تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

چترڪاري خيالن جي دنيا ۾ ڪئين روح ڦوڪي ٿي؟ … عامر درازي

چترڪاري ڌرتي جي هن گول نقشي تي اهڙو فن آهي جيڪو ڪنهن به تعرف جو محتاج ناهي .چترڪاري دنيا جي حسين خيالن ۾ روح ڦوڪي ٿي بي جان شين ۾ جان وجهو ڇڏي ٿي .ڪابه اهڙي شي جيڪا بظاهر عام لڳندي آهي جنهن تي ڪنهن به عام و خاص ماڻهو جو خيال ئي ناهي ويندو پر جي اُتي ئي ان شي مٿان جيڪڏهن ڪنهن آرٽسٽ يعني چترڪار جي نظر پئجي وڃي ته ان بي جان شي ۾ به ساهه پئجي وڃي ٿو آرٽسٽ ان ۾ رنگن ذريعي اهڙو ته روح ڦوڪي ٿو ڇڏي جيڪو صدين جو پڙاڏو بڻجي پوي .هئين ته پاڪستان ۾ اهو ڪم ڪافي ماڻهو ڪري رهيا آهن پر اسين اتي خاص طور تي سنڌ صوبي جي ڳالهه ڪنداسين ته سنڌ ۾ چترڪاري جو ڪيترو رُجهان آهن ڪيترا نواجوان ڇوڪرا ڇوڪريون ان ڪم ۾ مصروف عمل آهن.اڄ اسين سنڌ جي ان مان واري چترڪاره جو ذڪر ڪنداسين جيڪا ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي . ان جو ڪم ڳالهائي رهيو آهي، ان جي محنت لڪيل ڇپيل ناهي ان جو نالو آهي سحر شاهه رضوي آهي . جنهن لاڪ ڊائون واري صورتحال ۾ جتي هر ماڻهو پريشان آهن اُتي هن اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن جو خيال مٽ ڪرڻ لاءِ هي سٺي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ماڻهو ڪورونا وبا سبب ذهني طور پريشان آهن انهن جي سوچ تبديل ڪرڻ لاءِ انهن کي سنڌ جي تاريخي شخصيتن ڏانهن راغب ڪرائڻ لاءِ هن هڪ سلسلو شروع ڪيو آهي جنهن جو نالو آهي “سنڌ جون سورميون ۽ سنڌ جا سورما”.ان سلسلي کي برقرار رکندي سحر شاهه رضوي سنڌ جي دلير عورت مائي جندو جو پورٽيٽ ٺاهي کيس ڀيٽا ڏني آهي ان کان علاوه هن سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا ڏني آهي جنهن سان سنڌ ۾ سحر شاه جي پينٽگ جو هُل مچي ويو آهي .هن عبدالوحد آريسر جو پورٽريٽ ٺاهيو ۽ اهو وڪرو ڪري ٽي لک ٢٠ هزار روڪ رقم سندس نياڻي حوالي ڪئي هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ حيدر بخش جتوئي، وطن يا ڪفن موت يا آزادي جو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه ۽ سرمد سنڌي جا پورٽريٽ ٺاهي ان مٿان ٺٺول ڪندڙن کي خاموشي سان جواب ڏئي ڇڏيو آهي .
سحر شاهه چترڪاره سان گڏوگڏ هڪ سٺي ليکڪ پڻ آهي .سندس سڃاڻپ سنڌ ۾ سونين آڱرين واري ڇوڪري جي ناءُ سان به آهي ڇو ته سحر پنهنجي هٿن جي جادو سان دل کي وڻندڙ پينٽنگس ٺاهي مداهن تي سحر تاري ڪري ڇڏي ٿي .سحر شاهه ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جهڏي شهر مان پرائي سندس والدين جو خيال هو ته ڊاڪٽر ٿئي پر سحر جي اندر ۾ آرٽ هو هو ننڍي هوندي کان ئي سٺي ڊرائينگ ڪندي هئي تنهنڪري هن ڄامشرو ۾ قائم ڪاليج سينٽر آف ايڪسيلنس آرٽ ۽ ڊزائن ۾ داخلا ورتي جنهن ڪاليج کي هاڻي شهيد الله بخش يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو آهي.جتان هن گولڊ ميڊلسٽ ۾ ڊگري حاصل ڪئي .سحر شاهه ان ئي ڪاليج ۾ ٽي سال پڙهايو به آهي .
سحر شاه هڪ آرٽسٽن جي تنظيم آهي جيڪا انٽرنيشنل طور ته ڪم ڪري رهي هي ان تنظيم جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر آهي. سحر شاهه سنڌ جي امر ڪردارن کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پينٽگ ذريعي متعارف ڪرايو آهي هو سوين انٽرنيشنل ايگزيبشن ۾ حصو وٺي چڪي آهي . ياد رهي ته سحر شاهه جي ٿيسزز منيچر پينٽگس ۾ آهي جنهن کي مغل دور جي پينٽگس به سڏيو وڃي ٿو جيڪا ڪرڻ تمام ڏکي آهي هڪ هڪ پورٽيٽ مهينو مهينو وٺي ويندي آهي هن اهڙي قسم جون انيڪ پينٽنگس ٺاهيوآهن.سڄي سنڌ کي گهرجي ته سحر شاهه جي همت کي سلام پيش ڪن ۽ ان جي ڪم کي وڏي پئماني تي ساراهين ته جئين کيس اُتساهه ملي سگهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *