمي*

چرين جي ڪچھري…عذير عابد

اسانجي پاڙي ۾ ٻه عجيب وغريب ھمراھه رھندا آھن ,ٻئي پاڻ ۾ ماسات آھن , پاڙي جي اڪثريت چوي ٿي ته ھي چريا آھن پر مونکي ھو ٻئي انتھائي پڙھيا لکيا ۽ ڏاھا لڳندا آھن ـ ڪتاب جام پڙھندا آھن پر ھنن پنهنجي مزاج ۾ مزاح کي شامل ڪيو آ , طنز ۽ کل واري لھجي ۾ تمام اھم ڳالھيون ڪري ويندا آھن ـ شايد ان سبب جي ڪري ماڻھو ھنن کي چريو چوندا آھن ـ اڄ ٻئي ماسات مطلب : ڌنو ۽ ولو ھاءِ اسڪول جي گيٽ اندران پارڪ ۾ ويٺا ھيا ـ ويھڻ سان ڪچھري جو موضوع اڄ ماسترن کي بڻايائون : يار ماسترن جا به ڪيئي قسم ٿين ٿا , ھڪڙا پاڻ کي عقل ڪل ٿا سمجھن , اھڙا اڪثر ماستر واتوڙا ھوندا , ھروڀرو پيا ڳالھائيندا آھن ,موضوع ڪھڙو به رکو، ھو چپ نه ڪندا , اھڙا ماستر اڪثر ڪري بيوقوف شاگردن کي گھڻو متاثر ڪندا آھن جيڪي سمجھندا آھن ته اھو ماڻھو جيڪو گھڻو ڳالھائي اھو وڌيڪ ڏاھو آ ـ ”
ڌنو چيس : ھا ماسات ھڪڙا ماستر وري اھڙا آھن جن کي شھر ۾ ھٿ ڏي ته وچ چوڪ تي ٻن آنڱرين جو ھٿ ٿا ڏين ,اھڙا ماستر جيڪي ٻه آنڱرين جو ھٿ ڏين انھن کي ھٿ ڏيڻ کان پوءِ ٻڌائڻ گھرجي ,سائين خدا تعالي اوھانکي عورت ڪرڻ پي چاھيو پر غلطي سان اوھان مرد ٿي پيا آھيو ـ توھان کان ته عورتون به چگي طرح ھٿ ڏينديون آھن پر ڪي وري يار چگا به اٿئي ولو چيس :”پاڻ وارو رياضي جو ماستر حسين بخش ڦوداني ڪنڌار آ , رستي تي بائيڪ تان پري کان سلام جو جواب ڏيندو آ ڪڏھن ڪڏھن ته پاڻ به سلام ڪندو آ ـ
ولو ڏي حوال ڀلا اڄ تو ماسترن کي ڇو ورتو آ ,ٻيا موضوع کٽا آھن ڇا ؟ ادا ماسترن جي به عجيب نفسيات آ , پوءِ ڇو نه پاڻ انهن بابت ڳالھايون ,پاڻ کي ڪلاس جو بادشاھ ٿا سمجھن اھو به ڪنهن جھموري ملڪ جو وزيراعظم نه پر فاشسٽ ڊڪٽيٽر جنرل ضياالحق ، سچ پڇين نه جھڙا علم جا واھڙ انھن وھايا آھن نه ايترو علم ته قديم يونان ۾سقراط جي زماني ۾ به ڪو ن ھو ـ ڇڏ ڀلا ھاڻي ‘ ‘ تون به ھي ٻه اکر انھن کان پڙھيو آن ,ٻيلي نيمڪ حرام نه ٿي ـ ‘ھا ماريو ته انھن ٻن اکرن آ ـ
آخري ڳالهھ ٻڌ ڪالھوڪي اخبار ھٿ اچي وئي , خبر ٿئي ھڪڙي ڪالم ۾ لکيل ھو ته مزاح نگار مشتاق يوسفي لکيو آ : آدمي ايڪ بار پروفيسر ھو جائي تو ساري زندگي پروفيسر رھتا ھي ,خواھه وھ بعد ۾ عقلمندي ڪي باتين ئي ڪيون نه ڪرني لگين ـ”
ملاءِ تاڙو ٻنھي ٽھڪ ڏنا
انجو پوءِ مطلب ڇا ٿيو ؟ !!
اھو مطبل اسان کان نه پڇندو ڪر ـ ھي پاڻ وارو يار جيڪو پاڻ کي وڏو فلسفي ٿو سمجھي ـ اھو اسان وارو ڪلاس جو مانيٽر ان کان پڇجان ـ پر ماسات ھڪڙي ڳالهھ آھي ‘ اھڙا ماڻھو چند آھن جن ان شعبي کي بحث جو موضوع بڻائي ڇڏيو آ ـ ماستر لفظ سنڌي ۾ ڄڻ طنز طور استعمال ٿو ٿئي ـ نه ته اڪثريت موسٽ ڊيسنٽ ماڻھن جي آ ,پڙھيا لکيا ۽ علم دوست استاد آھن ” اھا ڳالھه ت سھي آ ماسات: جيڪي به ھوشيار شاگرد آھن اسان وٽ ڀلا انھن جي ذھن سازي به ته انھن عظيم رھنمائن ڪئي آ جن کي ماستر نه چوڻ گھرجي ڇو ته ماستر لفظ ڄڻ ٽوڪ يا طنز جو استعارو آ
ٻيو ٻڌ ماسات: خبر ٿئي ھي جيڪي ملڪ جا نامي گرامي گلوڪار ھن جن کي انگريزي ۾ ليجنڊ چوندا آھن , اھي ڳائڻ جي ھنر تي ناز ڪرڻ کان پھرين ٿورو ٻولي تي به ڌيان ڏين ھا ۽ ٻه درجا پنهنجي مادري ٻولي ۾ پڙھن ھا ته چڱو ٿئي ھا , سڀ اچار غلط ٿا ڪڍن , ـ سنڌي فنڪارن کان لطيف ۽ سچل ته ٿيو زور پر حليم باغي جي شاعري جا به اچار ٺيڪ نٿا ڪڍن ـ , ھا ماسات اردودان گلوڪارن کي به ناصر ڪاظمي جھڙي عوامي شاعري جي ٻولي به سمجهھ ۾ نٿي اچي ـ ٺيڪ آ ٺيڪ ليڪچر ته جھاڙين ٿو ماسات پر توکي اھا خبر آ ته گلوڪارن لاءِ نامي گرامي نه پر ناميارو لفظ استعمال ڪبو آ ـ نامي گرامي ڌاڙيل ٿيندا آھن ـ ھا ھا ٺيڪ آ ٺيڪ ـ ماسات ڇڏ ان کي ٻيو سوال پڇانءِ ؟ ھا پڇ!! جڏھن ڪو منافق, جيڪو توکي خبر ھجي ته جيڪو ڪجهھ ڳالھائي ٿو ,ڪوڙ ٿو بڪي , ھو پاڻ به انھن ڳالھين تي عمل ناھي ڪندو جيڪو ڪجھه ھو چوندو آھي ,توکي نصيحت يا واعظ ڪري تڏھن تنهنجي ڪيفيت ڪھڙي ھوندي آھي ‘ ماسات ولو , سرڪار جون ايليا جو اھو شعر نه پڙھيو اٿئي :
ڪاش اس زبان دراز ڪا مون نوچ لي ڪوئي ـ
منهنجي ڪيفيت اھڙي ھوندي آ ـ
دل ت چوندي آ ڌرتي جو بار ھلڪو ڪجي ۽ دل جو بوجهه به اھڙن ماڻھن کي ڏسي پر ولو ڇا ٿو ڪري سگھجي !
چـڱو ھاڻي اٿ ته ھلون گھر , لڳي ٿو آسمان کي اسانجي ڪچھري نٿي وڻي ، ڄاڻ ڪڪر وسڻ شروع ٿيا ـ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *